لاهور: مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ شڪست تڏهن تسليم ڪري جڏهن ان کي هارايو ته وڃي. هڪ ٽويٽ بيان ۾ مريم نواز چيو ته شينهن جو شڪار ڪرڻ ڪڏهن به آسان نه رهيو آهي، شينهن کي هارائڻ لاءِ توهان جيڪي حربا آزميا انهن جو داستان جلد سامهون اچڻ وارو آهي، ياد رکو ۽ انتظار فرمايو ته ن ليگ پنهنجو ۽ اين اي 249 جي عوام جو حق ضرور واپس وٺندي، انشاءَالله