کورواھ(ن پ ا) ويجهو ڳوٺ عثمان بروهي جي پرائمري اسڪول ۾ استاد نه هجڻ سبب شاگردن جي تعليم متاثر شاگردن حبدار علي شهزاد علي زوهيب ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اسڪول ۾ استاد نه هجڻ سبب اسان تعليم کان محروم آهيون، هنن چيو ته اسڪول ۾ استاد جي مقرري لاءِ اعليٰ عملدارن کي پڻ لکيو آهي ته پر ڪو به عمل نٿو ٿئي، هنن تعليم جي وزير سيد سردار شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڳوٺ جي اسڪول تي استاد مقرر ڪري کين تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي.