انڪار – اقرار  …. ذڪر ‘ابلا’ ۽ “ڀڄ وڏيرا شيدي آيو” جي نعرن جو

0
199

الف ميم

  ٻه ٽي ڏينهن پهرين سموري سوشل ميڊيا آمون انگريز ۽ موسي ڪتائيءَ واري مبينا جهيڙي سان ڀري پئي هئي. همراه انهيءَ ڏينهن جنرل ضياءُ جي جمهوريت واري تختي اونڌي ڪرڻ واري پروگرام ۾ ڏند چڪ کان پوءَ هٿين پئجي ويا. ٻنهي ڄڻن کي زوريءَ کمون گدڙ وارن ڌڪي پري ڪيو، نه ته معاملو اڃا به زور ٿي وڃي ها.موسي ڪتائي کي انهيءَ پروگرام ۾ ٻن ٽن شموليتي همراهن ڏسي زور سان نعرو هنيو ته، “ضياءَ جا حامي …سڀ …” ابا هن جو نعرو هڻڻ ئي آمون انگريز جو باهه ٿي وڃڻ. چيائين، “بڪواس بند ڪر، مامن جا چمچا…! شهيدن جي پارٽي ۾ تنهنجو ڇا وڃي؟” بس سائين پوءِ ته پروگرام صفا ساٽين جو پاڙو بڻجي ويو.هڪڙي ڳالهه پڌري آهي ته مونکي نه ڪو ڪم آمون انگريز سان آهي ۽ نه ئي ڪو وري موسي ڪتائي ۾ ڪا لالچ آهي. آهن ٻئي بکيا ڀينگ، پر سخن فهم ضرور آهيون. پرک رکون ٿا. گري گنجي جي سڃاڻپ ڪالهه به هئي ۽ اڄ به آهي. موسو ڪتائي ماڻهو ڪمال جو آهي پر آهي خانداني طور تي غريب ماڻهو. شوق اميرن وارا اٿس ته عادتون به اميرن جهڙيون اٿس.آمون انگريز نالي مان ئي پڌرو پيو آهي، جهڙو اٿس نالو، اهڙو آهي به انگريز جو پٽ. ڏيکاءُ شينهن جهڙو اٿس ۽ عمل گدڙن وارا. پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ ڪو هن کان سکي! سالن کان سوين سر سڃا ڪري هاڻي اچي وري موسي جي پويان پيو آهي. موسي ڪتائي ۽ هن جي، جي ويهي ڀيٽ ڪبي ته ڳالهہ اڇي اجري ٿي ميدان تي اچي ويندي. اوهان کي خبر آهي ته ڪامريڊ کمون گدڙ، استاد هڻ کڻ جو شاگرد آهي، سو پاڻ ڳالهہ بنا پروف  جي ڪندا ئي ناهيون.اسان وٽ اهو رواج عام آهي ته ولايتي شئي کي مڙئي گهڻي لفٽ هوندي آهي ۽ ديسيءَ تي ڪنهن جي اک ئي ڪانه ٻڏندي آهي. نه ته ديسي ڪو ويل وکر ناهي پر اسلم تيلي جهڙن ڪاروباري ڪردارن پنهنجي خسيس مفادن جي ڪري اهڙو ته اچي رنگ رچايو آهي، جو هر ڪو اچي ولايتي جي چڪر ۾ ڦاٿو آهي. دانشورن جي ديگڙي ۾ پيل چار چانور ڪنهن ولايتي داڳ کان سواءِ رڌجن ئي نه ٿا.

انهيءَ جهيڙي کان پوءِ آمون انگريز هٿ ڌوئي موسي ڪتائي جي پويان پئجي ويو آهي. هوٽلن، آفيسن، سيمينارن ۽ اخبارن ۾ هن کي موسي کان سواءِ ڪو ٻيو موضوع سجهي ئي ڪونه ٿو. موسو اسان جو پراڻو يار آهي، سو جي کڻي اهو پاڻ ڪنهن خاص سبب جي ڪري اسانجي ڳوٺائي شاه رخ خان جيان خاموش آهي ته ڇا ٿي پيو. “مين هون نا” … نه نه تڪبر کان توبهه ..“مين هون نا” وارو ڊائلاگ اڳي به اسان واري علامتي شينهن جو جهڳو جهڻ ڪري چڪو آهي. “تڪبر، ڪنڌ ڀر” واري چوڻي اسان ۽ اوهان اکين سان ڏٺي آهي، سو اهڙي هلڪڙائي ڪانه ڪبي پر موسي کي ائين بي بلو ڪري مارائبو ڪونه، سو به هڪ اهڙي ٽپتائي کان، جنهن کي اسان بچپن کان سڃاڻون.آمون انگريز جي اخبارن ۾ لکي ٿو ته ڪي ٻيا موضوع کٽا آهن ڇا؟ جو اچي اسان جي يار موسي جي پويان پيو آهي؟ جي اٿس دم ته لکي ڇو نٿو؟ لکي ته آمريت جمهوريت جو لباس پائي رقص ڪري رهي آهي….. پر هي سياسي ڳالهيون آهن. آمون  اڳي ئي نوڪري بچائڻ جي چڪر ۾ آهي، سو هو اهو ڪونه لکندو. وزيرن مشيرن جيڪا ڀينگ ڪئي آهي، هو ان تي به ڪو نه لکندو. هو موسي ڪتائي غريب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به موضوع تي لکڻ جي جرئت ئي ڪانه ٿو ڪري سگهي.

موسو به آهي وزن وارو ماڻهو، سو خاموش آهي. ٿي سگهي ٿو ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ لڳل هجي. نه ته هو هرو ڀرو ائين باهوڙ تي چپ  ڪري ويهڻ واري بلا ناهي. آئون موسي ڪتائي ۽ آمون انگريز ٻنهي کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن اسان کڏهري واري پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسون. انهن ڏينهن ۾ اسان سان گڏ ٻه ٻيا به وقت جا مشهور ماڻهو پڙهندا هئا. ڪير؟هڪڙو مبارڪ ماما شيدي ۽ ٻيو ابلا ابن اوڀايو شيدي. وقت وقت جا ڦيرا آهن. نالا به نصيبن جيان مٽجندي ويرم ئي ڪانه ٿا ڪن. مبارڪ ماما شيدي وڃي بارڪ اوباما بڻيو ۽ ابلا ابن اوڀايو عبدالله شيدي جي نالي سان جڳ جهان ۾ مشهور ٿيو. شملا مرچن وارا پڪوڙا شوق سان کائيندڙ اهو ابلا شيدي ايم اين اي ٿيڻ جي شوق ۾ “ڀڄ وڏيرا شيدي آيو” جا نعرا هڻندو ميدان ۾ لٿو ۽ واقعي به بدين جي سياست مان هن سڀ وڏيرا ڀڄائي وڃي پ پ پ ۾ شامل ڪيا. عبدالله شيدي سان اوباما ياري نه نڀائي، پر يارن مان ياري هلي وئي آهي. هر ڪو فائدي جي چڪر ۾ آهي. باقي “رات گئي، بات گئي” وارو قصو آهي. ماڻهو سنگت جو سهارو وٺي انهن کي سيڙهي بڻائي جڏهن ڪنهن منزل تي پهچن ٿا ته پوءِ کين ڪجهہ به ياد نه ٿو رهي.سو ڳالهه پئي هلي آمون انگريز جي ساڙ جي، ته همراه جي اها پراڻي عادت آهي. دوستن جي غمن تي ته هو پريشان ٿيندو آهي پر جي انهن کي سک ۾ ڏسندو آهي ته اصل سڙي اڱار ٿي ويندو آهي. مجال آهي جي کڻي ڪنهن يار دوست جو اڇو ڪپڙو هن کان برداشت ٿئي! آئون پنهنجي ڳالهه ٿو ڪريان، ان ڏينهن مونکي مهراڻ ڪار ۾ جو ويندي ڏٺائين ته رڙ ڪري چيائين ته، “ياد ڪر اهي ڏينهن، جڏهن بڪيون پيو ٺوڪيندو هئين، ڪاليج ۾ پڪوڙا کائڻ جا پئسا ڪونه هوندا هيئي، اڄ لانگ پئي لڳي تنهنجي شهر ۾”.

مون چيو، “آمون خدا جو شڪر آهي، پر اها باهه اجهاءِ، جيڪا ساڙ ۽ حسد جي تنهنجي دل ۾ دکي رهي آهي. ‘کٽو ۽ کٽڻ ڏيو’ واري اصول تي هلي ڏس. ڏکيو ڏينهن نه ڏسندين”، پر همراهه سر ۾ ڪونه پئي لڳو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، شايد پنجين ڪلاس ۾ هئاسين ته موسي ڪتائي سائيڪل ورتي. ٽڻ ٽڻ ڪندو اسڪول آيو. آمون کي اصل باهه لڳي وئي. چوي بابا بيلجيئم چوي ٿو ته موسي واري پيءُ جمعي پڪوازي اها سائيڪل ميرن واري ڳوٺ مان چوري ڪري پٽ کي ڏني آهي. سڄي اسڪول ۾ اچي گوڙ ڪيائين. اسان نيٺ ماستر خانوءَ کي دانهن ڏني، تنهن يوني ڍنگهر هٿان هڪڙو لڪڻ گهرائي آمون کي اهڙو ڪٽڪو ڏنو، جو وري اهو قصو ئي وسري ويس. خيرو ۽ فقيرو ٻئي ان ڳالهه جا شاهد آهن. خيرو ۽ فقيرو به اڄ ڪلهه نالي وارا شاعر آهن. انهن جي لاءِ به آمون چوندو وتي ته هي ونگار ڪري شاعري لکرائيندا آهن.اهو ساڳيو آمون، ان کي خبر آهي ته ڪير ڪير ونگار تي لکرائيندو آهي، انهن جا نالا ڪونه وٺندو. بزدل ماڻهو آهي. سڌا نالا ڪڏهن به ڪونه کڻندو. باقي هن کان نه وڃي ته موسو ڪتائي نه وڃي. مون کي ياد آهي ته ڪجهه سال پهرين هن اهو ساڳيو حشر اسانجي يار عيدو ڀاڻائي ۽ منو مشڪري سان ڪيو هو ۽ نيٺ انهن جي نوڪري وڃائي چٽ ڪيائين. مشڪرا ڀاءَ هئس پر انهن سان وير نه رکي ها ته چڱو هئس پر همراه ڪونه مڙيو.سو سئو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ته کڻي ڪجهه ٿي پوي پر ائين موسي کي مارائبو ڪونه. اوهان پڙهندڙ کيس اي ميل ڪري چئو ته هو سڌري وڃي. نه ته اسان جا هٿ به ڪونه وڍي ويا آهن. کيس ائين آرام سان يار جو ميڊيا ٽرائيل ڪرڻ ڪونه ڏينداسين.