ٽنڊو باگو/نندو شھر (نمائندا) ٽنڊو باگو ۽ نندو ڀرسان جهيڙي جي ٻن مختلف واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پهرئين واقعي ۾ نندو شهر ڀرسان ڳوٺ سونو خان سيال ۾ گهٽيءَ جي معاملي تان سيال ۽ ملاح برادريءَ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سيال برادريءَ جا 4 ڄڻا نياز حُسين، عامر علي، جاويد سيال ۽ محمد حسن سيٺار، جڏهن ته ملاح برادريءَ جو هڪ ڄڻو عيدو ملاح زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر نندو شهر آندو ويو، جتان مرهم پٽيءَ بعد سيال برادريءَ جي زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال بدين ۽ عيدو ملاح کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف نندو ٿاڻي تي عامر علي سيال جي فرياد تي ملاح برادريءَ جي ڇهن ڄڻن محمد قاسم، محمد آچار، محمد علي، نور محمد، جمعون ۽ عِيدُو ملاح تي قلم 324،147 ۽ 148 تحت جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري ويو آهي آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي. ٻئي پاسي ٽنڊوباگو لڳ ملاح برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ گھريلو تڪرار تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 2 عورتون نوران، زينت ملاح، عبدالڪريم ملاح، امتياز ۽ راشد ملاح سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪرايو ويو. ٻنھي ڌرين ٽنڊوباگو ٿاڻي تي جهيڙي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪرائي آهي.