اسرائيل جي غزه پٽي تي بمباري جاري، شھيدن جو انگ 218 ٿي ويو

0
496

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اسرائيل جي فلسطين جي غزه پٽي تي بمباري جاري، عرب ميڊيا موجب حملن ۾ هيل تائين 85 ٻارڙن سميت 218 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آھن، 5 هزار 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن، جڏھن تھ اسرائيل پاران فلسطينين تي حملن ۽ ظلمن خلاف پاڪستان توڙي انڊيا ۾ شھرين ۽ اداڪارن توڙي اداڪارائن پاران آواز اٿاريو ويو آھي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي اسرائيل خلاف پوسٽون رکيون ويون آھن ۽ فلسطينين سان ٻڌي جو اظھار ڪيو ويو آھي.