ڦُٽين جو سرڪاري اگهه ۽ سنڌ جا آبادگار

0
182
موجوده حڪمرانن جو ‘طريقهء واردات’ به ساڳيو ئي آهي

سنڌ ۾ زرعي شعبي جا بحران ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن، زرعي شعبو تباهه ٿيندو وڃي. هڪ طرف ڊيزل، بجلي، ٻج ۽ ڀاڻ جون قيمتون وڌيل هجڻ جي ڪري فصل جي في ايڪڙ لاڳت وڌيڪ اچي ٿي. جڏهن فصل تيار ٿئي ٿو ته آبادگارن کي فصل جو مناسب اگهه به نٿو ملي، ايتريقدر جو فصل تي آيل لاڳت به نٿي نڪري. حڪومت زرعي جنسن جو سرڪاري اگهه مقرر ته ڪري ٿي پر ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل نٿي سمجهي ۽ “پاڻ ۾ ڄاڻو” واري پاليسي اختيار ڪندي وچان نڪري ٿي وڃي، نتيجي ۾ آبادگارن کي نقصان ٿئي ٿو. هن ڀيري به وفاقي حڪومت طرفان ڦُٽين جو سرڪاري اگهه 8500 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي پر آبادگارن کان خريداري ان اگهه تي نه پئي ٿئي. سنڌ جي آبادگارن کي ڦٽين جو اگهه 6000 کان 7000 رپيا ملڻ جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ آبادگارن موجب ٻه ڪلو ڪٽوتي الڳ ڪئي پئي وڃي. ڪاٽن جينرز پاران پڻ آبادگارن کي ڦُٽين جي سرڪاري اگهه جي ادائگيءَ جي گهر ڪئي وئي آهي. ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پڻ وفاقي حڪومت کان ڦُٽين جي سرڪاري اگهه تي عمل ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي. هن سنڌ حڪومت کي پڻ سرڪاري اگهه تي عمل کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ملڪ جي حڪمرانن جون پاليسيون اهڙيون نه رهيون آهن، جنهن سان ملڪ جو زرعي شعبو ترقي ڪري. اهوئي سبب آهي جو هي زرعي ملڪ به ڪڻڪ هڪ صنعتي ملڪ (روس) کان گهرائيندو آهي. سنڌ جو زرعي شعبو وڌيڪ تباهيءَ جي ور چڙهيل آهي. پاسما/شگر ملن وارا، هڪ هٽي قائم ڪري آبادگارن کي زرعي جنسن جا مناسب اگهه نه ڏيندڙ واپاري مافيائن جهڙي صورت اختيار ڪري ويا آهن. سنڌ جا حڪمران پاسما جي اڳيان بيوس بڻيل آهن. حڪومت نه ڪمند جي پيڙائي وقت سر شروع ڪرائي سگهندي آهي، نه شگر ڪين ايڪٽ تي عمل ڪرائي سگهندي آهي ۽ نه ئي وري آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه ملي سگهندو آهي. وقت سر پيڙائي شروع نه ٿيڻ سبب ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي ان زمين تي پوکائي نه ٿي سگهندي آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ جي به اپت گهٽ ٿيندي آهي. وري جڏهن ڪڻڪ جو فصل لهندو آهي ته سنڌ سرڪار آبادگارن کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه ڏياري نه سگهندي آهي، سرڪاري خريداريءَ جو ٽارگيٽ پورو ناهي ٿيندو، ننڍن آبادگارن کي باردانو ملي ناهي سگهندو. وري جڏهن ڦُٽين جو فصل لهندو آهي ته آبادگارن کي سرڪاري اگهه ملي ناهي سگهندو. اهو سمورو لقاءُ ڏسندي به نه وفاقي حڪومت مداخلت ڪندي آهي ۽ نه ئي وري سنڌ سرڪار آبادگارن جي واهر لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهندي آهي. هن ڀيري به سنڌ سرڪار ڦٽين جي آبادگارن جي مسئلن کان وٿيرڪي بيٺل آهي. وڏا آبادگار ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان، سياسي دٻاءَ وجهي يا اثر رسوخ استعمال ڪري پنهنجا معاملا حل ڪرائي ٿا وٺن، جو سنڌ جي چونڊيل ايوان ۾ به ايگريڪلچرسٽس جو چڱو موچارو تعداد موجود آهي، جڏهن ته گهڻو نقصان بي پهچ ۽ ننڍن آبادگارن جو ٿئي ٿو.

سنڌ کي پاڻيءَ جو مناسب حصو نه ملڻ جي ڪري زرعي شعبو تباهيءَ جي ور چڙهيل آهي ۽ جيڪا به لپ پاڻيءَ جي ملي ٿي، ان جي به بهتر ريگيوليشن نه ٿيڻ سبب فصل پوکجڻ ته پنهنجي جاءِ تي، ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي. ان حالت جي باوجود آبادگار، ٽيوب ويل استعمال ڪري جيڪو فصل اپائين ٿا، ان جي في ايڪڙ لاڳت به وڌيڪ هوندي آهي، پر ان جي باوجود آبادگارن کي زرعي جنسن جو سرڪاري اگهه نه ملڻ وڏي نا انصافي آهي. سنڌ ۾ آبادگارن کي ڦٽين جي سرڪاري اگهه جي ادائگي نه ٿيڻ تي اسان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته وفاقي حڪومت فوري طور تي مداخلت ڪري آبادگارن کي سرڪاري اگهه جي ادائگي يقيني بڻائي. سنڌ حڪومت کي به ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.