خيرپور (رپورٽر) سوڀوديرو تعلقي جي ڳوٺ سمي جي رهواسين اسحاق علي ملاح، شبيران خاتون ملاح، شازيا ملاح ۽ ٻين عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏجي علائقي جي بااثر اعجاز علي ملاح ۽ نثار احمد ملاح جي زيادتين خلاف خيرپور پهچي ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاهرين چيو ته اعجاز ملاح وارن اسان جي 200 جريب کاتي واري زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جن کي روڪڻ تان مخالف ڏمرجي پيا آهن، مظاهرين چيو ته اعجاز ملاح وارن اسان جي مٿان سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي ۽ خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي تي الڳ الڳ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن جن ڪيسن ۾ اسان جا 2 نوجوان  اي سيڪشن ٿاڻي خيرپور تي لاڪ اپ ڪرايا ويا آهن، واقعي بابت ايس ايس پي کي دانهن ڏيڻ تي جوابدارن اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان کي هراسان ڪيو ۽ زمين تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ سنگين نوعيت جون ڌمڪيون ڏنيون. مظاهرين ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي  جو نوٽيس وٺي اسان کي پنهنجي حصي تحت حق ڏياريو وڃي، ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ زيادتيون ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.