ڌاري آبادڪاري، قومي نجات جي جدوجهد ۽ لساني فساد

0
432

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف جدوجھد ٿيندي رھي آھي جنھن جو عام طور دائرو سياسي بنيادن تي مشتمل رھيو آھي. پر ڪجھه وقت کان ڏسڻ ۾ ايئن اچي رھيو آھي ته ھاڻ ڌاري آبادڪاري خلاف آواز لساني ۽ وڳوڙي نفرت جي اظهار طور تيز ٿي رھيو آھي.
ھن نفرت، تشدد ۽ وڳوڙ جي سازشي بيھڪ سوشل ميڊيائي حوالي سان انتھائي گھڻي تيز نظر اچي ٿي.
مٿاڇري طور ڏسڻ سان ان نفرت ۽ وڳوڙ وٽ سنڌ جي مظلوم دوست قومي جدوجهد، نجات، ثقافتي مزاحمت ۽ آزادي جو گھرو تصور موجود ئي ناھي نڪو ان وٽ طويل عوامي جدوجهد جو دڳ ئي سري کان موجود آھي.
اھڙي سوچ سنڌ جي سڄي سياسي عمل جي نندا ڪندي اڪثر ڌاري آبادڪاري خلاف ھٿ اڀو ڪري پاڻمرادو پرتشدد طاقت جي اظھار لاءِ اڪسائيندي نظر اچي ٿي، جنھن جي تمنا ڌاري آبادڪاري کي پاڻ جبر جي ذريعي ڌڪي سنڌ مان ڪڍڻ جو اظھار غالب آھي.
سنڌ جون اڪثر سياسي پارٽيون يقيني طور اھڙي حڪمت عملي کي پنھنجي پروگرام جو حصو ته نه ٿيون ٺاھين پر سوشل ميڊيا جو ھاڻوڪو لقاءُ ھر شخص جي پھچ ۾ آھي تنھن جي ڪري “گڏيل واتوڙي اثر” ھڪ نئين روايت ۽ رڌم کي جنم ڏئي ٿو جيڪا سياسي تنظيمي ذھن سازي کان اوپري ۽ ان سياسي جدوجهد ۽ تنظيم ڪاري تي يقين رکندڙ ذھن تي طنز، ٽوڪ ۽ بزدلي جو طعنو ھڻندي ھر پرامن سياسي جدوجهد جي مورچي خلاف ناڪاري طرح حمله آور آھي.
اھڙي طرز عمل جا ڪي سبب ھوندا منھنجي نظر انھن منجھان مک سبب رياست جي ڏنل وٿ ۾ ملي ٿو. سنڌ جي پرامن مظلوم دوست سياسي جدوجهد جي تاريخ کان نالان ھن رياست وٽ فرقيواراڻي ۽ گروھي وڳوڙ پنھنجي حڪمراني ۽ جبر کي قائم رکڻ جو پسنديده طريقو آھي. تشدد، خانه جنگي ۽ لساني، مذھبي وڳوڙي سوچ جي آبياري ھر طرح سان ملڪي ڌرين جي پراجيڪٽ تي رھي ٿو.
سنڌ جي قومي مظلوم دوست سياسي جدوجهد، معاشي، سماجي نجات ۽ آزادي، سياسي جدوجهد ڏاھپ بجاءِ ھلڙ بازي تي ترتيب نه ٿي ڏئي سگهجي.
لڳي ايئن ٿو ته ٻٽي نظام، ٻيٽن جي وڪري جي خلاف ڪامياب عوامي جدوجهد ۽ سنڌ ۾ جبري گمشدگين خلاف جدوجھد جي مضبوط ڇال جنھن خوف کي ڌڪ رسايو بعد ملڪ جا ڪرتا ڌرتا سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ۽ انھن خود ڌاري آبادڪاري خلاف سياسي جدوجهد کي ھاڃو رسائيندي، نفرت، وڳوڙ ۽ لساني فسادن کي عوامي جدوجهد خلاف ڪارگر نسخو سمجھيو آھي.
ان جو ثبوت ان ڳالھه ۾ لڪل آهي ته سنڌ جي سياسي جدوجهد جي ننڍڙي عمل خلاف به ڪات ڪهاڙا کڻندڙ ۽ ھر سياسي ڪارڪن کي خوف ۾ مبتلا ڪندڙ خلائي مخلوق ھن وڳوڙي سوچ کي سھولت ڪاري فراهم ڪندي نظر اچي ٿي. سوشل ميڊيائي نام نهاد ڏاھا ھر ھر ڏارو ڏريندي نظر اچن ٿا. جنھن وٽ ھن ملڪ جي ٻين حصن ۾ ھلندڙ قومي، جمھوري ۽ مزاحمتي جدوجهد جي به ڪا سڌ ڪانھي. نڪو مظلوم دوست سياسي اتحاد بابت ڪا بھتر راءِ يا حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪا ساڃاهه ئي موجود آهي جيڪا ھن ملڪ جي سياسي تضاد کي سولي طريقي سان ڳنڍي سگھي.
ڌاري آبادڪاري سنڌ جي قومي تشخص، ڊيموگرافي ۽ قومي حق حڪمراني جو انتھائي ڳنڀير مسئلو آھي. جنھن تي سياسي مورچي تي جدوجهد جي ضرورت آھي.