لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سولنگي پاڙي جي رهواسي حجامڪو ڪم ڪندڙ پورھيت 25 ورهين جي علي حسن سولنگي عرب پير لڳ وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جي ڀاءُ راشد سولنگي جو چوڻ هو ته ڀاءُ حجامڪو ڪم ڪندو هو، جنهن جي 2سال اڳ شادي مائٽن مان ڪرائي هئي جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي،