تماشگاهه … عدالتي نظام، عوام ۽ اطمينان

0
164
تماشگاهه ... ڇا ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي؟

  تازو ئي ٿيندڙ انٽرنيشنل جڊيشل ڪانفرنس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان حاضرين مان هڪ صاحب، جيڪو ذميدار پوزيشن تي رهيو آهي، سوال پڇيو هو ته ڇا پاڪستان جي عدالتي نظام مان مطمئن آهيو؟ جسٽس فائز جيڪو سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج آهي، چيو ته هو پاڻ جواب ڏيڻ بدران حاضرين جي سامهون اهو سوال رکي ٿو. “جيڪڏهن جواب ها آهي ته هٿ مٿي ڪريو.” جج ۽ وڪيلن ۽ شاگردن سان ڀريل هال مان هڪ ماڻهو به هٿ نه کنيو. جنهن تي جسٽس فائز چيو ته اميد آهي ته انصاف ڪندڙن کي جواب ملي ويو هوندو. ان کان اڳ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته “سوات ۾ ٻارن جي قاتلن سان ڳالهيون ڇو ڪيون ويون ۽ ڪنهن اجازت ڏني. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته ججن، بيوروڪريٽس ۽ فوجي آفيسرن کي ڪارون ڏيڻ بند ڪن، ۽ اهي پئسا سائيڪل جي رستن، پنڌ هلڻ جي رستن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪيا وڃن. فيملي پلاننگ کي سسٽم مان ڪڍڻ سان اڄ اسان جي آبادي بنگلاديش کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي، عالمي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي دنيا ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ عملي قدم کڻڻا پوندا.

غريب ته پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، اهو پنڌ هلي ٿو يا سائيڪل تي سفر ڪري ٿو. ٻوڏ متاثرن جي مدد اسان سڀني تي فرص آهي. بنيادي حقن ۾ سڀ کان اهم زندگي ۽ تعليم جي فراهمي آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ انهن ٻنهي حقن تي سدائين حملو ٿيندو رهيو آهي. ڪيترن تعليمي ادارن کي تباهه ئي ڪيو ويو. قرآن پاڪ ۾ قلم ۽ علم جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل به هتي مسئلو آهي. اسان جو ايمان عورتن جي عزت جو درس ڏئي ٿو. قرآن ۾ به عورت جي احترام جو حڪم ڏنو ويو آهي. آئين تحت عدليه کي وڏي مقدس ذميداري ڏني وئي آهي. هڪ جج جي حيثيت سان نه پر هڪ مسلمان شهري جي حيثيت سان ڳالهائيندس، نبي پاڪ جي تعليمات تي عمل نه ڪرڻ مسئلن جو سبب آهي.” جسٽس صاحب هڪ ساهي ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ تجويزون پيش ڪري ڇڏيون.

پاڪستان ۾ انصاف جي فراهمي جو معاملو ڳمڀير ٿيندو پيو وڃي، جنهن تي سمورن ذميدار حلقن کي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. ڪنهن به معاشري جو اهم ترين بنياد انصاف جي فراهمي هوندي آهي. جيڪڏهن انصاف فوري نه ملي، انصاف ٿيندو نظر نه اچي ته معاشري جي خاص طور تي غريب عوام اهڙيءَ طرح محتاج ٿي ويندو آهي، جيئن پاڪستان سان ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ امير جي لاءِ فوري انصاف جا سڀ دروازا کليل رهندا آهن، جڏهن ته غريب ماڻهو دروازي ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ڳوليندو رهجي ويندو آهي. ايئن ڇو ٿيندو آهي؟ ڇا عدالت، ڇا پوليس، ڇا انتظاميه وغيره. ڇا انصاف فراهم ڪرڻ رڳو عدليه جي ذميداري آهي يا وڪيلن جو به ان سلسلي ۾ ڪوئي ڪردار بڻجي ٿو؟

سنڌ ۾ ته وڏن زميندارن جو جرڳي جو نظام لاڳو ٿيل آهي ۽ ان تي عمل ڪرائيندي هڪ هڪ وقت ۾ قتل جهڙن ڏوهن جا فيصلا به مڙهيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ قبيلائي دشمنيون به ختم ٿيون. جڏهن ته سکر هاءِ ڪورٽ ڪيترا سال اڳ جرڳا ڪوٺائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي ۽ فيصلي ۾ اهو به چيو ويو هو ته جرڳن ۾ قتل جي معاملن جا فيصلا نه ڪيا ويندا پر ان جي باوجود جرڳا ٿيا. جرڳا ڪوٺائيندڙن جو زور اهو ئي رهيو آهي ته عدالتن کان انصاف ملڻ ۾ تمام دير ٿيندي آهي، جنهن دوران دشمنين ۾ قتل عام جاري رهندو آهي. جرڳن  ڪوٺائڻ جو بنيادي سبب اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته انصاف جي فراهمي ۾ دير ٿيندي آهي. شاهنواز امير نالي شخص هٿان قتل ٿيندڙ سندس زال ساره جي والد انعام رحيم جو چوڻ آهي ته “3 کان 4 ٻڌڻين ۾ ڪارروائي کي مختصر ڪري ملزم کي ڦاهي تي ٽنگيو وڃي، ڪيس ۾ دير ڪئي وئي ته اها سراسر ناانصافي ٿيندي، جيئن نور مقدم جو ڪيس اسان جي سامهون آهي. جيڪڏهن ڪيس ۾ دير ڪئي وئي ته اها سراسر ناانصافي هوندي.” گذريل سال 20 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ظاهر جعفر اڳوڻي پاڪستاني سفير جي ڌيءَ نور مقدم کي سخت تشدد ڪري قتل ڪيو  هو. اسلام آباد جي هڪ عدالت هلندڙ سال فيبروري ۾ نور مقدم جي قاتل ظاهر جعفر کي موت جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ڏوهه ۾ ملوث 2 ملزمن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

اسان جا ماڻهو سعودي عرب، قطر، عرب امارتن، برطانيه، آمريڪا، چين، ڏکڻ ڪوريا وغيره جي عدالتي نظام تي اطمينان جو اظهار ان لاءِ ڪندا آهن جو اتي فوري ٻڌڻي بعد فوري فيصلا ڪيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ سائل جتيون ئي گسائيندا رهندا آهن. اهڙي نظام ۾ موجود جهول ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

وڪيلن جا معاوضا به عدالتن کان هٽي ڪري فيصلا ڪرائڻ يا ڪرڻ جو سبب ٻڌايا وڃن ٿا. وڪيلن جي معاوضن جي باري ۾ ته وڪيلن جون تنظيمون ئي فيصلو ڪري سگهن ٿيون. وڪيلن جي خدمتن جي معاوضي جي شروعات جتان کان شروع ٿيندي آهي غريب ماڻهو ته ان جي باري ۾ سوچي به نٿو سگهي. ان لاءِ غريب ڪڏهن عدالت جي دورازن کي ڏسندو رهجي ويندو آهي يا وري آسمان طرف ڏسندو رهجي ويندو آهي. غريبن کي وڪيلن جي سهولت فراهم ڪرڻ به عدالتن جي ذميداري قرار ڏني ويندي آهي. پر ان تي عمل اڻٿيڻو آهي. ان لاءِ ان سوال “ڇا اهي عدالتي نظام مان مطمئن آهن” جو جواب حاضرين سان ڀريل هال مان ڪنهن نه ڏنو. چيف جسٽس پنهنجي خطاب ۾ صحيح عڪاسي ڪئي ته “خوشحال پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي ته عدليه تائين ملڪ جي سمورن طبقن جي هڪ جهڙي رسائي هجي.” چيف جسٽس چوي ٿو ته سمورن طبقن کي هڪ جهڙي رسائي حاصل هجي. هڪ جهڙي رسائي ته سدائين هڪ خواب ئي رهندو. جڏهن غريب وٽ وسيلا ئي نه هوندا ته اهو وڪيل صاحب جي فيس ادا ڪري سگهي ته ان کي ڇو هڪ جهڙي رسائي حاصل ٿي سگهندي. چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آئين جي احترام سان ئي ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو.

عورتن کي ايگزيڪيوٽو، قانون ساز ۽ عدليه جي فيصله سازي ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. گڏيل ڪوششن سان پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي سگهجي ٿي. خوشحال پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي ته عدليه تائين ملڪ جي سمورن طبقن کي هڪ جهڙي رسائي هجي. اهو ڪانفرنس جي اختتامي سيشن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي چيو. هن چيو ته عدالت محروم طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. حڪومتن ۽ عدليه کي تڪرارن جو متبادل نظام اختيار ڪرڻو پوندو. پوليس ۽ پراسيڪيوشن کي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ گڏيل تعاون کي به بهتر بڻائڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته انصاف جي نظام جي بهتري لاءِ عدليه ۽ بار ايسوسيئيشنز کي به پنهنجو قانوني علم بهتر ڪرڻو پوندو. عورتون اسان جي آبادي جو پنجاهه سيڪڙو آهن، جن کي فيصله سازي ۾ شامل ڪرڻو پوندو. آبادي ۾ اضافو،موسمياتي تبديلي سميت مسئلن جو حل ضروري آهي، هڪ ترقي يافته پاڪستان جي لاءِ قانون جي حڪمراني ئي اصل حل آهي.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته تڪرارن جي حل جي متبادل نظام جي لاءِ قانون سازي ضروري آهي. عوام کي عدالتن ۾ اچڻ بدران ٽياڪڙي جي نظام سان رجوع ڪرڻ جي آگاهي ڏيڻ گهرجي. عدالتن ۾ غير ضروري ڪيسن سبب ڪيسن جو بار وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جا جج صاحب اهو سمجهن ٿا ته ٽياڪڙي جو نظام موجود هجي ته عدالتن تي ڪيسن جو غير ضروري بار نه پوندو ته پوءِ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ عدالت کي ٽياڪڙي نظام جي باري ۾ حڪومت کي هدايت ڏيڻ گهرجي ته ان نظام کي ئي متعارف ڪرائي ته جيئن متاثرن کي فوري طور انصاف فراهم ٿي سگهي ۽ اهي عدالتن ۽ ملڪ کان بدظن نه ٿين.