نيشنل ھاءِ وي پوليس ۾ سنڌ جا نوجوان!‎

نيشنل ھاءِ وي پوليس ھڪ وفاقي قانون لاڳو ڪندڙ پوليس آهي جنھن جو ڪم آهي ٽول ٽئڪس اوڳاڙڻ وغيرہ، مطلب روڊن جا بادشاھ نيشنل ھاءِ وي پوليس آهي. ڪالھ پيٽرول آفيسر (سب انسپيڪٽر) جو نتيجو انائونس ڪيو ويو آهي جنھن ۾ پوري پاڪستان ۾ ٽاپ ڪندڙ پھريان ٽئي نوجوان سنڌي آھن، جيڪي سنڌ رورل سان تعلق رکن ٿا. پھرين غلام محمد ابڙو نالي فرسٽ پوزيشن کئني آهي، جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ ٻيو شعيب الرحمان ۽ ٽيون سھيل احمد ميمڻ نالي نوجوان پوزيشن حاصل ڪئي آهي، ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي ته سنڌ جا نوجوان پوري پاڪستان ۾ ھر خطي ۾ پوزيشن کڻي سنڌ جو نانءُ روشن ڪري رهيا آهن.

سرمد ابڙو/لاڙڪاڻو

گهڻا روپ ٿي ويا ماڻھن جا، سڃاڻپ ڏکي آ!

دنيا ۾ عزت ۽ نفس تي ريسرچ ڪرڻ بعد مون ايترو ڄاتو آھي ته ڪافي جاين تي اهڙا ماڻھو به ڏٺا آھن جيڪي پاڻ تي فرضي غلاميءَ جو ٺپو هڻائي ڪافي اڳتي نڪري ويندا آھن، جيتوڻيڪ انهن جي حيثيت محنت، ڪارڪردگي نه هجڻ برابر هوندي آھي، هن معاشري موجب انهن جي عزت وڌي معتبر سماج ۾ شامل ٿي ويندي آھيم جي ڏٺو وڃي ته انهن جي بيڪ گرائونڊ تي ٿوري نظر وجهي به ڳالهائي نٿو سگهجي پر پوءِ به انهن کي مجبوريءَ تحت عزت سان نوازيو ٿو وڃي نه ته جهالت جي رنگ سان رڱيل راڄ سهڻ موجب اصل کي نقل ۽ نقل کي اصل ڪرڻ ۾ ڪا دير نٿو ڪري، اهڙيءَ طرح اسان جي اباڻي ڳوٺن شھرن ۾ اهڙا ڪافي ماڻھو موجود آھن جيڪي ڪنهن چڱي خاندان کي عزت ڏيڻ بدران ڏوڪڙن کي اهميت ڏيندا آھن ۽ چمچاگيري ڪندي وڏا وڏا عهدا ماڻيندي پاڻ کي ڪاٽڪو متعارف ڪرائيندا آھن، جيئن اهي خانداني رئيس، وڏيرا يا معززن ۾ شامل هجن. انهن ڳالهاين تي سوچ ۽ ويچار ڪندي وڏڙن جون ڳالهيون ياد ٿيون اچن ته ابا ڪو وقت هو جنهن ۾ اوهان کي ماڻھن ۾ فرق ڳولڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو، جڏهن هن زمين تي گذر ڪندئو ته انهن ۾ به وٿيون اهڙيءَ ريت اچي ويون آھن، مطلب انساني سڃاڻپ ڏاڍي ڏکي ٿي وئي آهي. مون سميت اڪثر غريب هجڻ ڪري اهميت وڌڻ کان اڃان به گهٽجندي ٿي وڃي ان جو سبب اسان جي زندگي ۾ ڄڻ ڏوڪڙن جو ھجڻ لازم قرار ٿي ويو هجي، پوءِ اهو حلال جو هجي يا ڪنهن غريبن ۽ بيواهن جو ڇو نه هجي پر اهو حرام جو پئسو پاڻ کي ڪنهن جاءِ تي پنهنجو اصلي چھرو ظاهر ڪرائيندو آھي، تنهن باوجود به انسان پنهنجن غلطين کي سڌارڻ بجاءِ اڃان به ٻه قدم اڳتي پنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان دوزخ ڏانهن وڌندو ٿو وڃي، پوءِ به انسان پنهنجي اصل مقام جي تياريءَ بجاءِ دوزخ جي تري ۾ وڃڻ پيو چاهي، تنهن لاءِ ڪوشش ڪجي ته پابند ٿي نماز ادا ڪجي، جنهن سان روح کي سڪون به اچي ۽ خراب ڪمن ۽ حرام جي ڪمائي کان پاڻ کي بچائي سگهجي.

اصغر چنيسر پنهور/ بلال ڪالوني، ڪراچي

عمرڪوٽ گرلس هاسٽل اسڪينڊل!‎

ايئن ته اسان جي ملڪ ۾ هر مسئلي تي انڪوائريون ٿينديون آهن ۽ ڪاميٽيون ٺهنديون آهن پر اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪيتريون ئي انڪوائريون فائلن ۾ دٻجي ويون نه سزائون ٿيون ۽ نه ئي ڪنهن نتيجي تي پهتا، جيڪو يقينن شرم جوڳو عمل آهي ۽ سنڌ جي تعليم کي ڪاپي ڪلچر اڳ ئي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ٻيو اهو ته سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم وارو سلسلو ٿورو اڳتي وڌڻ لڳي ٿو ته ڪجھ اهڙا اسڪينڊل سامهون اچن ٿا جن ڪري ڪيترائي والدين پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ بدران گهر ويهاري ڇڏين ٿا. ڪجھ ڏينهن اڳ عمرڪوٽ ۾ گرلس هاسٽل جي ڪجھ نياڻين کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ نشي آور شين جو استعمال وارو واقعو پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي زير بحث آهي ۽ ان اسڪينڊل کي ڏسڻ لاءِ ٻه ڪاميٽيون به ٺاهيون ويون آهن، هڪ ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ ٻي ڪاميٽي ايس پي عمرڪوٽ جوڙي آهي، اسان اميد ٿا ڪيون ته اهي ڪاميٽيون پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪنديون ۽ جيڪڏهن انهن پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان انجام نه ڏني ته ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي وينديون ۽ تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اسان اهو نٿا چئون ته ڪنهن سان ناانصافي ٿئي پر اسان اھو چاهيون ٿا اصل جوابدارن کي سزائون ٿين ته جيئن وري اهڙا واقعا نه ٿين. ان سان گڏ عمرڪوٽ ۾ جيتريون به پرائيويٽ هاسٽلز هلن ٿيون انهن جي جاچ ڪئي وڃي. عمرڪوٽ جي تعليم سنڌ جي ٻين ضلعن کان اڳتي آهي، ان ڪري اها عمرڪوٽ جي تعليم کي پوئتي ڪرڻ جي سازش به ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ان مسئلي کي معمولي نه سمجهيو وڃي پر ان جي تهه تائين وڃڻو پوندو، هن مسئلي کي رڳو عمرڪوٽ جو مسئلو نه سمجهيو وڃي پر پوري سنڌ جو مسئلو سمجهي هاءِ ليول جي انڪوائري ڪرائي اصل جوابدارن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

جنهن جو نالو

ئي چاهت!

(حصو پهريون)

ڳالھ ان وقت کان شروع ٿي جڏهن ڳوٺ کان لڏو کڻي شهر آياسين ته ڪنهن روزگار سان لڳجي ۽ پنهنجي پيرن ته بيهجي، اسان اچي ڪجھ ڏينھن شهر جون رولاڪيون ڪيون جيئن شهر کان واقفيت ٿي سگهي. ڪجھ ڏينھن ڪندي هفتو پورو ٿي ويو ۽ هاڻ کيسا خالي ٿي ويا جو پاڻي جي بوتل وٺي سگهان. اھڙي ريت ويهي سوچيم ته صبح سويل واپس ڳوٺ لڏو کڻي هلجي، ته وري سوچيو ته بس هڪ هفتي ۾ واپس ڳوٺ اهڙين سوچن ۽ ڳوٺ وارن جي مهڻن صفا ٺاهوڪو ڪيو. جو نه هن پاسي جا نه هن پاسي جا، بس ڳڻتين اچي ورايو، بهرحال هر مئسلي بعد حل به ايندو آهي سو نيٺ صبح سوير اٿي مارڪيٽ جو رخ ڪيو ۽ افغانين وٽ هوٽل تي تاريخ جو ڳالهايم ۽ ڇڪي ڇڪي ڏينهن پورو ڪيو ۽ تاريخ وٺي گهر پهتس ۽ جيئن ٿورو آرام لاءِ ليٽيس ته وڃي ٻئي صبح جا 11 ٿيا. انڌو منڊو تيار ٿي افغان پٺاڻ وٽ پهتس ۽ ٿورو گهڻو ٻڌڻو پيو ۽ وري واپس ڪم ۾ لڳي ويس، اهڙي ريت اچي مهينو پورو ٿيو پر افغانين جو سنڌين سان رويو ڏسي نيٺ هوٽل کي ڇڏي اچي بس اسٽاپن تي جوس ۽ بوتلون وڪيم، اتي به مزو نه آيو ۽ رات جو آسمان تي چنڊ، تارن کي نهاريندي نهاريندي نيٺ خيال ٿيو ته 12 درجا پڙهيل آهيان ڇو نه اڳتي به پڙهائي کي جاري رکان ۽ ڪو پارٽ ٽائيم ڪيان، ان لاءِ ڪنهن آفيس اسڪول شاپنگ مال ۾ ڊيوٽي ڪيان ته اهو بهتر رهندو. اهو ارادو پختو ڪري صبح گهران نڪتس ۽ اڌ شهر گھميس پر ڪٿي ڪم نه ٿيو نيٺ وڃي هڪ اهڙي جاءِ ته پهتس جٿي چڱا، ڀلا به اچي سائين سائين ڪري سڏيندا هئا. جنهن هنر جو رعب ئي اڳ هو، بهرحال اتي هڪ مائٽ جي پڇا ڪري وڃي کيس ڳولي لڌم ۽ حال احوال ٿيو، هو راضي ٿيو، صبح سوير آفيس اچڻ جو چيائين. خوشي ۾ گهر پھچي ڪپڙا استري ڪيم ته صبح آفيس ويندس ۽ هر ڪو سائين سائين ڪندو. ڪپڙا استري ڪرڻ بعد سمهي رهيس ۽ صبح جو تيار ٿي امان جون دعائون وٺي آفيس نڪتس. اتي امان چيو ته پٽ هڪ منٽ مون کي ٻڌاءِ ته آفيس آفيس پيو ڪرين، ڪهڙي آفيس آهي؟ ڪٿي آفيس آهي؟ ڇا جي آفيس آهي؟(جاري)

ماڻڪ حڪيم جروار/ بڪيراشريف

انگريزن جو ڪارو قانون!‎

انگريز جا ڪارا قانون ھيل تائين غلام قوم تي رائج آھن، جن مان ھڪ اھو به آهي ته ڪاغذ اسٽيٽ ڪرائي اچ واپس وڃ گريڊ 17 واري آفيسر کان کان اٽيسٽيڊ ڪرائي پوءِ اچ. اھو روز جو معمول آهي ڪو ٻڌائي سگھندو ته گريڊ 17 جي آفيسر جي تصديق پاڪستان ۾ اسان تي ڇو لاڳو آھي؟ ڇا ڪاغذن جي تصديق جو اھو ئي واحد معيار آهي؟ ڇا گريڊ 17هين جي آفيسر ۾ ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي ڪا انجن يا مشين هوندا آھن؟ مزي جي ڳالهه اها به آهي ته اهو امتحاني بورڊ يا آفيس جنھن اوھان کي ڊگري ڏني ھوندي آھي، انھن وٽ فوٽو ڪاپي کڻي  وڃو ته اھي به چوندا وڃو ڪاغذ گريڊ 17 جي آفيسر کان اٽيسٽيڊ ڪرائي اچو. نادرا وارا پاڻ ڪمپيوٽر مان مڪمل رڪارڊ چيڪ ڪرائڻ کان پوءِ به چوندا وڃو گريڊ 17 واري وٽ ڪاغذ اٽيسٽيڊ ڪرائي اچو، جيتوڻيڪ نوڪري فقط اٽيسٽيڊ ٿيل ڪاغذن تي ناھي ملندي، انٽرويو مھل چوندا آهن ته اصل ڪاغذ ڏيکاريو. اصل ڪاغذ ڏيکارڻا پوندا آهن، جنھن مھل تائين لاڳاپيل بورڊ مان ڊگرين جي چڪاس ناھي ٿيندي تيستائين پھرين پگھار به جاري ناھي ٿيندي ته پوءِ ھي گول گول ڇو ٿا گمائين؟ انگريزن جي ٺاھيل ڪاري قانون آفيسر شاھي جي غلاميءَ لاءِ ھن قسم اصول جاري ڪيا ھئا جيڪي اڄ به لڪير جي فقيرن تي مڙهيل آھن. نوڪرين يا نادرا لاءِ ڪاغذ 17هين گريڊ واري آفيسر کان سائن ڪرائڻ وارو مرحلو انتھائي دربدري وارو ھجي ٿو. اڪثر سرڪاري ملازمن جي ڪنڌ ۾ غرور تڪبر جو ڪوڪو لڳل ھوندو آھي، جن وٽ وڃڻ ھٿ ٻڌي عرض ڪرڻ، ھاڻ سائين جن جو موڊ ڪھڙو ھجي، سائين واندا ھجن يا نه ھجن، سائين جن چوڻ يار اسين ڦاسي ويا آھيون، اسان ڪو ٺيڪو ناھي کنيون، ڪي چون يار مون ته ٽٻو به ناھي ٺاھرايو، ڪي چون ٺپو گم ٿي ويو آهي، جي ڪنھن تصديق ڪري ڏني سڄي ڄمار سائين جي احسان ھيٺ ڌٻيل رھبو، عجيب مذاق آهي دنيا چنڊ کان به اڳتي نڪري وئي آھي، اسان کي ٽرڪ جي بتي جي پويان لڳائي ڇڏيو اٿن، اھڙي قسم جا ڪارا قانون ڪير ختم ڪرائيندو؟ خدارا پنھنجا نظام اپڊيٽ ڪريو، غلاميءَ جون پراڻيون روايتون ختم ڪرايو، ماڻھن لاءِ سولايون پيدا ڪريو.

الھڏنو راھمون/ سجاول

آپگھاتن جا وڌندڙ واقعا ۽ اسان جا حڪمران!

خوشحال سنڌ هن وقت آپگھاتن جي گهيري ۾ آهي، اهو ڏينهن خالي ناهي جو ڪو نوجوان پنهنجو پاڻ نٿو ماري، گذريل ڪجهه عرصي دوران آپگهات جي واقعن ۾ جيڪا تيزي آئي آهي ان جو اندازو ميڊيا ۽ سنڌي اخبارن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو جو هر ٻئي ڏينهن آپگھاتن جي واقعن سان ڀريل خبرون ملن ٿيون، جيڪو اها خبر پڙھي ٿو اهو ڳڻتي ۾ وٺجي وڃي ٿو پر حڪومت جي ڪنن تي جونءِ به نٿي سُري، آسپاس نظر ڦيرائجي ته معلوم ٿيندو ته امير، امير ۽ غريب غريب ٿي رهيو آھي، سو نهايت ئي ڳڻتيءَ جوڳي خبر اها آهي ته قدرتي وسيلن گيس، پئٽرول، ڪوئلي سان مالامال ۽ خوشحال سنڌ وڌندڙ مهنگائي بک، بيروزگاري، بدحالي، بيوسي، غربت، لاچاري عدم تحفظ، لاوارثي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ٻين سماجي مسئلن جي ڪري سنڌ ۾ آپگھاتن جي واقعن جو لاڙو ڪافي خطرناڪ حد تائين وڌيو آهي. ڪالهه به بيروزگاري، مهانگائي ۽ گهرو مسئلن سبب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 6 نوجوانن آپگھات ڪيا، بيروزگاري، مهانگائي، گهرو پريشاني کان تنگ اچي دڙو جي پورهيت پنهنجي زندگي جو انت آندو، سنڌ جو رهواسي سڪندر ملاح پاڻ لائيٽ ۾ ڏنو ۽ هو فوت ٿي ويو، مرحوم 6 ٻارن جو پيءُ هو، سندن آپگھات جو ڪارڻ فقط “بک” هئي. غربت ۽ بک سندن پيڇو نه ڇڏيو، جڏهن ته غريب اڳ ۾ ٻن ويلن جي پيٽ ڀري ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي مٿان وري انتها درجي جي بدامني ماڻهن جي زندگين کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي، ان جا ڀيانڪ نتيجا هاڻ تيزيءَ سان ظاهر ٿي رهيا آهن. هڪ طرف بک ماڻھن تي حملي آور آهي ته ٻئي طرف ان انتها درجي جي بدامني جا جيڪي اثر ظاهر ٿيا آهن اهي ماڻهن جي حياتين کي متاثر ڪري رهيا آهن يا انهن جي ڪار ونهوار ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن. هڪ طرف بدامني ڪري ماڻهو نفسياتي مسئلن جو شڪار آهن ته ٻئي طرف لاڳيتو بيروزگاري، بدامني ڪري ڪاروبار ٺپُ آهن، ڪا آمدني نه ٿيڻ ڪري ۽ گذر سفر نه هئڻ ڪري ٻچڙن جو پيٽ نه ڀرڻ، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جو  وقتائتو ۽ گهربل علاج نه ڪرائڻ، ماڻهو بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ کي اوليت ڏئي رهيا آهن.

جاويد احمد شيخ/ ڪنڌڪوٽ

دلي سڪون ۽ راحت ڪيئن حاصل ڪجي؟‎

دلي سڪون ھجڻ ھڪ اھم ڳالهه آهي، جنھن ماڻھوءَ کي دلي سڪون نه ھوندو اھو خدا پاڪ جي ڏنل مڙني نعمتن کان فائدو نه وٺي سگھندو آھي ۽ جي ان کي فائدو حاصل ٿيندو به آهي ته هو ان مان لطف اندوز نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان کي دلي سڪون حاصل نه ھجي ۽ دلي سڪون به ھڪ وڏي نعمت آهي، دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه اھم ڳالهيون اوھان جي سامھون عرض رکجن ٿيون ته جيئن اسان کي دلي سڪون حاصل ٿي سگهي. پھريون ته ڪثرت سان استغفار ڪجي ۽ رب پاڪ جي بارگاهه ۾ سچي توبهه ڪجي ۽ چڱا ڪم ڪجن ۽ رب تعاليٰ جي رضا خاطر غريب بي يارو مددگار ماڻھن جي مدد ڪجي، خدا پاڪ کان دعائون گھرجن ته رب سائين اسان کان ٿيل گناھ معاف ۽ درگذر فرماءِ ۽ جيڪا زندگيءَ باقي آهي سا صراط مستقيم تي ھلڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ صابرين، شاڪرين، صالحن جي صف ۾شامل ٿيڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين ثم آمين. اھڙيءَ طرح دلي سڪون حاصل ٿيڻ سان اوهان جي زندگيءَ خوشحال بڻجي ويندي ۽ ننڍين ننڍين عملن تي اوھان گھڻو اجر حاصل ڪري سگهو ٿا.

ايم فل اسڪالر عبدالقدير جانوري/ خيرپوري

عيد غدير اعلان ولايت!

عيد غدير جيڪا اسان شيعان حيدر ڪرار جي تمام وڏي ۾ وڏي عيد آهي، جيڪا ھر سال 18 ذوالحج تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهائي ويندي آهي، ھر طرف جشن جا پروگرام ھوندا آھن ۽ خوشين ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويندا آھن، رھي ڳالھ عيد غدير ڇا آھي ۽ ڇو ملھائي ويندي آھي، ڏسو عيد غدير جو نالو خم غدير جي ميدان مان ورتل آهي، جڏھڻ پاڻ ڪريم ﷺ جن پنھنجي حيات مبارڪ جو آخري حج ڪري اصحابن سان گڏ مڪي کان مديني طرف وڃي رهيا ھئا ته واٽ تي خم غدير نالي ميدان ۾ پھتا ته حضرت جبرائيل 4 آيت کڻي نازل ٿيا، ان کان پوءِ جيڪي اصحاب تمام اڳتي وڌي ويا ھئا انھن کي حضور ڪريم ﷺ جن واپس گھرايو ۽ جيڪي گڏ ھئا انھن کي انتظار ڪرايو، تنھن کان پوءِ اٺن جي پلاڻن جو منبر تيار ڪرائي پاڻ سان گڏ مولا علي ابن ابي طالب عليه السلام جن سان منبر تي چڙهيا، پوءِ مولا علي عه جن جو ھٿ مبارڪ پنھنجي ھٿ مبارڪ ۾ پڪڙي مٿي کڻي ڏيکاريو ۽ فرمايو: جنھن جو مان مولا آھيان، ان جو علي عہ مولا آھي. ان خوشيءَ ۾ ڪافي اصحاب سڳورن مولا علي عہ جي حق ۾ نعرا ھنيا ۽ مولا علي عہ جن کي مبارڪون پڻ ڏنيون. اسان ھر سال ان خوشيءَ ۾ عيد غدير ملھائيندا آھيون ۽ ھر مسلمان تي فرض آهي ته ھن ڏينھن کي خوشي ڪري ملھائي، تمام عاشقان آل رسول ﷺ کي عيد غدير جون مبارڪون.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان ڳوٺ پريو جمالي واسي!

ڪاڇي جي ڳوٺ پريو جمالي ۾ ڪروڙين رپين جو فلٽر پلانٽ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمون پبلڪ هيلٿ آفيسرن جي نااهلي سبب ناڪارا بڻيل آهن، ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن. پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن، دادو جي پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ ڪرپٽ آفيسرن جي نااهلي سبب پيپلز پارٽي جو ڳڙھ تصور ڪيو ويندڙ ڳوٺ پريو جمالي ۾ ڪروڙين رپين جو فلٽر پلانٽ ۽ واثر سپلاءِ اسڪيمون غيرفعال آهن. پاڻيءَ جي مختلف اسڪيمن جا ٽرانسفارمر اسٽاٽر، موٽر، تارون ۽ مشيري خراب هجڻ بابت ڳوٺاڻن جي شڪايتن جو پبلڪ هيلٿ آفيسرن ڪو نوٽيس ناهي ورتو، جنهن سبب ڪروڙين رپين جون اسڪيمون تباھ ٿيل آهن. پاڻي جون سموريون اسڪيمون غيرفعال هجڻ سبب ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت تڪيلف آهي. ڳوٺ جي اسڪيمن جي مرمتي ڪم جا لکين رپيا پبلڪ هيلٿ آفيسر غلام حسين پنهور ۽ ٻيا هڙپ ڪري ويا آهن، شڪايتن باوجود اسڪيمن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي، جنهن سبب ڳوٺاڻا پاڻي جهڙي بنيادي  سهولت کان محروم آهن، چونڊيل نمائندن، نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين واس وارن کان مطالبو ٿا آهي ته پبلڪ هيلٿ آفيسرن جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي اسڪيمون فعال بڻائي ڳوٺاڻن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ھنج سدائين ڏٻرا!

لطيف سائين جي سٽ سٽ ۽ لفظ لفظ ۾ اسان اٻوجھن جي رھنمائي لاءِ اڻ کٽ ثمر سمايل آهي، رڳو انهن سٽن کي سمجهڻ واري سوچ ۽ اندر ۾ اوتڻ واري اک سان لطيف سائين کي پڙھجي ته ھوند ھن بيچين ڀٽڪندڙ پنهنجي روح کي ڪا راحت ملي پوي. سماج جي انهن متحرڪ ڪردارن جيڪي رات ڏينهن جو فرق ڪرڻ بنا پنهنجي منزل سان عشق ڪارڻ ھر وقت بيچين ھوندا آهن، جن ماڻهن آڏو منزل ماڻڻ لاءِ سندن نيڻن جي ننڊ به رڪاوٽ بڻجي ناهي سگھندي. جيڪي فرد پنهنجي نيڻن جي ننڊ به قربان ڪري پنهنجي عظيم آدرش سان وفا جو وچن ورجائيندا آهن ته تڏهن ئي منزلون اڳيان اھڙن ئي املهه ماڻهن جو انتظار ڪنديون آهن. توڙي جو اھڙا ڪردار ظاھري طور ڀلي اسان کي ڏٻرا، سادا سودا، ڪمزور نظر ايندا ھجن پر سندن سوچ ۽ عمل ايترو ته مضبوط ھوندو آهي جو انهن جي ان ظاھري ڪمزوري جو سندن ڪرت ۽ سفر تي ڪو اثر ناهي پوندو. جڏهن لوڪ ڪجهه ڪرڻ بدران رڳو خوش فھمين مان لطف اندوز ٿيندڙ ھوندو آهي تڏهن اھي ھنج پکين جھڙا ڪردار پنهنجي خوابن جي ساڀيان واري راھ ۾ رڃ جا راھي بڻجي ان اڙانگهي سفر تي نڪري پوندا آهن، جنهن ۾ منزل سان عشق سبب ذري برابر ساھي کڻڻ جو تصور به ناهي ھوندو، کين منزل ملي نه ملي، بس! ھو سفر ۾ ھر وڌندڙ وک کي عبادت سمجهي اڳتي وڌائيندا ويندا آهن. اھڙا مسافر اڪثر منزل ماڻڻ کان وڌيڪ منزل جي ڳولا ۾ ڪيل سفر مان لطف اندوز ٿيندا آهن، ڇو ته ناڪاميءَ کان بنا ڪاميابي ناممڪن آهي. ناڪامين باوجود وڌندڙ وک ئي اڪثر ڪامياب ڪندي آهي. باقي منزل ماڻيندڙ ننڊون ناهن ڪندا پر ھو آڌي رات خوابن جي ساڀيان لاءِ سفر ڪندا آهن، اھڙن انسانن جي زندگي ۾ ڪو فل اسٽاپ ناهي ھوندو، اھڙا فرد سدائين اڻڄاڻ راھن جا راھي بڻجي پنهنجي اندر جي اڊڙيل گودڙي ۾ راھن جي رڃ مان ئي گھڻو ڪجهه پاڻ سان گڏ کڻي موٽندا آهن ۽ اھڙن غير معمولي انسانن جا خواب به غير معمولي ۽ لوڪ کان نرالا ھوندا آهن ڇو ته ھو جيءَ کي جوکي ۾ وجھڻ واري ڪرت اختيار ڪرڻ کان به ڪڏهن ناهن ڪيٻائيندا. بقول لطيف سائين جي ته;

پکي سڀ مچن، هنج سدائين ڏُٻرا،

لوڪ سُتو ننڊون ڪري، هُو آڌيءَ ٿا اُڏرن،

الا ايئن پکين، سُتي سک نه ماڻيو.(لطيف)

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

“پئسو ڀلي توهان جو هجي پر وسيلا سماج جا آهن!”

جرمني جي هڪ مهانگي ريسٽورنٽ ۾ جتي ڪجهه پاڪستانين تمام گهڻو کاڌو آرڊر ڪيو ۽ اڌ کان گھڻو کاڌو بچائي ويٽر کي چيائون ته بس هاڻ هي کڻي وڃ، ان ريسٽورينٽ جي مئنيجر گراهڪن کي روڪيندي پڇيو ته جيڪڏهن توهان کي اهو پورو کاڌو نه کائڻو نه هو ته پوءِ توهان آرڊر ايترو ڇو ڏنو؟ پاڪستانين کيس جواب ڏنو ته اسان روڪ رقم ادا ڪئي آهي، توهان جو ان سان ڇا وڃي ته ڪيترو کاڌو بچايو ويو آهي؟ مئنيجر عورت سندن اها ڳالهه ٻڌي پوليس کي گھرائي ورتو. پوليس آفيسر سموري ڳالهه ٻڌي گراھڪن تي 50 يورو ڏنڊ وڌو ۽ جيڪي لفظ هن چيا اهي شايد اسان جي ذهنن تي به نقش ٿي وڃن، هن چيو ته “پئسو ڀلي توهان جو آهي، پر وسيلا سماج جا آهن ۽ توهان کي ان کي زيان ڪرڻ جو ڪو حق ناهي.” اھو آھي جرمن ملڪ جو قانون ۽ اسان وٽ جيترو جنهن کي وڻي ٿو کائي پر غريبن کي ڪا شيءِ ناهي ڏيڻي، جيتوڻيڪ هن ملڪ جا غريب ماروئڙا ھڪ ويلي جي ماني لاءِ به پريشان، سندس معصومن جون اکڙيون راهون تڪينديون آهن ته بابو مزدوريءَ تان موٽي ته ڪا اٽي جي لپ وٺي اچي، پوءِ اهو ڳڀو ڀلي رکو ئي ڇو نه هجي، پر سندن پيٽ جي باهه شل اجھامي پئي.

ڊاڪٽر راجو ٺاڪر/ملڪاڻي شريف