چونڊن جو ماحول ڪير جوڙيندو؟

0
122
چونڊن جو ماحول ڪير جوڙيندو؟

 ملڪ هينئر آئيني معاشي ۽ سياسي بحران جي ور چڙهيل آهي ڪو ڏينهن اهڙو هجي ٿو جنهن ڏينهن تي آئيني بحران شدت اختيار ڪري وڃي ٿو ته ڪنهن ڏينهن تي معاشي بحران واري شدت ماڻهن جي گهرن ۾ گرهه به کسي وٺي ٿي اهو به چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن سياسي بحران نه هجي ها ته آئيني بحران ڇو پيدا ٿئي ها. اسحاق ڊار ته هينئر به چيو آهي ته جيڪڏهن ميثاق معيشت ٿي وڃي ها ته هينئر اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها. عمران خان جي نظر ۾ ملڪ ۾ وڏي کان وڏو مسئلو سندس مخالف پارٽيون آهن.  جڏهن ته موجوده حڪومت ملڪ جي مسئلن جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏئي ٿي. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اهو تصور ڪيو ويو ته هينئر چونڊون هر صورت ۾ ٿينديون. ان کان اڳ آئين جي اندر چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان ايترو ابهام هيو جو ملڪ جي ناليوارا وڪيل به پنهنجي پنهنجي تشريح ڪري رهيا هئا. گورنر سمجهن پيا ته تاريخ ڏيڻ انهن جو ڪم ناهي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ انهن جي ذميواري به ناهي صرف صدر عارف علوي ئي اهو شخص هيو جيڪو سمجهي پيو ته تاريخ ڏيڻ انهن جي ذميواري آهي.

ڊاڪٽر عارف علوي خبر ناهي چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان ڪنهن سان مشاورت ڪري 9 اپريل جي تاريخ ڏئي ڇڏي هئي پر گهٽ ۾ گهٽ اليڪشن ڪميشن سندس لکيل خط کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو هيو ته اليڪشن ڪميشن صدر سان آئيني لحاظ سان مشاورت ڪري نه ٿي سگهي. جڏهن ته صدر عارف علوي پاڻ ڪي پي ڪي جي گورنر جي لکيل خط کي واپس وٺي ڇڏيو. هينئر جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي تڏهن معاملا هاني ان فيصلي جي روشني ۾ ڏٺا پيا وڃن. پهريان ته پي ٽي آءِ وارا به چون پيا ته 90 ڏينهن کان هڪ ڏينهن به اڳتي چونڊون ٿيون ته آرٽيڪل 6 لڳندو، اسحاق ڊار وارا سمجهن پيا ته ملڪ ۾ اهو ڪو پهريون ڀيرو ته ناهي جو چونڊون 90 ڏينهن کان اڳتي ٿينديون هجن پر اسحاق ڊار وارن جو اهڙو دليل پي ٽي آءِ وارن جي سمجهه کان چڙهيل هيو پر هينئر جڏهن سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو آهي ته 90 ڏينهن کان اڳتي وڃي سگهجي ٿو ته پوءِ هر شيءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي جنهن ڪري ئي اليڪشن ڪميشن صدر کي مشاورت وارو خط لکي تاريخ 30 اپريل کان 7 مئي تائين جي تجويز رکي ته انهن ڏينهن ۾ پنجاب اندر چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون. صدر عارف علوي ايترو ته ذهني طور واضح هيو جو هن هڪ ڏينهن به نه لڳايو پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ 30 اپريل جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن جي تحريڪ انصاف آجيان به ڪري ڇڏي آهي پر ان سڄي صورتحال باوجود هينئر به جڏهن اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ڪرڻ آيو ته هن کان صدر عارف علوي پاران ڏنل تاريخ تي چونڊون ٿينديون يا نه بابت سوال ڪيو ويو. اسحاق ڊار جي ڳالهين مان ته لڳو ته حڪومت چونڊن ڪرائڻ جي حوالي سان هن مهل به ذهن ٺاهي ناهي سگهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هيو ته فيصلو جج صاحبن کي ڪرڻو آهي پر مون کي ڪي پي ڪي جي گورنر جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته چونڊون مشڪل آهن. اسحاق ڊار نگران سيٽ اپ تي به سوال اٿاريو ته ايئن چوي ٿو ته جڏهن به چونڊون ٿينديون ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ هوندو. هاڻي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت موجود آهي. جڏهن وفاق لاءِ چونڊون ٿينديون تڏهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن کانپوءِ حڪومت اچي چڪي هوندي جنهن جي موجودگي ۾ چونڊون ڪيئن ٿينديون. ان لاءِ ته آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي.

اهو به سوال موجود آهي ته ملڪ ۾ آدمشماري شروع ٿي چڪي آهي هينئر پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون پراڻي آدمشماري تي ٿينديون ۽ باقي صوبن ۾ نئين آدم شماري تحت ٿينديون. اهو آئيني لحاظ کان ڪيئن قابل قبول هوندو. آدمشماري لاءِ به 20 ارب گهرجن. اليڪشن ڪميشن کي به 20 ارب گهرجن. اليڪشن ڪميشن کي سڪيورٽي به گهرجي، سڪيورٽي آدمشماري وارن کي به گهرجي جنهن سپريم ڪورٽ چونڊن جي حوالي سان فيصلو ڏنو آهي. انهن عدالتن جي رجسٽرار چونڊن لاءِ آر اوز ڏيڻ کان معذرت ڪئي آهي هاڻي اليڪشن ڪميشن رڳو اليڪشن ڪرائڻ جي ئي ته پابند ناهي، ان کي انتظامي لحاظ کان عملو ۽ اختيار ته گهرجي، آئيني ۽ قانوني لحاظ کان اهو اليڪشن ڪميشن جو حق هيوته نگران سيٽ اپ اچڻ کانپوءِ چونڊن کي صاف شفاف بڻائڻ لاءِ آفيسرن جون مقرريون ڪن پر اليڪشن ڪميشن سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر کي رڳو بدلي ڪيو ته معاملو وڃي سپريم ڪورٽ تائين پهتو جنهنکي سپريم ڪورٽ نه رڳو بحال ڪري ڇڏيو پر ڪيس جي نتيجي ۾ ئي چيف اليڪشن ڪمشنر کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش به ٿيئو پيو ته ساڳئي وقت ان ئي کيس مان  مان پنجاب ڪي پي جي چونڊن جي حوالي سان ساڳي وقت انهي ڪيس مان پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن جي حوالي سان پاڻمرادو نوٽيس به ورتو ويو، ظاهر آهي ته هاڻي چونڊن کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ ذميواري سپريم ڪورٽ جي ئي ٿي وئي آهي، جوڊيشري جي آر اوز کان ويندي سيڪيورٽي انتطامن تائين سمورا ادارا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ماتحت آهن، ان کان اڳ ته مريم نواز چيو پئي ته پهرين احتساب ٿيندو پوءِ چونڊون ٿينديون، هڪ ڏينهن اڳ ئي وزيراعظم سان ملڪ جي آرمي چيف جي به ملاقات ٿي آهي، هينئر وزيراعظم هائوس ۾ آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ شهبازشريف وچ ۾ ملاقات جاري آهي، ان ملاقات جو نتيجو ڪهڙو نڪري ٿو، اهو هڪ الڳ معاملو آهي پر هينئر جي صورتحال اها آهي ته تحريڪ انصاف وارا چيف اليڪشن ڪمشنر کان ويندي اسحاق ڊار جي استعيفا جو ذڪر ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف وارا اهو نه ٿا ٻڌائن ته سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي موجودگي ۾ چونڊون صاف ۽ شفاف ڪيئن ٿينديون؟ پر تحريڪ انصاف وارا اهو سمجهن ٿا  ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي موجودگي ۾ چونڊون  نه ٿي سگهنديون، اسحاق ڊار ۽ مفتاح اسماعيل وارو تڪرار ته هلندڙ هو پر هاڻي شبر زيدي به اسحاق ڊار جي استعيفا جو ذڪر ڪري ڇڏيو آهي، اسحاق ڊار جيڪو آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان نرم لهجي ۾ جواب ڏئي رهيو هو پر شبر زيدي لاءِ چيائين ته ان کي جيل ۾ هجن گهرجي، اسحاق ڊار ۽ شبر زيدي جهڙا مقابلا سوشل ميڊيا تي ڊگهي سيريل وانگر جاري آهن پر اسحاق ڊار جو جيڪو ڊالر سان مقابلو آهي، اهو اصل امتحان آهي، اسحاق ڊار آءِ يم ايف جا سمورا شرط به تسليم ڪري مني بجيٽ پاس ڪرائي ڇڏي آهي پر آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪڏهن ٿيندو؟ اها کيس به خبر ناهي، ڊالر هڪ ڏينهن ۾ 18 رپيا ڇو وڌي ويو؟ هينئر 8 رپيا ڇو گهٽجي ويو، اها به اسحاق ڊار کي خبر ناهي، خواجا آصف سمجهي ٿو ته ملڪ ڊفالٽ ٿي چڪو آهي پر اسحاق ڊار چوي ٿو ته ملڪ ڊفالٽ ٿي ئي نه  ٿو سگهي، ڊار کي اها پريشاني آهي ته آءِ ايم ايف سان جيئن ئي ڳالهيون ٿين ٿيون ته عمران خان ڪو نه ڪو ٽوئيٽ ڪري ڇڏي ٿو. اهو سوال به آهي ته جيئن چين پئسا ڏنا، تيئن ٻيا دوست ملڪ ۽ آءِ ايم ايف پهريان تون واري راند ڇو کيڏي رهيا آهن، هڪ پاسي ملڪ جي معاشي صورتحال اهڙي آهي جنهن جو ذميوار عمران خان جي نظر ۾ شهبازشريف وارا آهن ته ٻئي پاسي مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران خان ئي اهڙا آءِ ايم ايف سان معاهد ا ڪيا هئا، هاڻ ته وڪيلن جون آڊيوز به ليڪ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، چوڌري فواد ۽ چوڌري فيصل جي مبينا آڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ نواز ليگ وارا جلسن ۾ ٽرڪ هلائي ڏيکاري رهيا آهن، خير چونڊن ۾ اهڙا لقاءُ ڏسڻ ۾ ايندا آهن پر انصاف جي حوالي سان جيڪو چيو ويندو آهي ته انصاف رڳو ٿئي نه پر نظر به اچڻ گهرجي، اهڙي اعتماد کي برقرار رکڻ جو به سوال آهي پر عمران خان هينئر جيڪا صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي نشانو بڻايو آهي، عمران خان ان بيانيي کي ورجايو آهي ته کيس قتل ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن،بابر اعواڻ چيو آهي ته عمران خان کي عدالت ۾ به وڊيو لنڪ تي اچڻ گهرجي، هاڻ اهڙي ماحول ۾ رڳو چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سان مسئلا حل ٿيندي نظر نه ٿا اچن پر چونڊن جو ماحول جڙڻ سان ئي چونڊون چونڊون لڳنديون، پر اهڙو ماحول ڪير جوڙيندو.