خانپور (ن پ ا) سياسي سماجي اڳواڻن، عوامي جدوجھد ڪاميٽي اڳواڻ اصغر سيٺار، شھري اڳواڻ حافظ محمد سليم آرائين، سنڌ ابڙو ويلفيئر ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ ابڙو، سماجي اڳواڻ سيف الرحمان آرائين، محمد عاصم دايو  ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان  ڳالھائيندي چيو آھي ته  ڏوھارين مان پوليس ۽ قانون جو خوف نڪري چڪو آھي، خانپور تعلقي جا ڪوٽ شاھو، ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقن مان ملڪ جي  مختلف علائقن مان اغوا ٿيل مغوين کي پوليس مقابلن ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪندي رھي آھي جڏھن ته پوليس کي ھميشه مغوي ته ھٿ اچن پيا پر  پوليس کان ھميشه ڌاڙيل فرار ٿي وڃن ٿا جيڪا ڳالهه پوليس جي نااهلي ظاھر ڪري ٿي ، کلي عام ڌاڙيل مغوين کي ماري لاش ڦٽو ڪن پيا پر قانون ۽ پوليس جي رٽ مڪمل طور تي ختم نظر اچي پئي  خانپور جا روڊ رستا پڻ ڏوھارين حوالي ٿيل آھن،جتان موٽرسائيڪل ڦر ، ڪار سوار فيمليءَ وارن کان ڦر جا واقعا به ھر روز جو معمول بڻيل آھن، ڪاروباري طبقي کان ڏوھاري ماڻھو کلي عام ڀتي جي گھر ڪري رھيا آھن نه ڏيڻ جي صورت م کين نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ، جوا ، منشيات کلي عام ھلي پئي جيڪا ڏسجن جي جڙ آھي خانپور  جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين پاران مختلف وقتن تي ڏوھاري ۽ ڌاڙيل راڄ جي خلاف احتجاجي ڌرڻا، روڊ بلاڪ ۽ شھر ۾ شٽر ڊائون ڪري احتجاج ڪيا آھن پر پوليس خانپور جي عوام کي تحفظ فراھم نه ڪري سگھي آھي ۽ بدامني پنھنجي عروج تي پھتل آھي.  بدامنيءَ  بابت ڊي ايس پي خانپور ٽائيم نيوز ء پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو  ته ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون جي اڳواڻيءَ ۾ ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪري ڏوھاري راڄ ختم ڪري عوام کي امن ڏيڻ جي لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري عوام کي امن فراھم ڪيو ويندو.