بي وقوف بُزرگ جنهن پهاڙ پري ڪيا

0
689
“دُکدي رهسي ته ٻل به پوسي”

سنڌي ماڻهن تاريخي جدوجهد ڪري پنهنجا ٻيٽ مس وڃي بچايا ته “زمين بو زمين بو” ڪندي حرامخورن جو ڳٺ جوڙ سنڌ جي ٻين سرحدي پاسن ۽ پٽين تي پنهنجا پير پڪا ڪرڻ ۾ تيز ٿي ويو آهي. سنڌ جي ڪُل ايراضي ذري گهٽ 55 هزار ميل آهي. 13 هزار ميلن تي آڌاريل ٿر ۾ ته ٿر ڪول ڪمپني جو چَڪُ لڳل آهي. لڳ ڀڳ 9 هزار ميل تي پکڙيل ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ بحريه ٽائون، ڊي ايچ اي، ڪمانڊر سٽي ۽ ڪنٽونمينٽ جي ڪارروائي ڏينهن رات هلي پئي. باقي بچيون 33 هزار چورس ميلن تي “جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون،” سي پڻ ڪٿي ڪنٽونمينٽ ته ڪٿي ڪيٽين جي صورت ۾ جرنلن ۽ جاگيردارن جي قبِضي ۾ اينديون پيون وڃن. خوش خبري اها آهي ته اسان عام جا حق آئين ۾ محفوظ آهن پر بد خبر اها به آهي ته آئين پاڻ محفوظ ڪونهي. آئين تي عمل ڪرائڻ جو ٺيڪو کڻندڙ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت بحريا ٽائون مامري تي 460 ارب رُپيا وٺي، اکين واري پٽي لاهي وات تي ٻڌي ڇڏي آهي. نتيجو اِهو آهي ته قانوني حد طور 16000 ايڪڙن تائين محدود ٿيڻ بدران بحريا ٽائون انتظاميه جو قبضو هاڻ 50000 هزار ايڪڙ کان ٽپي هليو آهي. انگريز حڪمرانن بيٺڪي دور ۾ پاڻ وٽ بيعت ڪندڙ، بوٽ چٽيندڙ ۽ غدار ماڻهن کي جيئن گهوڙا ڏئي چوندا هيا ته سج لٿي تائين جيستائين گهوڙو ڊوڙائي سگهو ٿا تيستائين جي زمين اوهان جي، تيئن هيل ڪمپنين (اينگرو ) ۽ ملڪ رياض جهڙن ڪلارڪن کي ملڪ ڀيلڻ جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. فرق بس ايترو آهي ته گهوڙي ۽ نيزي جي جاءِ بڪتر بند ۽ بلڊوزرن ورتي آهي ۽ مٿن سج لٿي واري پابندي به ڪونهي.
نام نهاد جمهوريت پسند، سالار ۽ سيليڪٽيڊ سياسي اڳواڻ اڄ فلسطين لاءِ واڳون وارا ڳوڙها هارين ٿا پر پنهنجي ماڻهن لاءِ اسرائيل ٿي بيٺا آهن. اِهي ڪوڙا مُحب وطن جڏهن مُلڪ جي اسٽيٽ بينڪ جي وڪري جو سوچي سگهن ٿا ته عام جي کيسي منجهان پيسا ۽ پيرن هيٺان زمين ڪڍڻ سندن لاءِ ڪهڙو مسئلو هوندو؟
ڇين رها هي هر حڪمران
روٽي، ڪپڙا اور مڪان
سو گوڙاڻي کان وٺي گڏاپ تائين عام ماڻهو جي ڪکائين گهر کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ ڪو هڪ ماڻهو، ادارو يا ڪمپني نه پر حرامخورن جو هڪ پورو ڳٺ جوڙ آهي. جنهن جو اشتقاق ڪجي ته “عالمي گهڻ قومي ڪمپنيون، مالياتي ادارا، ملڪ جي عسڪري ۽ سول نوڪر شاهي، ملڪ رياض جهڙا مقامي سرمائيدار ۽ جاگيردار ، وفاقي توڙي سنڌ حڪومت ۽ رائو انوار جهڙيون مافيائون ” وڃي بيهندو. ائين هر اُهو آئيني ۽ قانوني بند جيڪو عام ڌرتي ڌڻي ۽ پورهيتن کي سرمائي جي وڏي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هو سو بچاءُ بند جي سنڀار ڪندڙن پاڻ ٽوڙايو آهي. هاڻ هڪ ريلو هو ۽ ٻيو رُلندڙ عوام. جيڪڏهن بحريه انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ ڪجهه ٽيون هيو ته اُهو سِرا (سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائينس) آهي. جيڪو مستقل مزاجي سان پُٺين ڇهن سالن کان، پاڻ بند ٿي بيهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ريلو تيز هو بند ڪچو سو پاڻي ته ڪونه رُڪيو پر بند به صفا لُڙهي ڪونه ويو. شروع ۾ ته ساڻن عام مقامي ماڻهن جو بيهڻ ڏُکيو هو ڇاڪاڻ ته حڪمران ۽ قبضي مافيا، هڪ هٿ ۾ پيسو ۽ ٻي هٿ ۾ پادر جهلي بيٺا هئا ۽ بس مامي فيض جهڙا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ چڱا مُڙس ۽ حفيظ بلوچ جهڙا ڪي ٿورا سياسي ڪارڪن هئا جن سون ڏسي سيڻ نه مٽايو. پر جڏهن بحريا انتظاميا جي زور زبردستي ڪنهن به حد يا دنگ تي بيهڻ کان نابري واري، تڏهن مقامي ماڻهن کي به مزاحمت کان سواءِ ڪو ٻيو دڳ نظر نه آيو ۽ سنڌ جي سياسي شعور به ڏٺو ته ٻيلي مامرو صرف ملير جو ڪونهي، هي قبضه خور ته گورک هل تائين سموري ڪاڇي کي سڌو پٽ ڪرڻ وارا آهن. قبرستانن کي ڪيڻ پئي لڳي ۽ مٿان کان وهي ايندڙ قُدرتي نين ۽ گاجن جا پيٽ ڀريا پيا وڃن. مطلب ته مقامي ماڻهن جي دربدري سان گڏ، سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ ماحوليات کي به ڪاپاري ڌڪ لڳڻ وارو آهي. پر جيئن وڏا چئي ويا آهن ته خوش خبرين جا حقدار اُهي هوندا آهن جيڪي بدخبري ۾ بدحواس نه آهن ٿيندا. سو ان ڏس ۾ صحافتي ڪم ته ڊان جي رپورٽ ۽ سنڌي پرنٽ ميڊيا ڪري چڪي هُئي ۽ باقي ضرورت سياسي محاذ جي هُئي، سو ان ڏس ۾ به هاڻ اهو ٿيو آهي ته سنڌ پروگريسو ڪاميٽي، سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائينس، پاڪستان فشرفوڪ فورم ۽ لياري جمهوري محاذ جي هڪ گڏيل گڏجاڻي 19هين مئي تي ڪراچي ۾ ڪامريڊ يوسف مستي خان جي ميزباني هيٺ ٿي رهي آهي. اُن سان گڏ 23هين مئي تي سِرا هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس جو سڏ پڻ ڏنو آهي. تنهنڪري قوي امڪان آهن ته انهن ٻن گڏجاڻين منجهان سنڌ جو سياسي مزاحمتي شعور ڪجهه اهڙو جنمي وٺندو جيڪو گڏيل زور لائي حرامخورن کي پنهنجي حد ۾ رکندو.
متو آهين مڇ، ٿُلها ٿو ٿونا هڻين
تو جا ڀائين اَڇ، تنهن پاڻي پُنا ڏينهڙا
ڇاڪاڻ ته مڇ جي طاقت (سرمايي) جي پاڻي ۾ هوندي آهي، ان کان ٻاهر مڇ ته ڦيڦو ۽ هلڻ کان هلاڪ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اڳي پوءِ طاقت هيٺ ۽ هيڻي نظر ايندڙ عام ڌرتي ڌڻي وٽ هوندي آهي، مٿي ۽ ڏاڍي نظرايندڙ خاص قبضه خور وٽ نه. ان ڏس ۾ 11هين جون 1945ع ۾ مائو زي تُنگ جي ڪيل تقرير جو حوالو پڻ نسبتي آهي ته “اسان کي ڪُل عوام جي سياسي شعور کي وڌائڻو پوندو، جيئن اُهي پنهنجي ارادي ۽ خوشي سان فتح لاءِ اسان سان گڏ، جهيڙو جوٽي سگهن. اسان کي سمورن ماڻهن جي اندر ان يقين جي باهه کي اوتڻو آهي ته چين (سنڌ) رجعتي قوتن (سرمائيدارن، جاگيردارن، منافع خورن ۽ مافيائن) جو نه پر چيني (سنڌي ) عوام جو آهي. هڪ پُراڻي ڏند ڪٿائي ڪهاڻي آهي “بي وقوف بُزرگ جنهن پهاڙ پري ڪيا” اُن جو گهر اُتر منهن هو ۽ سندس پويان ٻه وڏا پهاڙ تائي هينگ ۽ وانگ وو رستو روڪي بيٺا هئا. هڪ لڱا اُن پوڙهي پڪي ارادي سان پنهنجا پُٽ، هٿوڙا ۽ ڪوڏرون ساڻ ڪري جبلن کي ٽُڪڻ شروع ڪيو. هڪ ٻئي اڇي ڏاڙهي واري، جنهن کي سڀ سياڻو بُزرگ سمجهندا هُئا ۽ جنهن اِهو سڀ لقاءُ ڏٺو پئي، طنز ڪندي چيو ته “اوهان جي ڪل ٿڙي وئي آهي. ٻن وڏن پهاڙن کي کوٽڻ ناممڪن آهي.” بي وقوف پوڙهي کيس جواب ڏنو ته “ جڏهن مان مري ويندس ته منهنجا پُٽ اها کوٽائي جاري رکندا، جڏهن اُهي مرندا ته پوءِ منهنجا پوٽا، انهن کانپوءِ منهنجا پڙ پوٽا، پوءِ تڙ پوٽا ايئن ئي سڀ ان اکٽ سلسلي کي جاري رکندا. پهاڙ کڻي ڪيترا به اونچا ڇونه هجن پر هاڻ اُهي وڌي نه ٿا سگهن. ويتر اسان جي هر ڌڪ سان اُهي اڃا ننڍا ٿيندا. اهڙي ريت اسان انهن کي پنهنجي رستي تان ڇو نه ٿا هٽائي سگهون؟” سو بي وقوف بزرگ، سياڻي بُزرگ کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري، اڳي کان اڳرو ٿي لڳو رهيو پهڻ ٽُڪڻ ۾. خُدا کي اُن بي وقوف بزرگ جو جذبو پسند آيو ۽ هُن ٻه فرشتا موڪليا جن پهاڙن کي پنهنجي پُٺي تي کڻي پري ڪيو. اڄ چيني (سنڌي) ماڻهن مٿان ٻن پهاڙن جو مُئل وزن پيو آهي. هڪ آهي سامراجيت (مارشلائون، مهانگائي، ٿرڪول، بحريا ۽ ڊي ايچ اي نالي ۾ دربدري) ۽ ٻيو آهي جاگيرداري. چيني ڪميونسٽ پارٽي (سِرا، عوامي ورڪرز پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، سنڌ پروگريسو ڪاميٽي ۽ سنڌ جون ٻيون عوامي سياسي قوتون) انهن پهاڙن کي پري ڪرڻ جو طئه ڪيو آهي. اسان کي مستقل مزاجي سان ۽ بنا ڪنهن ٿڪ جي اهو ڪم جاري رکڻو آهي ۽ اسان به نيٺ خُدا وٽ پاڻ وڻائينداسين. (حڪمرانن جو دين ڌرم ۽ خُدا ته سرمايو آهي پر) اسان جو رهنما ڪو ٻيو نه پر عوام آهي. جڏهن اُهو اُٿي بيٺو ۽ اسان سان گڏ کوٽڻ شروع ڪيائين ته پوءِ ڇو ڪونه اهي پهڻ پري ٿيندا.؟”
“ناانصافي تاريخي حقيقت ضرور آهي پر تاريخي مقدر ڪونهي.” پائلو فراري