بدين: ميونسپل ڪاميٽي بدين جي وائيس چيئرمين علي اڪبر ميمڻ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته عوام جا بنيادي مسئلا صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ اسان جي اولين ذميواري آھي. اسان ٻين مسئلن  کي حل ڪنداسين پھرئين مرحلي ۾ بدين شھر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪندڙ سٽي ون واٽر سپلاءِ جا ٽئي تلاء جيڪي گندگي جي ور چڙھي ويا آھن ۽ انھن ۾ ڄارو، گاھ سميت گندگي ٿي وئي آھي اسان جلدي واٽر سپلاءِ جي تلائن جي صفائي ڪرائي ۽ شھر ۾ ٽٽل لائنون بدلي ڪرائي ھر ھال ۾ عيد کان اڳ بدين واسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪنداسين.