ڄامشورو(رپورٽر) سروري تنظيم، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” سنڌ اندر خاص ڪري اتر سنڌ ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوليس نظام ۾ سڌارا آڻڻ ۽ ڌاڙيلن خلاف وڏو آپريشن ڪري معصوم ٻارڙي پريا ڪماري سوڌو سمورين مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.  مخدوم سعيد الزمان “عاطف” وڌيڪ چيو آهي ته اتر سنڌ ۾ ڏوهارين پاران حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ وڏو سواليا نشان آهي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ٻريل باھ هاڻي اتر کان ڏکڻ طرف وڌي رهي آهي جيڪو سنڌ جي ماڻهن لاءِ سٺو سنئون ناهي. مخدوم سعيد الزمان “عاطف” جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف جامع ڪارروائي نه ٿيڻ ئي ڏوهن ۾ اضافي جو ڪارڻ آهي ٻيو ته سنڌ جي ماڻهن مان لاشعوري طور تي پنھنجي قومي روايتن کي وساري ڇڏڻ به آهي جنهن جو نقصان اسان هن وقت ڀوڳي رهيا آهيون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ به خطري جي گهنٽي آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت فوري طور تي فوج ۽ رينجرز جي مدد سان ڏوهارين ۽ انهن جي ساٿارين خلاف ڪارروائي ڪري معصوم پريا ڪماري سوڌو سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪري.