ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن جي ڳوٺ تاجو پنهور جي رهواسي ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي انجنيئر گلزار علي پنهور جي گهر واري گلشن حديد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج دوران فوتي ٿي وئي، ان حوالي سان گلزار پنهور موجب ته گهر واري کي تيز بخار ٿيو، جنهن سبب کي خانگي اسپتال کڻائي وياسين جتي ڊاڪٽرن پاران انجيڪشن لڳائي وئي جنهن مان ريئيڪشن ٿيو، جتان بعد ۾ اسان آغا خان وياسين جتي گهر واري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. هن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي