حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي حڪم تي ايڇ ايم سي جي انتظاميا 37 ملازمن کي پينشن جي مد ۾ رهيل 5 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ عدالتي حڪم بعد اڪائونٽنٽ شمس الزمان ايڇ ايم سي جي وڪيل شهزاد شاهه معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندڙ رٽائرڊ ملازمن ۾ عدالت پهچي سمورا چيڪ ورهايا ايڇ ايم مان رٽائرڊ ٿيل ملازمن رميش، هريچند، اڪبر مسيح ۽ ٻين وڪيلن معرفت ڌار ڌار پٽيشنز داخل ڪرايون هيون. پٽيشنز تي گڏيل طور جسٽس ڪوثر سلطانه حسين ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي ملازمن ڄاڻايو ته رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ انهن سمورا گهربل ڪاغذ فراهم ڪيا پر ايڇ ايم سي انتظاميا کين پينشن، گريجوئٽي ۽ ايل پي آر جي مد ۾ رهيل لکين رپيا رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت جي حڪم بعد ايڇ ايم سي پاران 37 ملازمن کي رهتن جي ادائگي لاءِ  چيڪ جاري ڪيا آهن جنهن تي عدالت ايڇ ايم سي جي اڪائونٽنٽ ۽ ٻين عملدارن کي حڪم ڏنو ته سمورا چيڪ ملازمن حوالي ڪري کين تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.