عمران خان جي مشڪلاتن جي موسم

0
177
عمران خان جي مشڪلاتن جي موسم

  پاڪستان سوڌو دنيا جا ڪيترائي ملڪ موسمي تبديلي جي اثرن سبب شديد نقصان ڀوڳي رهيا آھن. گذريل سال ملڪ اندر ٿيل تيز بارشن سبب ٿيل تباهي جا ڀيانڪ منظر سال بعد به مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيا آھن. اها تباهي ڪيتري وڏي آھي، ان جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته گذريل سال برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن بابت عالمي ادارن پاران ڪيل سروي ۾ چيو ويو آھي ته ٿيل تباهي جي بحالي لاءِ 16 ارب ڊالر يعني ڊالر جي ڪالهوڪي ريٽ جي حساب سان ڪل 4424 ارب، 64 ڪروڙ روپيا گهرجن، جن مان رڳو ساڍا 11 ارب ڊالر يعني 1380 ارب، 21 ڪروڙ روپيا سنڌ صوبي ۾ ٿيل تباهي جي بحالي تي خرچ ڪرڻ جي ضرورت آھي. گذريل سان برساتي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جو ازالو ڪرڻ جون بنا شڪ جي حڪومت ڪوششون ڪيون پر برساتي ٻوڏ متاثرن کي سال دوران رڳو حڪومت جون ڳالهيون ۽ دعوائون نصيب ٿيون آھن. مٿان هن سال جي مون سون جي موسم شروع ٿي وئي آھي. هن سال به جنهن سطح جي برساتن جي پيشنگوئي ڪئي پئي وڃي، خدا ڪري اهي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿين، نه ته معلوم نه آھي ته ماڻهن جو حال ۽ صورتحال ڇا ٿي ويندي، ڇو ته گذريل سال برساتي ٻوڏ سبب ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ متاثر ٿيل اڃان تائين گهرن، فصلن جي ٿيل نقصان جي ازالي جي اوسيئڙي ۾ آھن.

جيئن پاڪستان ۾ موسمي تبديلي سبب نقصان ٿيا آھن، ائين پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي تبديلي سبب پي ٽي آءِ، خاص طور تي عمران خان جو سياسي نقصان ٿيو آھي ڄڻ ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان لاءِ مشڪلاتن جي موسم هلي رهي آھي. انھن حالتن ۾ عدليه مان هن وقت تائين عمران خان کي مسلسل رليف ملي رهيو آھي، جنهن ڪري چوڻ وارا ته اهو چوندا رهن ٿا ته جيترو عدليه مان عمران خان کي رليف ملي رهيو آھي، اوترو شايد ئي ڪنهن سياستدان کي مليو هجي پر ان باوجود بظاهر اهو لڳي رهيو آھي ته عمران خان جي جيون ۾ شروع ٿيل مشڪلاتن جي موسم فوري ختم نه ٿيڻ واري آھي. عمران خان کي 9 مئي جي واقعن جي داخل وڌيڪ ڇھن ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آھي، جن ۾ فيصل آباد، راولپنڊي، ميانوالي، گجرانوالا ۾ داخل ڪيس شامل آھن. عمران خان کان طاقتور حلقن جي سپورٽ کسجڻ ۾ ان جو پنهنجو ڪيترو ڪردار آھي ۽ ڇا عمران خان پاڻ مٿان ڪڙڪي پيل  مشڪلاتن جي موسم کي ٽاري پئي سگهيو؟ وارا سوال اهڙا آھن جن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو پر مختصرن انهن جو جواب آھي ته ها، عمران خان پاڻ مٿان آيل مشڪلاتن جي موسم کي اچڻ کان ٽاري پئي سگهيو پر عمران خان انهن کي ئي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون، جن کيس اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ باقي سياسي پارٽين کي ديوار سان لڳائڻ ۾ وسان نه گهٽايو. عمران خان ۽ ان کي اقتدار ۾ آڻيندڙن وچ ۾ اختلاف ڪٿي دنگ ڪندا، ان بابت هن وقت ڪجھ به يقين سان نٿو چئي سگهجي.9 مئي جي واقعن بعد لڳي اهو رهيو آھي ته عمران خان جي سياست اڳيان بند ٻڌڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آھن پر ان جو مطلب اهو نه آھي ته پي ٽي آءِ سياسي طور تي ختم ٿي ويندي. مونکي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ کي ٽانگا پارٽي مان ملڪ جي وڏي پارٽي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ کي ائين قائم رکڻ چاهيندا، جيئن مسلم ليگ (ن) جي سربراه ميان نواز شريف جي عمر ڀر لاءِ نااهلي ٿيڻ بعد به نواز ليگ کي رکيو ويو ھو. ھاڻي وري انھن ئي قوتن جي آشيرواد سان ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهي آھي. ڳالھ ميان نواز شريف جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته ميان نواز شريف لاءِ جيئن عمران خان جي دور ۾ مشڪلاتن جي موسم عروج تي هئي، ائين هن وقت ميان نواز شريف جي سياست ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ اڳيان رڪاوٽ هٽڻ جو عمل عروج تي آھي. هڪ ڏينهن اڳ يعني خميس ڏينهن نيب پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ عمران خان نيب کي اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جو مستقبل تباه ڪرڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ان کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي به قانون مطابق نه هئي. نيب ۽ روينيو بورڊ نواز شريف ۽ ان جي ملڪيت ۾ 27 حصيدارن جي پراپرٽي غير منجمد ڪئي وڃي”. نه رڳو ايترو پر نواز شريف جو توهين عدالت ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل داخل ڪرڻ لاءِ رستو ڪڍڻ بابت به بل منظور ٿي چڪو آھي، جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 62 تحت نااهلي جي سزا به پنج سال ڪرڻ جو بل به منظور ڪيو ويو آھي، جنهن تحت نواز شريف جي نااهلي واري پنج سال جي سزا جولاءِ 2022 ۾ ختم ٿي وئي  آھي. مسلم ليگ نواز جي هر ممڪن ڪوشش آھي ته عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ملڪ ۾ اچي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري پر نواز شريف خلاف آيل فيصلا نواز شريف جي آمد اڳيان رڪاوٽ آھن. مريم نواز شريف جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ تي پهريان چوڌري نثار ۽ هاڻي شاهد خاقان عباسي جهڙا اڳواڻ اعتراض واري رهيا آھن، ان ڪري نواز ليگ لاءِ مريم نواز کي وزير اعظم بنائڻ واري نعري کي چونڊ مهم جو نعرو بنائڻ آسان نه آھي. ان سان (ن) ليگ ۾ نئون ٻائتال برپا ٿي سگهي ٿو. ان ٻائتال اڳيان بند شهباز شريف ٻڌي سگهي ٿو پر نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ لاءِ اهل ٿيڻ تائين شهباز شريف کي ئي وڏو سياسي فائدو آھي، ان ڪري چونڊ کان اڳ ئي نواز شريف جي متبادل طور مريم جي نالي جو اعلان شهباز شريف پاران ڪرڻ مشڪل لڳي رهيو آھي. نواز ليگ لاءِ نه رڳو اها صورتحال چيلينج بڻيل آھي پر پي ٽي آءِ هٿان پنجاب ۾ وڃايل مقبوليت کي بحال ڪرڻ به نواز ليگ لاءِ چيلينج آھي.

چيلينج ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڳيان به آھن، جن مان وڏي ۾ وڏو چيلينج پنجاب مان قومي اسيمبلي جون گهٽ ۾ گهٽ 2008 جي عام چونڊن جيتريون سيٽون حاصل ڪرڻ وارو چيلينج آھي. 2008 ۾ ٿيل چونڊن کان اڳ بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت بعد پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي ايتريون سيٽون مليون هيون، جنهن ڪري اها مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي سگهي هئي. ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ اوتريون سيٽون ڇو ملڻ گهرجن؟ وارو سوال پيپلزپارٽي لاءِ اهم آھي، جنهن سوال جو  سبب اگر پنجاب جي عوام کي پسند آيو ته پيپلزپارٽي کي سيٽون ملي سگهن ٿيون ۽ پوءِ پيپلزپارٽي مرڪز ۾ حڪومت به ٺاهي سگهي ٿي. باقي هن وقت سياسي مقابلي جي نتيجي جو دارو مدار پنجاب صوبي جي چونڊ نتيجن تي آھي. اگر مقصد پي ٽي آءِ جي پنجاب ۾  مقبوليت کي گهٽ ڪرڻ آھي ته ان لاءِ پنجاب ۾ ڪردار نواز ليگ ادا ڪري سگهي ٿي. سوال هي به آھي ته اگر مرڪز ۾ ايندڙ چونڊن بعد پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿئي ٿي ته پوءِ ڇا پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي مقبوليت اڳيان بند ٻڌي سگهبو يا اهو نتيجو نواز ليگ جي مرڪز ۾ حڪومت اچڻ بعد ڪنهن حد تائين حاصل ڪري سگهجي ٿو، ان کان به وڏو ملين ڊالرز جو سوال هي به آھي ته ڇا ملڪ ۾ عام چونڊون وقت تي ٿي سگهنديون؟ اهو سوال عام بحثن ۾ ورجايو پيو وڃي. موجوده اسيمبلي جي مدت 12 آگسٽ تي پوري ٿي رهي آھي. ان بعد 60 ڏينهن ۾ يعني آڪٽوبر مهيني جي پهرين ڏهن ڏينهن مان ڪنهن هڪ ڏينهن تي اليڪشن ٿي وڃڻ گهرجي پر چيو وڃي ٿو ته موجوده حڪمران اتحاد اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ کان ڪجھ ڏينهن اڳ اسيمبلي کي ٽوڙڻ چاهي ٿو، جيئن عام چونڊون ٻن مهينن بجاءِ ٽن مهينن ۾ ٿي سگهن پر ڪجھ ماڻهو ته اهي خدشا به ظاهر ڪري رهيا آھن ته ڪٿي نگران حڪومت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت وانگر ڊگهي مدت واري نه ٿي وڃي. مطلب ته چونڊن بابت ملڪ اندر غير يقيني واري صورتحال قائم آهي. نه رڳو ايترو پر اهو به سوال انتهائي اهم آھي ته ڇا چونڊون شفاف ٿينديون؟ سوال هي به آھي ته ڇا ڪنهن به پارٽي کي اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيڻ جون ٿيندڙ ڳالهيون چونڊن جي شفافيت تي سواليه نشان نٿيون لڳائين؟ ڏسجي ته اسان جي ملڪ اندر چونڊن جي شفافيت تي هميشه سواليا نشان لڳل رهيا آھن، جيڪي اجايا به نه رهيا آھن. اسان جي ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ ئي مخصوص اندازن سان اهو محسوس ڪرايو ويندو آھي ته چونڊن بعد ايندڙ حڪومت فلاڻي پارٽي جي ايندي. اها بدقسمتي آھي ته اسان جي ملڪ ۾ جن چونڊن ذريعي حڪومتون قائم ٿين ٿيون، انهن تي ڪا به ڌر اعتماد نه ڪري سگهندي آھي ته پوءِ چونڊن بعد قائم ٿيندڙ حڪومت تي اعتماد ڪيئن ٿيندو؟ اسان جي ملڪ ۾ چونڊن وانگر احتساب جو نظام به اهڙو رهيو آھي، جو اڪثر حڪومتي دورن ۾ احتساب جي عمل بابت تجزيا يا ڳالهيون ٿينديون آهن، انهن مامرن جا نتيجا به واضح طور ائين ئي سامهون ايندا آھن. نوي جي ڏهاڪي ۾ جڏهن نواز ليگ جي حڪومت هوندي هئي ته هر ڪنهن کي معلوم هوندو هو ته هاڻي پيپلزپارٽي اڳواڻن جي شامت ايندي ۽ پوءِ ٿيندو به ائين ئي هو. ائين پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ بعد جيڪي ماڻهو نواز ليگ وارن جي شامت ايندي محسوس ڪندا هئا، انهن جون ڳالهيون به درست ٿينديون هيون. نه رڳو ايترو پر پرويز مشرف جي آمريت هجي يا ضياءَ، ايوب خان، يحيٰي خان جي آمريت، سڀني کي معلوم هوندو هو، جيڪي انهن آمرن جي ڇٽيءَ هيٺان وڃي پناه وٺندا هئا، انهن کي احتساب جي اک ڏسي نه سگهندي هئي. ائين عمران خان جي دور ۾ به ٿيو ته رڳو احتساب جي نظام جي گهيري ۾ اپوزيشن آئي ۽ عمران خان جي حڪومت جي ڇٽي هيٺان اچي پناه وٺندڙ احتساب جي دائري کان ٻاهر هئا. هن دور ۾ به اهو ئي ڪجھ  نظر اچي رهيو آھي. ڇا ان عمل کي ڪو شفاف احتساب چئي سگهندو؟ ۽ جڏهن چونڊن کان اڳ ماڻهن کي اقتدار ۾ ايندڙ ڌر نظر اچي وڃي ۽ چونڊن کان پوءِ نتيجا به اهي اچن ته پوءِ انهن چونڊن کي شفاف ڪيئن ۽ ڪير چئي سگهندو؟