خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سوڀوديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر گل حسن سومرو، وڏي منشي احسان علي مڱڻيجو ۽ اي ايس آءِ نبي بخش بروهي خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته عدالتي حڪم تي عدالت جي ريڊر سيد گدا حسين شاهه طرفان شوڪاز نوٽيسن باوجود عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪندڙ گمبٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر ذوالفقار علي چاچڙ ۽ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر عبدالقادر جتوئي ۽ اي ايس آءِ هدايت الله خلاف قلم 175 تحت ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٿرڊ سول جج جي عدالت مان ٽنهي عملدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ويو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.