ڊار، ڊالر ۽ ڊارلنگ

0
192
ڊار،-ڊالر-۽-ڊارلنگ

 ملڪ ۾ هن وقت اسحاق ڊار جو نالو ايئن ئي گونجي رهيو آهي جيئن مهينو سوا اڳ عمران خان جي چيف آف اسٽاف ۽ پي ٽي آئي جي سرگرم اڳواڻ شهباز گِل جو نالو گونجي رهيو هو. هڪ تڪراري بيان جي نتيجي ۾، شهباز گل ٿاڻن، ڪورٽ ڪچهرين جي چڪرن کائڻ ۽ ضمانتي آزادي بعد هن وقت پي ٽي آئي جي سياسي پردي تان مڪمل طور تي غائب آهي. اسحاق ڊار جنهن تي نيب جي عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن، ملڪيتون نيلام ڪرڻ جا عدالتي احڪام به موجود آهن ۽ لنڊن جهڙي 7/24 پرُرونق شهر ۾ رهندي به هو ايئن غائب رهيو جهڙي طرح هن وقت شهباز گل غائب آهي. زميني حقيقتون جڏهن پنهنجيتي اچن ٿيون ته چڱا ڀلا سياسي معاملا ۽ سياسي دشمنيون، عدالتي فيصلا ۽ ملڪي آئين ايتري تائين جو ملڪن جو عوام جن لاءِ چيو ويندو آهي ته طاقت جو سرچشمو آهن سڀ جا سڀ زميني حقيقتن آڏو ماٺ ٿي وڃن ٿا. سن ستيتاليهن کان اڳ آزادي وارين تحريڪن دوران ننڍي کنڊ هندستان جي لاءِ چيو ويندو هو ته،

“اهڙو مائي جو لال پيدا ئي ناهي ٿيو جيڪو هندستان جا ٻه ٽڪر ڪري.” پاڪستان قائم ٿيو ۽ جڏهن اوڀر – اولهه پاڪستان جا سياسي مامرا حل ٿيڻ جي بدلي وڏا مسئلا بڻجڻ جي باوجود اهو مائي جي لال وارو ساڳو ئي جملو اسان به ٻڌندا رهياسين ته، “دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ٻه ٽڪر نٿي ڪري سگهي” جڏهن زميني حقيقتن ڦيرو کاڌو ته هندستان جا ٻه ٽڪر به ٿي ويا ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي هن وقت اولهه پاڪستان کان نه صرف معاشي طور تي اڳتي نڪري چڪو آهي پر پنهنجي موثر سماجي ۽ تعليمي پاليسين سبب به اسان کان گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي. بنگلاديش ۾ جيڪڏهن معاشي استحڪام آهي ته ان جو سبب صرف ۽ صرف سياسي استحڪام آهي. سياسي استحڪام جو واسطو جمهوري سرشتن سان آهي ۽ جمهوري سرشتن جو سڌو سنئون واسطو ملڪ ۾ رهندڙ تاريخي قومن ۽ انهن جي عوام جي راءِ جو احترام ڪرڻ سان آهي.

ڪنهن سوچيو هو ته جن عمران خان کي هٿ سان پڪڙي اقتدار تي ويهاريو هو اهي ئي هن کان ڦِري ويندا! ڪنهن ڀلا هي سوچيو هو ته صدر عارف علوي جيڪو پي ٽي آئي جو اهم اڳواڻ آهي ان پاران اسحاق ڊار کي ناڻي وزير جو حلف کڻايو ويندو! ۽ ڪنهن سوچيو هو ته سنڌ ۽ ملڪ ۾ بدعنواني ۽ بدترين حڪمراني جي مثال قائم ڪندڙ پارٽي، پاناما ۽ سرڪاري فنڊن ۾ خرد برد جي الزامن طور مشهور ٿيندڙ پارٽي جنهن  تي سوين نيب ڪيس به هلندڙ هجن، ان جي قيادت ملڪ کان ٻاهر به هجي ۽ هڪ اهڙي مذهبي – سياسي پارٽي، جنهن پي ٽي آئي سرڪار خلاف اسلام آباد ۾، شاندار ڌرڻا به هنيا پر باوجود ان جي ان جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو هجي؛ انهن سڀني جي ملڪ ۾ اتحادي حڪومت قائم ٿي ويندي! ڇا ڪنهن سوچيو هو؟ بلڪل به نه نه. پر سياست لاءِ مشهور آهي ته اها “آرٽ آف پاسيبل” جو نالو آهي جنهن کي اهو آرٽ (ڏانءُ) اچي ٿو اهو سياست ۾، خاص طور تي اسان جهڙن ملڪن ۾، ڪامياب نظر اچي ٿو. نه صرف ڪامياب نظر اچي ٿو پر اهو سياست جي راند به خوب کيڏي ٿو ۽ کيڏندي سياسي ۽ ذاتي فائدا به حاصل ڪندو رهي ٿو. سو پاڪستان جي نيوٽرلز جي، جيڪو ڊرالنگ (لاڏلو) هو ۽ اڪثريتي راءِ ۾، اڃان به آهي توڙي جو بقول سندس جي مبينا سائفر جي سازش ۾، هن کي اقتدار کان ٻاهر ڪيو ويو آهي. نه صرف نيوٽرلز جي لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون آهن ملڪ جي ساک کي داءُ تي لڳائڻ سان گڏ تحريڪِ عدم اعتماد جي نتيجي ۾، قائم ٿيندڙ اتحادي حڪومت جا ڏند کٽا ڪرڻ سان گڏ ان جو نڪ ۾ دم به ڪري ڇڏيو آهي.

ڪير کڻي ڇا به چئي ۽ اسان عمران خان جي حمايت ۾، يا هن خلاف ڇا به لکون، عمران خان جي لاءِ توهين عدالت جا معاملا هجن يا ججن، پوليس آفيسرن ۽ ڪاموراشاهي کي سرعام جلسن ۾ ڌمڪيون ڏئي ۽ سندن دفترن ۾ اچي معافيون وٺڻ يا، توڙي اقتدار کان ٻاهر رهندي هن کي سياسي ناڪاميون به پلئه پئجي رهيون آهن پر نه هن جي صحت تي ڪو اثر ٿئي ٿو، نه هن خلاف ڪو ادارو ان قسم جو قدم کڻي ٿو جيڪو ٻين سياسي اڳواڻن خلاف کنيو ويو يا کنيو وڃي ٿو جنهن مان عام تاثر هي جڙي ٿو ته هو اڄ به ڊارلنگ بڻيل آهي. هڪ عام راءِ هي به آهي ته ميڊيا، ملٽري ۽ مذهبي ماڻهن جي اڪثريتي همدردي هن سان گڏ آهي. يعني مخالفن خلاف راءِ ترتيب ڏيڻ، ڏنڊو ڦيرائڻ ۽ فتوائون صادر ڪرڻ. پوءِ ڪهڙو بدقسمت اميدوار هوندو جيڪو چونڊن ۾ سوڀارو نه ٿيندو. ملڪ جو نوجوان هن وقت به، هن لاءِ ديوانو آهي ته ملڪ کان ٻاهر ويٺل عوام به پاڪستان  جي هر مسئلي جو حل خانصائب جي سياست کي ئي سمجهي ٿو. خير اهو ته تاريخ ٻڌائيندي ته ملڪ جا مسئلا حل ٿيا يا ويتر مٿي جو سور بڻجي ويا. پنجهتر سالن جي تاريخ ته اسان کي اهوئي ٻڌائي ٿي ته حڪومت وقت وارين سياسي پارٽين کي صرف انهيءَ ڪري گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته هنن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو پر جن کي آندو ويو انهن ته جهاز ٻوڙي ڇڏيا آهن. سو اهي زميني حقيقتون آهن ته اسحاق ڊار نه صرف ملڪ ۾ موٽي آيو آهي پر سندس جي قيادت پاران سونپيل ذميدارين کي هن پاران نڀائڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.

ملڪ ۾ ڊار صاحب جي موجودگي جي سبب هڪ طرف پي ٽي آئي ٺيڪ ٺاڪ پريشان آهي ته حڪومتي ايوانن ۾، اسحاق ڊار جي صلاحيتن جو چرچو به خوب ٿي رهيو آهي. پي ٽي آئي جي پريس ڪانفرنسن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ ڊار خلاف سواءِ افسوس جي ٻيو ڪجهه به ناهي. فواد چوڌري چئي ٿو ته ساڍن چئن سالن بعد ملڪ ۾ اسحاق ڊار جو موٽڻ، سينٽر طور قسم کڻڻ ۽ وفاقي ناڻي وزير جو حلف کڻڻ، ايون فيلڊ رفرنس واري ڪيس مان مريم نواز ۽ سندس ور ڪيپٽن صفدر جو نالو خارج ٿيڻ، پاڪستان جي نظامِ انصاف تي سواليا نشان آهي. پي ٽي آئي جو سربراهه عمران خان پنهنجي سياست ۽ جلسي سازي ۾ اڳي کان اڳرو ته آهي ئي آهي پر سائفر جي ڊيٽا ليڪس بعد هن جو اعتماد به ڪنهن حد تائين ليڪس جو شڪار نظر اچي رهيو آهي جنهن لاءِ پاڪستان اندر ۽ ٻاهر هي راءِ ٻڌي ٿي وڃي ته “عمران ۽ اعتماد لازم ۽ ملزوم شيون آهن.” ليڪس بعد پنهنجي ان اعتمادي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ، ۽ سائفر جي حوالي سان ٿيندڙ امڪاني سياسي نقصان ۽ امڪاني عدالتي ڪاروائي کان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي لاءِ، هن پاران هفتي اندر اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جي تاريخ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. خانصائب پاران اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ ۽ ڌرڻو هڻڻ جي پويان ته اصل ۾ نومبر مهيني ۾ ٿيڻ واري اعلى درجي جي اها مقرري آهي جنهن لاءِ هو چاهي ٿو ته ان مقرري ۾ رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وجهجن ته جيئن حڪومت لاءِ مقرري ۾ مسئلا بڻجن سو سائفر ليڪس هجي يا سندس بيانن جي نتيجي ۾، متاثر ٿيندڙ ماڻهن کان معافيون وٺڻ، ڌرڻي هڻڻ جا راز بظاهر سندس اهي عمل ٿي سگهن ٿا پر اصل ڪهاڻي اها مقرري ئي آهي جنهن لاءِ خانصائب نٿو چاهي ته اها اتحادي حڪومت پاران ڪئي وڃي.

ٻئي طرف ڊار صاحب جي اچڻ شرط ڊالر 10 کان 11 رپيا هيٺ لهي آيو آهي. هن پاران سرهائي محسوس ڪئي وئي آهي ته منهنجي اچڻ سان ڊالر پوئتي ڌڪجڻ شروع ٿي ويو آهي. پاڪستاني روپيو استحڪام طرف وڃي رهيو آهي. ڊالر اگهه ڪِرڻ سان ٻن ٽن ڏينهن اندر پاڪستان جو گڏيل قرض 1350 ارب روپيا گهٽجي ويو آهي. مهانگائي تي به ضابطو اچي ويندو بس هن پاران شرط وڌو ويو آهي ته هن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن ملڪي معيشت جو قبلو درست ڪيو وڃي. ڊار صاحب جي لاءِ دڙڪا وڏا ۽ حمايت صرف سندس پارٽي يا اتحادي حڪومتون ڪري رهيون آهن. پاڪستان جي معيشت ڪڏهن ٺيڪ ٿيندي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن کي هر حڪومت سوالنامي جي صورت ۾ غريب عوام اڳيان سدائين انهيءَ ڪري رکيو آهي ته جيئن هر مشڪل گهڙي ۾، هن کي ئي قرباني جو ٻڪرو بڻائجي ۽ هو به ذهني طور تي اها قرباني ڏيڻ لاءِ سدائين تيار رهندو آيو آهي. هڪ طرف حڪومتي ۽ مخالف پارٽين جي وچ ۾ سياست ڪرڻ سان گڏ ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جا معاملا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ تکا ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف عوام جيڪو برساتي ٻوڏ جي سببن سان منهن مقابل آهي ان کي صرف ٺلها آسرا ڏنا وڃن ٿا. عوام لاءِ نه ڊار صاحب اهميت رکي ٿو، نه ڊالر جو اگهه. نه ئي ڊارلنگ جي سياست. “عمران خان صحيح ٿو چئي ته اجلاس جو ٽرانسڪرپٽ يا خط هڪ ئي شيءَ آهي. عوام کي ٽرانسڪرپٽ سمجهه ۾ نه ايندو.” عوام کي ٽرانسڪرپٽ سمجهه ۾ اچي نه اچي پر عوام کي مهانگائي ٿيڻ جا سبب چڱي طرح سان سمجهه ۾ اچن ٿا. ڇاڪاڻ جو عوام جو مسئلو ٽرانسڪرپٽ نه پر مهانگائي آهي.