سنڌ ۾ بيراجن تي پاڻي کوٽ

0
396

سنڌ ۾ بيراجن تي پاڻي کوٽ جي مسئلي کان اڳ اچو ته سنڌ جي پاڻي مسئلي جو ٻيهر خيال ڪيون، جنهن بابت جناب اوڀايو خشڪ جي عنوان ڀاشا ڊيم جا نقصان، جيڪو پنهنجي اخبار ۾ 6 مئي 2021ع تي شايع ٿيو. انهي مضمون ۾ خشڪ صاحب اهو ٻڌايو آهي ته ڀاشا ديامير ڊيم ٺهڻ ڪري سنڌ کي ڪهڙو نقصان ٿيندو ۽ انهن کي ڪيئن منهن ڏجي؟ ڀاشا ديامير ڊيم وفاقي حڪومت 20 ڪروڙ ڊالرز جي مدد سان پئي ٺاهي. پر ان ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ان تي ڪهڙي نموني ۾ ڪم ڪري ته جيئن سنڌ وارن کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ملي. سنڌ جا ڪالا باغ ڊيم ٿي ڪيترائي اعتراض آهن، جن ۾ پهريون آهي ته ڊيم پنجاب صوبي ۾ ٺهندو ۽ پنجاب وارا انهي ۾ هٿ چراند ڪري سگهندا. جڏهن ته ڪالا باغ ڊيم مان 2 ڪينال به نڪري سگهندا، جنهن جا 4 ملين ايڪيڙ فوٽ ساڄي پاسي واهه پاڻي کڻندو، ۽ 4 ملين ايڪڙ کاٻي پاسي وارو واهه خيبر پختون خواه کي پاڻي ڏيندو. ديامير ڀاشا ڊيم مان ڪو واهه نه نڪري سگهندو ۽ ڇو جو انهي تي ڪا زرعي زمين ڪانهي ۽ ديامير ڀاشا ڊيم مان ڪو واهه نه نڪري سگهندو. پوءِ ڪهڙو آپشن بچيو؟ جڏهن ته تربيلا ديم لٽ سان ڀرجي ويو آهي ۽ انهي ڪري ان جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت 2017ع جي سروي مطابق 40 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي ۽ اڃا گهٽبي. پوءِ ڀاشا ديامير ڊيم ڪهڙو فائدو ڏيندو؟ سوال ٿو اٿي تي پاڻي جي کوٽ ڪيئن گهٽبي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان کي گهربل پاڻي ڪيئن ملندو؟ جيڪو منهنجي خيال ۾ نه ملي سگهندو ۽ اسان تربيلا ڊيم جي پاڻي جا محتاج رهندا سين، جيڪو لٽجي پيو، ۽ اڃا لٽبو ۽ وري واپدا مطابق اها لٽ ڪڍڻ ڏکي آهي، جو نه نڪري سگهندي. پوءِ اسان وٽ ڊيم ڀرڻ جو ڪهڙو آپشن آهي؟. معنيٰ اسان ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهيون ۽ ڪالاباغ ڊيم جي پچر ڇڏيون. انهي نموني ئي سنڌ ۽ بلوچستان کي گهربل پاڻي ملي سگهندو.
پر بنا ديامير ڀاشا ڊيم جي سنڌ ۽ بلوچستان کي گهربل پاڻي ڪيئن ملندو؟
انهي بابت خشڪ صاحب ڪجهه نه چيو آهي ۽ انهي تي خشڪ صاحب کان وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي جي ضرورت آهي. جنهن تي هو وڌيڪ روشني وجهي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ
منهنجي خيال ۾ انهي جو ڪو حل ناهي سواءِ انهيءَ جي ته ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهجي. مان ڪٿي لکي چڪو آهيان ته سنڌ ۽ بلوچستان جا پاڻي جا مسئلا نه حل ٿيندا، جڏهن:
1. منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو نه ڪيو وڃي.
2. چشما- جهلم ۽ تونسا- پنجنداڪينال نه هلايا وڃن.
3. انهن ٻن ڪينالن تي ڪي به بجلي پيدا ڪرڻ جا ذريعا نه لڳايا وڃن.
ٻئي پاسي پنجاب وارا اسانکي منگلا ڊيم جو پاڻي نٿا ڏين، انهي صورت ۾ ڇا ڪجي؟ سواءِ ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي ڪو ٻيو آپشن ڪونهي. پر سنڌ وارا ڪنهن به نئين ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض ڪن ٿا. مان اهو ٻڌايندو هلان ته جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي مهم هلي رهي هئي ته جيئي سنڌ جي ليڊر جناب جلال محمود شاهه مون کي انهي بابت بريفنگ ڏيڻ جو چيو. مان سنڌي ٻولي ۾ انهن لاءِ ڊرافٽ تيار ڪرايو ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ کپي ۽ اسان کي ڀاشا ديامير ڊيم ٺاهڻ تي زور ڏيڻ کپي. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ جلال محمود شاه جو بيان اچي ويو ته سنڌ وارا هر نئون ڊيم ٺاهن جي مخالفت ڪن ٿا. ٻڌايو ته ڇا ڪجي؟ سواءِ انهيءِ جي ته سنڌ وارا ڪنهن به نئين ڊيم جي مخالفت نه ڪن. انهي کا نپوءِ سواءِ ڪو چاڙهو ڪونهي .
ڇا سنڌ وارن جي مخالفت نئوان ڊيم ٺاهڻ تي پوءِ به رهندي.
بلڪل رهندي ڇو جو سنڌ جا ڪيترائي مخالف اڳواڻ پنهنجي ليڊري چمڪائڻ لاءِ اها مخالفت ڪندا رهندا. اسان رڳو ڪوشش ڪري سگهون ٿا، پر پوءِ به سنڌ وارن جي مخالفت ٿيندي رهندي. انهيءَ صورتحال ۾ اسان رڳو دعا ئي ڪري سگهون ٿا، اها قبول ٿئي ٿي يا نه ٿي ٿئي اها الله سائين جي حڪمت تي منحصر آهي، اسان کي پوءِ به ڪوشش جاري رکڻ کپي.