خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري خالد چاچڙ ۽ ڊي جي منور علي مهيسر جي خاص هدايتن تي ثقافت کاتي پاران خيرپور ضلعي جي فنڪارن، سگهڙن، شاعرن، اديبن ۽ سازندن ۾ سالياني وظيفي جي مد ۾ 60، 60 هزار رپين جا چيڪ تقسيم ڪيا ويا، جن ۾ صوفي راڳي رجب سهراب فقير، ڍولڪ نواز ديدار علي، شهزادو، فنڪار محبوب علي، هنرمند عورت نيامت ملاح، سياڻي خاتون ۽ ٻيا شامل آهن، جڏھن ته بيمار شاعر سجاد ميراڻي، برڪت علي، شاعر علي حسن سرڪي ۽ ٻين ۾ علاج لاءِ مالي سهائتا جا چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي سچل اڪيڊمي خيرپور  جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم منگي صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه فنڪارن، شاعرن، اديبن ۽ سگهڙن کي نياڻين جي شادي ۾ مالي مدد طور 50 هزار کان هڪ لک رپين جا چيڪ پڻ ڏنا ويا آهن، ثقافت کاتي پاران   خيرپور ضلعي جي شاعرن، اديبن، فنڪارن، سگهڙن ۽ سازندن جي مجموعي طور اٽڪل 50 لک رپين جي مالي سهائتا ڪئي وئي آهي.