لنڊن: (دلچسپ نيوز) عالمي سطح تي مشهور وڊيو ڪالنگ ايپ واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي لاءِ نئين پاليسي بابت اهم بيان جاري ڪيو آهي.تازو ئي واٽس ايپ طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته واٽس ايپ صارفين جا ذاتي پيغام نٿو ڏسي سگهي ۽ نه ئي ڪمپني نئين پاليسي قبول نه ڪرڻ تي صارف جو اڪائونٽ ڊيليٽ ڪندي ڇو ته صارف جڏهن چاهي نئين پاليسي قبول ڪري سگهي ٿو.ڪمپني طرفان پيغام جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ڪلينڊر چيڪ ڪريو، ڪافي وجهو، اچو اهو ڪريون ٿا. پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان اوهان جا ذاتي پيغام نٿا ڏسي سگهون نه ئي اسان اوهان جو اڪائونٽ ڊيليٽ ڪنداسين. جي ها اوهان جڏهن چاهيو اسان جي پاليسي قبول ڪري سگهو ٿا.ياد رهي ته ان کان اڳ واٽس ايپ پنهنجي هڪ بيان ۾ وضاحت ڏيندي ٻڌايو هو ته پرائيويسي پاليسي نه مڃيندڙ صارفين جو اڪائونٽ فوري طور تي ڊيليٽ نه ڪيو ويندو.