بھرام(ن پ ا) شهدادڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 196 تي نامزد پيپلز پارٽي اميدوار خورشيد احمد جوڻيجو ۽ پ پ ايم پي اي نادر مگسي سان گڏ ڳوٺ شاھي ۾ عزيز الله مگسي ۽ خادم حسين مگسي وٽ يوسي ڪارڙا جي چيئرمين مبشر کھاوڙ پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. ڳوٺ نبي بخش کوسو، ڳوٺ محد يعقوب کوسو، ڳوٺ نور خان، ڳوٺ جواڻو مگسي، ڳوٺ ڪنڊي مگسي، ڳوٺ دائو ڪلھوڙو، ڳوٺ ڌڻي بخش بروھي ۾ ڪارنر گڏجاڻيون منعقد ڪيو ويون، خورشيد احمد جوڻيجو ۽ پ پ ايم پي اي نادر مگسي درگاھ حاڪم علي شاھ ۾ گادي نشين علي حيدر شاھ سان ملاقات ڪري دعا گھرائي، خورشيد جوڻيجو چيو ته ھي سيٽ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران خالي ڪئي وئي ھئي جنهن ۾ 21 اپريل تي ٻيھر اليڪشن ٿي رھي آهي. ھن چيو ته بھرام جي عوام سدائين پ پ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ھاڻي به ساٿ ڏئي ڪامياب ڪندا. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي نادر مگسي چيو  ته ميروخان تعلقي ۾ اڳ به پ پ دور ۾ ڪم ٿيا ۽ ھاڻي به پ پ ئي ڪم ڪندي.