قبيلائي تڪرارن جا سبب ۽ ڪجهه سوال؟

0
279
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال شايد ئي ڪنهن دور ۾ بهتر ته ٺهيو رڳو نالي ماتر اطمينان جوڳي ئي رهي هجي، پر هاڻي ته سنڌ جي خاص طور اترين علائقن ۾ جهڙي نموني قبيلائي رتوڇاڻ جا واقعا گهڻي تعداد ۾ مختصر وٿيءَ کانپوءِ ٿيڻ لڳا آهن، تنهن مان ائين لڳي رهيو آهي ته سنڌ مان قانون ڄڻ ته ڊگهي موڪل تي هليو ويو آهي ۽ رياست جي رٽ خوردبينيءَ سان ڏسڻ باوجود پري پري تائين نظر نٿي اچي ۽ جهيڙيندڙ ڌرين جا پلاند پاڙڻ وارا پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳا. جنهن جو تازو مثال ڪالهه ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ برپا ڪيل قيامت آهي. دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ سبزوئي-چاچڙ ۽ جاڳيراڻي برادريءَ جي ٽن ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب هٿياربندن جاڳيراڻي برادريءَ جي مدد سان پيرو کڻي ايندڙ ڳوٺ رئيس مينگل خان چاچڙ واسين مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 9 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن. مارجي ويلن ۾ پيءُ پٽن ٽن سڳن ڀائرن سميت تقريبن ماڻهو هڪ ئي خاندان جا ٻڌايا پيا وڃن.
اڳي جڏهن قبيلاني تڪرار ۾ ماڻهو مرندو هو ته سرڪار واقعي جو سکڻو نوٽيس وٺڻ جو موقعو نه وڃائيندي هئي پر، هاڻي ته هڪٻئي پٺيان خونريزيءَ جا لڳاتار ايڏا وڏا واقعا ٿي رهيا آهن پر نوٽيس ته ٺهيو سرڪار ڄاڻايل ضلعي آفيسرن کان پڇاڻو ڪرڻ به گوارا نه ڪيو آهي. سرڪار جي ڪن لاٽار جي حد اها آهي جو اها سنڌ ۾ هلندڙ برادري تڪرارن کي سنجيده وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ انتظامي بي حسي سبب معاملا سلجهڻ بجاءِ ويتر ڳنڀير ٿيندا پيا وڃن.
هن وقت اتر سنڌ جا ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ضلعا قبيلائي تڪرارن جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن. اهي ضلعا عام ماڻهو ته ٺهيو پر رياستي قانون لاءِ به نوگوايريا بڻيل آهن. جنهن ڪري عام ماڻهن جو اهو شڪ هاڻي پڪ ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي ٿو ته سنڌ هاڻي ادارن جو قبرستان بڻيل آهي. انهن مان هڪ ادارو پوليس به آهي، جنهن جيتري حالت شايد ئي ڪنهن اداري جي خراب هجي. اڃا به جيڪڏهن سڌو سچ لکجي ته ڪنڌڪوٽ-ڪشمور سميت ڄاڻايل ضلعن ۾ پوليس صرف پروٽوڪول فورس بڻيل آهي، يا وري ڊيل ڊپارٽمينٽ. اگر پوليس صحي معنيٰ ۾ قانون جي رٽ لاءِ ڪم ڪري ها ته ان قسم جا واقعا نه ٿين ها. پر ڪالهه ڪنڌڪوٽ ۾ خوني تڪرار ۾ 9 ماڻھن جي قتل بعد ھاڻي به پوليس جو ڪردار شروع ٿئي ٿو. جيڪڏھن پوليس پنھنجي غلطيءَ کي تسليم ڪندي روايتي ڪردار بدران ڀرپور سنجيده ڪوششن سان جوابدارن جي گرفتاريءَ کي يقيني بڻائي، فريادي ڌر جي مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪري، متاثر ڌر جي زخمن تي مرهم رکندي ته نه صرف بدلي جي باهه گهٽبي، پلاند بجاءِ قانون جي پٺيان ھلڻ جي سوچ پيدا ٿيندي ۽ جيڪڏهن پوليس ساڳئي پراڻ پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي پاڻ کي رڳو مقتولن جا پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪرڻ، فريادين کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ جائز ناجائز ماڻھن جا سوين نالا ايف آءِ آر ۾ ڏيڻ توڙي ڪجھه ڏينھن لاءِ تڪراري علائقي ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪرڻ، قاتلن بجاءِ برادريءَ سان تعلق جي بنياد تي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ، غيرواسطيدارن جا ڍور ڍڪ حوالي ڪرڻ جي پويان لڳي رهي ته پوءِ ماضيءَ جي مهر-جتوئي، مارفاڻي-قمبراڻي، اوڳاهي-تيغاڻي، سبزوئي-ساوند تڪرار توڙي سنڌ جي ٻين قبيلائي تڪرارن جيان اهو خوني تڪرار اڃا به وڌيڪ تيز ٿيندو ۽ سوين بيگناهه ماڻهو مرندا. ماضيءَ جي سڀ کان خطرناڪ مهر-جتوئي تڪرار سميت ٻين خوني جهيڙن ۾ وڏيرن جي پشت پناهيءَ ۾ سالن کان ائين ته ٿيندو آيو آهي. قبيلائي جهيڙن ۾ مرڻ وارن جو ڏوهه فقط ايترو هوندو آهي جو هو ٻن وڙهندڙ ڌرين جي ذاتين منجهان ڪنهن هڪ ذات سان واڳيل هوندا آهن، هو پنهنجي جوءِ ۾ پنهنجن دوستن جي وچ ۾ رهندي مري ويندا آهن ۽ پوري زندگي پنهنجي پونئرن جي ذهنن ۾ بدلي جي ڪوڙاڻ ڀري ويندا آهن.
سنڌي ماڻهن جي گڏيل طاقت ۽ اجتماعي شعور کان خوفزدا قوتن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ پلان ٿيندڙ “قبيلائي تڪرار” انهن جهيڙن کي عملي جامو پارائيندڙ سردار، ڀوتار ۽ سندن ڪمدار انهن خوني جهيڙن جي سرپرستي ڪندا رهيا آهن. اهڙن موقعن تي پوليس جي لاتعلقي ڄڻ ته سڌي طرح سهولتڪاريءَ جو سبب بڻيل آهي. اهو ئي مک سبب آهي جو هن وقت به اتر سنڌ جا ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ضلعا قبيلائي تڪرارن جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن پر ڪشمور ضلعي ۾ قبيلائي تڪرارن جي باهه وڌيڪ ڀيانڪ آهي. جاگرافي نقشي جي حساب سان ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعو سنڌ جو حصو آهي پر عروج تي پهتل قبيلائي تڪرارن سبب انتظامي لحاظ کان ائين لڳندو آهي، ڄڻ اهو ضلعو سنڌ سرڪار جي انتظام هيٺ هجڻ بدران وانا وزيرستان ۾ سرگرم ڪنهن طالباني ڪمانڊر جي ڪنٽرول ۾ هجي. ڇاڪاڻ ته ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ نه صرف برادرين وچ ۾ قبيلائي تڪرار هن ئي ضلعي ۾ هلندڙ آهن. جتي سبزوئي-چاچڙ ۽ جاڳيراڻي گڏيل تڪرار کان علاوه تيغاڻي-بجاراڻي، ڀنگوار-سبزوئي، مهمداڻي-ڀنگوار، ساوند-جعفري، جاگيراڻي-سبزوئي، مهر-سبزوئي، جاگيراڻي-بهلڪاڻي، جاگيراڻي ۽ سبزوئي ڌرين جا پاڻ ۾ به خوني جهيڙا هلندڙ آهن. نه صرف ايترو پر اغوائن سميت ٻيون ڏوهاري سرگرميون به ڪشمور ۽ ان کانپوءِ شڪارپور ضلعن ۾ ئي گهڻيون آهن. ٻنهي ضلعن جي اها پراڻي تاريخ رهي آهي ته جتي رياست جي رٽ بجاءِ جرڳائي سردارن جي مرضي هلندي آهي ۽ ان ضلعي ۾ اڪثر سياسي ڀوتار پنهنجي ووٽ بينڪ کي مضبوط ڪري، برادرين ۾ جهيڙا ڪرائي انهن ۾ هٿرادو طور عدم تحفظ جو احساس وڌرائي برادرين جي برادرين کي ڀوتارڪي ڇٽي هيٺ يرغمال ڪرڻ واري اٽڪل ڪيو ويٺا آهن. انڪري جهالت سبب قبيلائي جهيڙن طور مشهور اتر سنڌ جا نالي ماتر تعليم يافتا نوجوانن ته هاڻي ذهنن کي لوڏيندڙ اهي سوال ڪرڻ شروع ڪيا آهن، ته غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاريندڙ ۽ ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان ماڻهن وٽ جي ٿري، ڪلاشنڪوف، ايل ايم جي ۽ لکين رپين جا لانچر ڪٿان ٿا اچن؟
برادريءَ جي بنياد تي ٿيندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن سردار وڏيري جي ڪنهن پٽ يا ڪنهن ويجهي عزيز کي ڪا رهنڊ آئي آهي؟ جرڳن ۾ سردار يا وڏيري جي پٽ مٿان هٿيار سڌو ڪرڻ جو ڏنڊ غريب جي خون جي بها کان ٻيڻو ڇو هوندو آهي؟ قبيلائي جهيڙن ۾ آخر مسڪينن جا ٻچا ڇو مرندا آهن؟
انهن سڀني سنجيده سوالن جا جواب هاڻي ڳولهڻا پوندا ۽ ذميوارن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي سزائون ڏيارڻيون پونديون.