روھڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو سنگرار ٿاڻي جي حد سيرائي ۾ فصل مان ٽريڪٽر ٽرالي ڪراس ڪرڻ تان بنگلاڻي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ تعلقي روهڙي آندو ويو، زخمي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته جعفري برادري جي 15 کان وڌيڪ ماڻهن حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نوجوان سعيد عرف رند بنگلاڻي زخمي ٿي پيو آهي، ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيرائي جي سيد حيدر علي شاھ جا ھاري آھيون، زمين تي بيٺل فصل مان ٽريڪٽر ٽرالي ڪراس ڪرڻ تان جهيڙو ٿيو آهي، جعفري اصل ڪنڌڪوٽ جا رھواسي آھن، جيڪي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي سنگرار پوليس جو چوڻ هو ته جهيڙي واري ھنڌ پھچي جهيڙو بند ڪرائي زخمي کي ليٽر ڏئي علاج لاءِ اسپتال موڪليو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.