بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين شھر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪندڙ سٽي ون واٽر سپلاءِ جا تلاءُ گاھ ۽ گندگي جي ور چڙھي ويا آهن. ان حوالي سان شھرين ڌڻي بخش شيدي، اصغر انصاري، شريف، محمد علي جوڻيجو ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾  شھر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪندڙ واٽر سپلائي انتظاميه جي نااھلي سبب صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جي ور چڙھي ويا آھن. هنن چيو ته پراڻين 30 کان 40 سالن جون لڳل پراڻيون پائيپ لائنون جڳھ جڳھ تان ٽٽي ويون آھن ۽ گندگي وارو پاڻي لائنن ۾ وڃڻ سبب اڪثر لائنون بند ٿي ويون آھن. تلائن مان گندگي ۽ گٽر وارو مڪس ٿيل بدبوء وارو پاڻي گھرن ۾ اچي رهيو آھي. ھنن چيو ته مٿان عيد اچي رھي آھي پر بدين جا شھري پيئڻ جي پاڻي کان محروم ۽ سخت پريشان آھن. ھنن ميونسپل ڪميٽي بدين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور سٽي ون واٽر سپلاءِ جي سڀني تلائن جي صفائي ڪرائي شھر جي مختلف علائقن ۾ ٽٽل لائنون نيون لڳرائي شھرين کي صاف پاڻي مھيا ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ عيد کان اڳ ميونسپل ڪميٽي بدين جي آفيس آڏو تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو.