سنڌ جو پهريون ۽ آخري سوشلسٽ صوفي!!

0
183
پوڄاري ۽ واپاري..!!

صوفي جي سوشلسٽ سرشتي خلاف سازشن جي شروعات

1707ع ۾ اورنگزيب مايوسي جي عالم ۾ اورنگ آباد دکن ۾ گذاري ويو. هن جي مرڻ کانپوءِ دھلي جي مرڪزي حڪومت ۾ تخت حاصل ڪرڻ لاءِ سازشون ٿيون خانه جنگي ٿي اورنگزيب جي اولاد هڪٻئي جا سر قلم ڪيا ڇهن سالن ۾ 6 بادشاھھ قتل ٿيا نيٺ مغل بادشاھھ فرخ سير(1713- 1719ع) دھلي ۾ تخت نشين ٿيو جيڪو نهايت سفاڪ ظالم ۽ عيش پرست حڪمران هو. هن نواب عطر خان کي ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليو عطر خان کي ٺٽي جي صوبيداري حاصل ڪرڻ لاءِ لطف علي خان سان مقابلو ڪرڻو  پيو عطر خان قتل ٿيو لطف علي خان صوبيداري تي قبضو ڪيو تھ تر جي سمورن پيرن ميرن ۽ جاگيردارن لطف علي خان کي صوفي شاهه عنايت جي دانهن ڏيندي ڪن ڀريا تھ صوفي باغي آهي هن خليفي وقت جي حڪمن جي انحرافي ڪندي پنهنجو رياستي سرشتو جوڙيو آهي جيڪا سراسر حڪم عدولي آهي جنهن سان اسان جي زمينداري کي نقصان ٿي رهيو آهي تمام گهڻي سختي ڪرڻ جي باوجود اسان جا هاري صوفي جي سٿ ۾ شامل ٿي رهيا آهن جيڪڏھن اهو سلسلو ايئن هليو تھ اسان ڪنگال ٿي وينداسين نھ صوبائي سرڪار کي ٽئڪس ڏيئي سگهندا سين نھ ئي مرڪزي حڪومت جي فوجي مدد ڪري سگهنداسين. دانهيندڙن ۾ پيش پيش بلڙي شاهه ڪريم جو گادي نشين سيد عبدالواسع،شيخ بهاءُالدين ذڪريا ملتاني جو گادي نشين شيخ سراج الدين،پليجاڻي جو زميندار نور محمد بن منبه پليجو ۽ حمل بن لاکو هئا. لطف علي خان کين معاملو حل ڪرڻ جي دلجاءِ ڏني پر شاهھ عنايت جي مقبوليت ۽ فقيرن جي طاقت کي ڏسندي خاموش رهيو. کيس خبر هئي تھ اها زمين شاهھ عنايت کي مرڪز طرفان مدد معاش لاءِ مليل هئي تنهن ڪري صوبيدار هن کي ڪجھھ نٿي ڪري سگهيو. زميندارن مرڪزي حڪومت کي دانهون ڏنيون بادشاھھ فرخ سير کي فقيرن جي طاقت جو اندازو ٿي ويو هو. هن کي لڳو ته مير لطف علي خان فقيرن سان نرمي سان پيش اچي رهيو آهي تنهن ڪري هن مير لطف علي خان کي هٽائي ان جي جاءِ تي 1716ع ۾ نواب اعظم خان کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو. نواب اعظم خان جي اچڻ سان آس پاس جي زميندارن ۾ اميد جاڳي تھ هاڻي هن تحريڪ جو خاتمو ممڪن آهي. هنن نواب اعظم خان جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. چون ٿا تھ نواب اعظم خان کي صوفي سان ذاتي رنجش هئي جو هڪ ڀيري هو صوفي سان ملڻ ويو تھ فقيرن هن کي دروازي تي اهو چئي روڪيو تھ سائين عبادت ۾ مصروف آهي اوهان انتظار ڪريو. نواب اعظم خان کي اها ڳالھھ نھ وڻي جڏهن صوفي سان ملاقات ٿيس تھ اعظم خان چيو؛ درويش جي در تي دربان سٺا نٿا لڳن تنهن تي صوفي صاحب فرمايو؛ دربان ان ڪري آهن جيئن دنيا جا طالب ڪتا اندر نھ اچي سگهن نواب اعظم صوفي صاحب جو جواب ٻڌي اندر اندر ڪڙهندو رهيو.

نواب اعظم خان پنهنجي ڪابينا سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ مرڪزي سرڪار کي شڪايت ڪئي تھ صوفي شاهه عنايت بغاوت تي لهي آيو آهي هن جا فقير آس پاس جي هارين کي ورغلائي پنهنجي تحريڪ ۾ شامل ڪري رهيا آهن، زميندارن وٽان هاري ڀڄي وڃي هن وٽ پناهھ وٺن ٿا، ان سان زميندارن جو وڏو مالي نقصان ٿئي ٿو، صوفي انهن کي بغاوت لاءِ اڀاري رهيو آهي جيڪا ڳالھھ صوبي جي نظم ۽ نسق لاءِ نقصان ڪار آهي هو خليفي جي حڪمن جا انڪاري آهن، پنهنجي سلطنت جي دعويداري ڪن ٿا، تنهن ڪري انهن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏني وڃي. فرخ سير ڪنهن تحقيق ڪرڻ کانسواءِ حڪم صادر ڪيو تھ باغين خلاف جنگي ڪارروائي ڪري اطاعت تي مجبور ڪيو وڃي. مرڪزي حڪومت جي اجازت ملڻ سان نواب اعظم خان جهوڪ تي حملي جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو.

جهوڪ تي حملي جي تياري.

نواب اعظم خان سڄي سنڌ جي پيرن،اميرن ۽ زميندارن کي پروانا جاري ڪيا تھ پنهنجي سپاهھ سميت جهوڪ مدد لاءِ پهچن ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مرڪزي حڪومت طرفان آيل حڪم تحت چيو ويو تھ توهان سپاهھ سميت تر جي سمورن زميندارن کي پنهنجي اڳواڻي ۾ جهوڪ وٺي اچو. ميان يار محمد ڪلهوڙي سبي ۽ ڊاڊر کان بھ ماڻهو گهرايا. هڪ لشڪر جرار صوفي صاحب تي ڪاهڻ لاءِ جهوڪ طرف روانو ٿيو سبي،ڊاڊر،بکر،سيوهڻ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان فوج جهوڪ جهڙي ننڍڙي ڳوٺ تي ڪاهھ ڪرڻ نڪتي. ٺٽي جي سامونڊي پٽي وارا سڀ زميندار پيش پيش هئا صوفي شاهه عنايت امن پسند انسان هو جڏهن هن کي خبر پئي تھ سڄي سنڌ جي فوج مٿس ڪاهھ ڪرڻ لاءِ اچي پئي تھ هن چيو“مان عشق جي بازار ۾ هي وکر ان لاءِ تھ نھ آندو هو تھ شور شرابو ٿئي ۽ ڳالھھ جنگ جدل تائين پهچي”. صوفي صاحب کي فقيرن تجويز ڏني تھ ڇونه شاهي لشڪر کي رستي ۾ روڪجي تھ جيئن هو افراتفري جو شڪار ٿين ۽ جهوڪ محاصري کان بچي وڃي مگر صوفي صاحب فقيرن کي اڳرائي کان روڪي ڇڏيو. جهوڪ پرامن ڳوٺ هو ڪا فوجي ڇانوڻي نھ هئي نھ ئي فقيرن وٽ ڪي جنگي هٿيار هئا. هنن وٽ ڪاٺيءَ جون تلوارون ۽ ڏڦا هئا جڏهن تھ دشمن جنگي هٿيارن سان ليس هو، وٽس هاٿي کي مارڻ واريون لوهي توپون هيون. فقيرن جهوڪ کي حملي کان بچائڻ خاطر چوڌاري خندق کوٽي ان ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو. جهوڪ پري کان جزيري جو ڏيک ڏيئي رهيو صوفي شاهه عنايت فقيرن سان شاهي لشڪر سان مقابلي بابت صلاح مشورو ڪيو. هم اوست ۽ انسان جي آجپي جي عاشقن سندرا ٻڌا ۽ ناحق مٿان ٿاڦيل شاهي لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ سر تري تي رکيا.

جهوڪ جو محاصرو.

ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي پٽ نور محمد ڪلهوڙي کي جيڪو فارسي ۾ خط لکيو آهي تنهن مان پتو پوي ٿو تھ جهوڪ جو محاصرو تاريخ 12 آڪٽوبر 1717ع ۾ ڪيو ويو. فوج جهوڪ کان هڪ ميل پري پڙاءُ ڪيو ميران سنگهھ کتري ملتاني جي خط مان خبر پوي ٿي نواب اعظم خان جي فوج تمام ٿوري هئي جڏهن ته اصل مقابلو ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ فقيرن وچ ۾ ٿيو. جهوڪ جي هڪ پاسي کان ميان يار محمد ڪلهوڙي گهيراءَ ڪيو ۽ ٻئي پاسي  نواب اعظم خان جو لشڪر هو.

فقيرن جا شاهي لشڪر مٿان شب خون حملا.

يار محمد ڪلهوڙو پنهنجي خط ۾ ذڪر ڪري ٿو تھ 12آڪٽوبر 1717ع تي رات جي اونداهي ۾ فقيرن فوجي ڪئمپ مٿان حملو ڪيو اهي تعداد ۾ 1700سئو هئا جيڪي ڪنهن نھ ڪنهن طريقي سان لشڪر تائين پهچي ويا هئا. هنن ڌار ڌار ٽولين ۾ اوچتو  حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ ٺٽي جو سيد بولو شاهه،احمد بوبڪاڻي،اوڍيجا قوم جا زميندار ۽ ٻيا زميندار مارجي ويا پر اسان جي دليرن بھ زبردست مقابلو ڪيو ۽ ڪي ٿورا فقير جان بچائي نڪري ويا. ميان يار محمد لکي ٿو تھ جڏهن حملو ٿيو مان پنهنجي خيمي ۾ موجود هوس جيڪي پهريدار هئا سي هيڏي هوڏي ٿي ويا هئا، اهو تھ شڪر ٿيو جو ٻھ پٽ ميان دائود،ميان غلام حسين ۽ ڀاءَ ميان مير محمد ۽ ميان نصير واردات مهل موقعي تي موجود هئا انهن دليري سان مقابلو ڪيو ۽ فقيرن کي تھ تيخ ڪيو پر ان ۾ ميان غلام حسين زخمي ٿي پيو. يار محمد ڪلهوڙي جي خط مان اها بھ خبر پئي ٿي تھ فقيرن جو تعداد ٻن کان اڍائي هزار جي وچ ۾ هو. فقيرن طرفان لشڪر مٿان ٿيندڙ شب خون حملن فوج کي منجهائي وڌو هو ڪيترائي فقير لشڪر اندر موجود هئا جيڪي شاهي لشڪر جي سپاهين سان گڏجي ويا هئا ۽ انهن کي جنگ نھ ڪرڻ لاءِ تيار ڪري رهيا هئا. سپاهي جيئن تھ مختلف علائقن مان ڪانڍيل هئا انهن جي فقيرن سان ڪا ذاتي دشمني نھ هئي تنهن ڪري انهن جي فقيرن سان همدردي وڌڻ لڳي.جهوڪ جي محاصري کي ٻھ مهينا ٿي ويا هئا پر هٿيارن سان ليس شاهي لشڪر جهوڪ تي قبضو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو هو لشڪر ۾ بيچيني وڌندي پئي ويئي. صوفي صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو هو شب خون هڻڻ مهل خاموشي اختيار ڪرڻي آهي پر هڪ رات هڪ فقير جذباتي ٿيندي نعرو هنيو الله جيڪو فقيرن جو اسم اعظم هو. نعري لڳڻ سان شاهي لشڪر هوشيار ٿي ويو ۽ ڪيترائي فقير شهيد ٿي ويا فقيرن جي شب خون حملن شاهي لشڪر کي ڏڪائي ڇڏيو هو ڇو تھ هو کين سڃاڻي نھ پئي سگهيا تھ هي پنهنجي لشڪر جا آهن يا صوفي جا ساٿي آهن. شب خون ڪارروائين جي ڪري شاهي لشڪر ۾ ڦڙ ڦوٽ هئي جهوڪ جي فتح ۾ دير ٿي رهي هئي نيٺ نواب اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙي صوفي شاهه عنايت کي صلحنامو ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي.(حصو ٻيو)