ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ جا خدشا

0
165
اربنائيزيشن جو اجگر ۽ وجود وڃائيندڙ ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ

ان ڳالهه کان بنهه انڪار ناهي ته هر دور ۾ ۽ هر هنڌ قدامت جدت کان خوفزده رهندي ۽ ان جي مزاحمت ڪندي آئي آهي. ان ۾ حتمي فتح وري به جدت جي ئي ٿيندي آهي پر اهو ان صورت ۾، جڏهن سماج ان تبديليءَ لاءِ تيار هجي پر اسانجي ملڪ ۾ حڪومت طرفان ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ نوان نوان ڊوائسز متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون مخصوص مفادن جي حصول لاءِ ٿينديون رهيون آهن، پوءِ اهو 2018ع جي اليڪشن جي من پسند نتيجن لاءِ آر ٽي ايس جو استعمال هجي يا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اِي وي ايم) جي استعمال لاءِ حڪومت جو ضد يا وري هاڻي ڊجيٽل آدمشماريءَ لاءِ حڪومتي هوڏ. سنڌ جي سياسي، سماجي ڌرين ۽ باشعور حلقن جي اعتراضن باوجود ڊجيٽل آدمشماري جو عمل پهرين مارچ کان شروع ٿي چڪو آهي ۽ اُٿڪ ۾ ئي اهي خدشا سچ ثابت ٿيڻ لڳا آهن، جن جو اظهار سنڌ جي عوام طرفان ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي آدمشماري جي عملي سان ماڻهن جي تڪرار جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن. پهرئين ئي ڏينهن کان مختلف هنڌن تي انٽرنيٽ ۽ ٽيبليٽس جي ڪم نه ڪرڻ جون شڪايتون پڻ رپورٽ ٿيون آهن. حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن تائين ته ڊوائسز جي ڪم نه ڪرڻ جون خبرون پڻ ميڊيا جي زينت رهيون آهن. جڏهن سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي اها حالت آهي ته سنڌ جي باقي ٻين شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي، اهو سمجهڻ مشڪل نه آهي.

جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال تمام سٺو عمل آهي پر ان جو لاڀ پهرين ڳالهه ته تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن سماج ان تبديلي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هجي، سماج ۾ ان جدت کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت هجي. ٻي ڳالهه وري اها به آهي ته ڪنهن جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي مزاحمت سماج ۾ تڏهن ٿيندي  آهي، جڏهن ماڻهو اهو سمجهن ته اها ٽيڪنالاجي مخصوص مفادن جي حصول جي لاءِ استعمال ٿيڻ جا امڪان آهن. هن وقت سنڌ جا به ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان اهي ئي خدشا آهن. هتي سنڌ مان مراد سنڌ جو عوام آهي، نه ڪي سنڌ حڪومت. دنيا ۾ آدمشماري کي انتهائي اهم سمجهيو وڃي ٿو ۽ مخصوص عرصي اندر آدمشماري لازمي قرار ڏنل آئيني گهرج پڻ آهي، ڇو ته ڪنهن به ملڪ جي وسيلن جي ورڇ آدمشماري جي بنياد تي ٿيندي آهي. آدمشماري آئيني گهرج ته اسانجي ملڪ ۾ پڻ آهي پر حڪومت نه وقت سر آدمشماري ڪرائيندي آهي ۽ نه ئي مالياتي ايوارڊ وقت سر ملندو آهي. پراڻي مالياتي ايوارڊ تي وسيلن جي ورڇ سالن تائين ٿيندي رهي ٿي. هر ڀيري ڏٺو اهو ويو آهي ته وقت جي حڪومت آدمشماري بابت عوام جا خدشا ختم نه ڪري پاڻ ئي آدمشماري کي تڪراري بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ ان تڪرار جو فائدو وٺي مالياتي ايوارڊ جو مڙهه سالن تائين ساهه ڦوڪي پيو گهلبو آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ماڻهو دربدر، ويڙها ويران ۽ ڳوٺ ڀڙڀانگ آهن. ڊجيٽل آدمشماري آخر ڪيئن ٿيندي، جڏهن عملي کي اها خبر ئي ناهي ته ڪهڙي ڳوٺ جا ماڻهو ٻوڏ کانپوءِ ڪٿي ٿا رهن؟ سنڌ سرڪار جا اختيار ڌڻي چون ٿا ته ڊجيٽل آدمشماريءَ بابت خدشا ختم ڪبا، ٻوڏ سبب دربدر ماڻهو جتي به هوندا، انهن کي اتي وڃي ڳڻبو. ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه آدمشاري عملي جي وس جي ڳالهه ڪانهي، جنهن ڪري سنڌ جي آباد جو وڏو حصو ڳڻپ کان رهجي ويندو. هونئن به قومي مالياتي ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ جو جيڪو فارمولو طئي ٿيل آهي، انهن انڊيڪيٽرز (اهڃاڻن) ۾ آبادي تي ورڇ 82 سيڪڙو آهي. ظاهر آهي ته وڏو ڀاءُ ننڍن صوبن جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ سبب مالياتي ورڇ ۾ ڳپل حصو کڻي ٿو وڃي. انڪري ئي ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي شعبدي بازي ڪئي وڃي ٿي.

اسان ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جي خدشن کي حقي واجبي سمجهون ٿا. سنڌ حڪومت جون تشريحون ۽ تاويلون به پنهنجي جاءِ تي، پر آدمشماري انتهائي اهم ۽ سنڌ جي مفادن جو معاملو آهي، جنهن تي سنجيدگي سان ويچارڻ جي ضرورت آهي. آدمشماري جي عملي لاءِ به ٽيبليٽس جو استعمال نئون آهي، انٽرنيٽ جا پڻ مسئلا آهن. اهي مسئلا حل ڪرڻ مخصوص وقت اندر حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي، نتيجي ۾ سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو ڳڻپ کان رهجي ويندو. هونئن به تِرَ جي گُٿي سئو چوٽون کائي، ان ڪري بهتر آهي ته سنڌ حڪومت کي به حقيقت جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي.