ايڪيوهين صدي جي سنڌ ۾ پٿر جي زماني جو راڄ

0
745

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بنيادي انساني زندگي جي ضرورتن جون گهربل معياري سهولتون نه هونديون، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سرڪار اهو ناهي سمجهيو ته حڪمراني مان مطلب عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ خدمت آهي. هتي ملڪ جي آئين کان وٺي اليڪشنن جي پارٽي منشور ۽ نعرن ۾ کوکلائپ هوندي آهي. هتي حڪمراني جو مطلب اڃا تائين عوام جي مٿان بادشاهتي طرز حمراني ڪرڻ هوندو آهي. اهڙي بادشاهاڻي طرز حڪمراني جو جيڪڏهن اوهان کي ڪو ثبوت گهرجي ته سنڌ جي ٿاڻي احمد خان، ٿاڻي بولا خان، ٿاڻي عارب خان سميت انهي پوري ڪوهستاني علائقي جو هڪ ڀيرو دورو ڪري، پنهنجي اکين سان ڏسي سگهو ٿا ته 21 هين صدي جي سنڌ ۾ اڄ به ڪجهه علائقا اهڙا آهن، جتي پٿر جي زماني جو بادشاهاڻو راڄ آهي.
ڪراچي -حيدرآباد هاءِ وي کان اولهه طرف ڪوهستاني سلسلي جي اندر لکن جي تعداد ۾ انسان رهن ٿا، جن جي زندگي اتي جي ڪنگز آف ڪوهستان جي رحم ڪرم تي هجي ٿي. اهي ڪنگز آف ڪوهستان ستن ڏهاڪن کان هميشه سرڪار جي پاسي رهندا آهن ۽ هر سرڪار انهن جي انهي بادشاهت کي تقويت وٺرائڻ خاطر اتي جي هر اڇي ڪاري جي مالڪي انهي ڪنگ جي حوالي ڪندي رهندي آهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهي سموري ڪوهستاني علائقي ۾ صرف هڪ ئي روڊ ويندو آهي، جنهن جي مٿان ڪا به پراڊو ۽ وڏي گاڏي هلندي جڏهن سامهون ايندڙ ننڍي ڪار کي لائيٽ جو اشارو ڪندي آهي ته انهي جو مقصد اهو هوندو آهي ته اها ڪنگز آف ڪوهستان جي شاهي سواري آهي، تنهن ڪري روڊ تان هٽي پاسي ٿي وڃو. صرف ايترو ئي نه پر انهي ڪوهستان جي پوري علائقي ۾ ڪنهن کي ڪٿان لڏائڻو آهي يا ڪنهن کي رهڻ جو حق ڏيڻو آهي،
ڪنهن جي ٻني يا ڳوٺ ۾ رستو اسڪول بجلي يا صحت مرڪز ڏيڻو آهي يا ناهي ڏيڻو، اهو فيصلو انساني بنيادي ضرورتن جي بنياد تي نه پر انهي بادشاهه جي مرضي تي منحصر هوندو آهي. جيڪڏهن بادشاھ سلامت ڪنهن تي ناراض ٿئي يا ڏمرجي پوي ته انهيءَ جو ان ڪوهستاني بادشاهي ۾ جيئڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.
اڄ جڏهن مون ڪوهستان جي بادشاهي ۾ ٿاڻي عارب خان تائين جو سفر ڪيو ته پنهنجي اکين سان سموري علائقي جو جائزو وٺندو ويس. هر گهڙي ڪنهن نه ڪنهن اچرج ۾ پئجي ٿي ويس. ٿاڻي احمد خان ۽ ٿاڻي بولا خان کان سواءِ رستي تي جيڪي به ننڍا وڏا ڳوٺ نظر آيا ،اهي سڀ ڪکاوان ۽ پيهين نما ٺهيل هئا، جي ڪا پڪي جڳهه انهي ڳوٺ ۾ نظر آئي ته يا مسجد هئي يا ڪا سرڪاري عمارت. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هر ڳوٺ ۾ اسڪول جي عمارت ته آهي پر اتي تعليم ڪونهي. انهي اسڪول جي عمارت جي نالي تي ڀرتي ڪيل استاد توڙي ٻيو عملو انهي ڪوهستان جي بادشاهي درٻار ۾ موجود هوندو آهي.
انهي ڪوهستان جي بادشاهت ۾ سرڪار جي خرچ تي سرڪاري پگهار جي حاصل ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي ڪنهن درٻار جي ملازم کي اها نوڪري ڏيارڻ لاءِ صرف اها عمارت جوڙائي وئي هوندي آهي. ساڳي حالت انهن صحت گهرن جي پڻ هئي جنهن جي لاءِ اتي جي علائقي واسين جو چوڻ هو ته نه ڊاڪٽر نه ڪو ٻيو عملو بس اهي عمارتون عوام کي ڏيکارڻ لاءِ آهن، ڪٿي ڪٿي ڪو ڊاڪٽر هوندو آهي يا انهي جي بدلي ڪو ڪمپائونڊر ايندو آهي ته ٺيڪ باقي مڙيوئي خير. جهڙو تهڙو روڊ ٿاڻي بولا خان يا احمد خان تائين ته هو، پر ٿاڻي عارب خان تائين پنج ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ رستو پٿريلو، وارياسو ۽ نئين جي وچ مان ٿي گذريو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته بادشاهه سلامت جو راضپو ڪونهي تنهن ڪري پڪو رستو ملڻ ممڪن ڪونهي. مونکي حيرت ٿي ته اڄ جي دور ۾ اتي جو رهندڙ انسان اهو ٿو سوچي ته اسان مسڪينن جا ته اهي ئي مالڪ آهن، انهن بادشاهن جي مرضي جيئن راڄ کي هلائين. جيترن به ماڻهن سان اتي ملاقات ٿي يا جن به رستي تان گذرندي عورتن توڙي مردن تي نظر پئي انهن سڀني جي لباس ۽ جسامت مان اندازو ٿيو ته غربت ڪيتري آهي.
ٿاڻي عارب خان ۾ ملندڙ ڪجهه نوجوانن ٻڌايو ته انهن پنهنجي ڪوششن سان ڪجهه ٻار پڙهائڻ شروع ڪيا آهن، پر سرڪار جي طرفان اتي جي تعليم لاءِ ڪو معياري اسڪول ۽ استاد ڪونهي ،جو ايندڙ نسل جو مستقبل بهتر ٿئي. هنن جي چواڻي ته جنهن ضلعي ۾ انهن جا اهي ڳوٺ آهن ان ضلعي ۾ ٽي يونيورسٽيون آهن، پر اڄ ڏينهن تائين سندن ڳوٺ مان ڪو به ڊاڪٽر يا انجنيئر ڪونه ٿي سگهيو آهي، نه ئي انهن يونيورسٽين ۾ انهن جي ڳوٺ جو ڪو فرد ڪنهن ملازمت ۾ آهي.
اهو ٻڌڻ بعد مونکي تمام گهڻي حيرت ٿي ته جنهن ملڪ ۾ سماجي ترقي برابر جي بنياد تي نه ٿيندي آهي اتي اڻبرابري جي ڪري نسلن جي تباهي ٿيندي رهندي آهي ۽ اهي پٺتي پئجي ويندڙ فرد انساني غلامي واري دور ۾ داخل ٿي ويندا آهن. انهي ڪوهستان جي انسانن جو به اهو ئي حال آهي هو اڄ به آزاد هجڻ جي بجاءِ انساني غلامي ۾ گذاري رهيا آهن. انهن جي ايندڙ نسلن جي لاءِ به ڪو رستو نظر نه ٿو اچي، جو هو انهي بادشاهت جي حڪمراني مان نڪري جديد دور جي اندر داخل ٿي آزاد زندگي گذاري سگهن. هن ملڪ جا حڪمران ۽ حڪومت ڪندڙ جماعتون ڄاڻي واڻي انهي ڪوهستان جي بادشاهت کي برقرار رکڻ گهرن ٿيون يا انهن جو انهي سان ڪو تعلق ڪونهي ته هن ملڪ جي اندر اڄ ايڪويهين صدي ۾ به انسان آزاد نه هجن؟
انهي ڪوهستان جي پيچرن تي هلندي جڏهن مون آمريڪا جي رياست نواڊا ۽ ايريزونا کي ياد ڪيو ته مونکي انهن پهاڙن ۾ لاس ويگاس ۽ ٽيوسان جهڙا شهر ٿي نظر آيا، جن ۾ هر رهندڙ انسان کي زندگي جي هر اها سهولت مليل هئي جيڪا نيويارڪ ۽ واشنگٽن جي شهرين کي مليل هئي. هي ملڪ جو آئين هجي ياحڪمران جماعتن جا آئين انهن ۾ لکيل جو ڪجهه نظر اچي رهيو آهي اهو ڪجهه عملي طور ڪرڻ ڪنهن جي به نيت ۾ ڪونه آهي. جڏهن حڪومتون ڪوهستان جهڙي علائقي ۾ انساني بنيادي ضرورتن ۽ سماجي ترقي جي مهيا ڪري ڏيڻ جي بجاءِ ڪنگ آف ڪوهستان پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏينديون ته اتي جا انسان نه رڳو اڄ جي دور ۾ غلامي واري زندگي گذاريندا پر انهن جا ايندڙ نسل به انهي غلامي مان نجات حاصل ڪري ڪونه سگهندا.
هي رياست جيڪڏهن انهن انسانن جي ترقي ۽ بنيادي ضرورتن جي گهرج جو پورائو ڪرڻ کان قاصر آهي ته ڀلي هجي پر گهٽ ۾ گهٽ رياستي پشت پناهي ۾ انهن بادشاهتن کي زنده رکڻ ۾ ته پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري! اڄ جو دور تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، ايندڙ نسل جنهن جي هٿ ۾ موبائيل فون تي نيٽ هلندڙ آهي اهو جنهن وقت به انهي غلامي مان بيزار ٿي بيدار ٿيو ته اهو نه رڳو انهن خودساخته بادشاهن جا تخت ڪيرائي وجهندو، پر هن رياست سان به پنهنجو رشتو ٽوڙي ڇڏيندو. وقت جي حڪمرانن کي ۽ ملڪ جي اصل مالڪن کي انهي تي ضرور سوچڻ گهرجي ته اڄ جي دور ۾ هو سماجي ترقي ۽ انساني بنيادي ضرورتن جي گهرج کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو واعدو ملڪ جي آئين جي شقن ۾ ڪيو آهي اهو پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا يا اڃا به انساني غلامي کي هٿي وٺرائيندي انهن بادشاهت جي طرز حڪمراني کي جاري رکڻ ۾ انهن جا سهڪاري رهندا؟