ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي ڳوٺ علي حيدر جھتيال جي رھواسي عورتن مسمات ڪلثوم جھتيال، رخسانه، نصرت جھتيال ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته  جوابدارن اسان جي گهرن ۾ گهڙي  پنج تولا سونا زيور ، 7 لک رپيا روڪ رقم ، ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدار پوليس جي مدد سان اسان جي گھرن تي قبضو ڪيو آھي، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.