نئون ڪوٽ: 14 سالا نينگري پونڪي ڪولهي کي مبينه اغوا ڪري ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار ولي محمد ٽنگڙي کي ڊي ايس پي جھڏو نئون ڪوٽ ۽ جهڏو پوليس گڏيل ڪاروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتو آهي.نئون ڪوٽ ٿاڻي تي جوابدار ولي محمد ٽنگڙي خلاف مبينه ڏاڍائي جو شڪار ٿيل معصوم نينگري پونڪي ڪولهي جي چاچي ڪرشن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته نينگري پونڪي ڪولهي جا ميڊيڪل لاءِ جزا ورتا آھن رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ حقيقت جي خبر پوندي.