قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد ڀرسان بچل پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڍولڻ ملاح ۾ ملاح برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  زمين جي مالڪي جي  تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري علي حسن ملاح ۽ شير ملاح زخمي ٿي پيا، اھڙي اطلاع تي بچل پور پوليس واقعي واري هنڌ پھچي زخمين کي علاج لاءِ تعقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو، پوليس موجب ڌرين ۾ زمين جو مسئلو ھلندڙ آھي جنھن تان ڌرين ۾ وڏي عرصي کان هلندڙ آھي جنهن سبب ٻيهر ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو آھي پوليس اھڙي رپورٽ داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.