ڊگھڙي(ن پ ا) ڳوٺ جيئو خان ڪلوئي جي رهواسين مڱڻھار برادري جي عورتن رضوانه، سنگهار، سيمه، آسو ۽ ٻين پريس ڪلب ڊگھڙي جي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ اسان جي ڳوٺ جي نوجوان منشيات واپرائڻ لاءِ پئسا نه ملڻ ڪري خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو هو، جنهن بعد اسان منشيات خلاف احتجاج به ڪيو هو، بااثر اسان خلاف منشيات وڪرو ڪرڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، اڄ به اسان جي ڳوٺ ۾ بااثر منشيات فروش ڌرين جا منشيات جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن، جنهن سان نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آهي، هنن ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي۔