پاڪي ليڪس ۽ سائفر سازش

0
185
 آءِ ايم ايف يا عالمي مالياتي بينڪ جو وفد جيڪو پاڪستان جي ڏهن ڏينهن جي دوري تي هو، آخري رات تاريخ بدلجڻ مهل ڳالهيون پوريون ڪري ڪجهھ ڪلاڪن بعد جمعي

 وڪي ليڪس بعد هاڻي پاڪي ليڪس مارڪيٽ ۾ اچي رهيون آهن. جنهن وسيلي ثابت ڪيو پيو وڃي ته ڪيئن ڳجهي سفارتي خط يا cipher کي عمران خان۽ سندس پارٽي پنهنجو سياسي بيانيو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو. ان سازش سان نه فقط آميريڪا سان لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيا جيڪي اڳي ئي افغانستان مسئلي سبب ان سطح تائين خراب ٿي چڪا هئا جو نئين چونڊيل صدر جو بائيڊن عمران خان کي ڪڏهن به فون ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي ۽ نه ئي ڪو ڪل وقتي آميريڪي سفير پاڪستان ۾ مقرر ڪيو ويو هو، پر ان سان ملڪي معاشي مسئلا به وڌيڪ پيچيده ٿيا ڇو ته پاڪستان جو نالو بدستور ايف اي ٽي ايف گري لسٽ ۾ شامل آهي، جنهن جي انت جي خبر عالمي اداري جي ايندڙ گڏجاڻي جي نتيجن مان پوندي جيڪا 18 آڪٽوبر تي پئرس ۾ ٿي رهي آهي. هاڻي اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم هائوس جي رڪارڊ مان اهو ڳجهو سفارتي خط گم ڪيو ويو آهي پر حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته ان جي ڪاپي پرڏيهي کاتي ۾ موجود آهي. ان سائفر سازش ڪهاڻي وسيلي هن مخالف پارٽين کي به بدنام ڪيو ته بقول سندس هنن پيسا وٺي پرڏيهي چرچ تي سندس حڪومت جو نيوٽرلز جي مدد سان تختو ڪڍي ڇڏيو جنهن جو نالو نھ نھ ڪري آخر هن هڪ لائيو خطاب ۾ ٻڌائي ئي ڇڏيو ته اهو ملڪ آميريڪا آهي. ان بعد هو انهن تقريرن جي سلسلي وسيلي پاڻ کي ايماندار ۽ محب وطن قرار ڏئي اهو تاثر ڏئي رهيو هو ته ڄڻ هو ذوالفقار علي ڀٽو جي پائي جو ليڊر هجي ۽ هو ئي ملڪ کي مسئلن مان نجات ڏياري سگهي ٿو. پر هو اها ڳالھھ وساري ويٺو ته هو خود چار سال حڪومت ۾ رهي هميشه ماضي جوقيدي رهيو جنهن مان ڪڏهن به هن نڪرڻ جو ارادو نه ڪيو، ان ڪري سندس ڪاردگي مايوس ڪن رهي.

سندس دور ۾ ملڪ عملي طور ترقي يافته اتر ۽ ڏتڙيل ڏکڻ ۾ ورهائجي ويو، رپئي جو ملھھ سسندو رهيو جنهن سان مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت وڌي. پاڪي ليڪس ڪري هڪ ٻي ڳالھھ به سامهون اچي چڪي آهي ته وزيراعظم هائوس جي باشندن سميت ڪنهن به پاڪستاني جي هر حرڪت “لوح محفوظ” ۾ لکجندي پئي وڃي. اهي “ڪرامن ڪاتبين” ڏيهي آهن يا پرڏيهي؟ تن بابت اڃان چوٻول ئي ڪري سگهجن ٿا پر اهي ليڪس فقط پنهنجي ملڪ تائين محدود ناهن پر ملڪ کان ٻاهر پڻ! هڪ ٻئي وڏي آبادي واري مسلمان ملڪ انڊونيشيا جي حڪومت کي تازو ٽيڪنالاجي ڪمپني ائپل خبردار ڪيو آهي ته سندن 9 اعليٰ عملدارن جي iPhone موبائيل فون کي اسرائيلي سافٽ ويئر وسيلي واچ ڪيو پئي ويو. انهن عملدارن ۾ اقتصادي وزير، فوجي جنرل ۽ سفارتڪار به شامل آهن. سائبر سيڪيورٽي جو رسڪ هاڻي ان ڪري به وڌي ويندو جو جلد انٽرنيٽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙ ڇ ۾ بنا ڪنهن ڪيبل يا ٽاور جي سئٽلائيٽ وسيلي دنيا کي هڪ ڪري ڇڏيندي.

ڏسجي ته پاڪي ليڪس ڪٿي دنگ ڪري ٿي پر اها وڪي ليڪس کان ان ڪري مختلف آهي جو ان پويان ان جو ڪو خالق ڪو جولين اسانجي ظاهر ناهي ٿيو پر بظاهر اهي ليڪس ڊارڪ ويب وسيلي ڀتو ڏئي ظاهرڪرايون ويون آهن. عمران خان جيتوڻيڪ ليڪس سبب ڪافي مايوس آهي ڇو جو مخالف اتحاد جو وزير دفاع کيس آرٽيڪل 6 تحت مقدمي جي ڌمڪي ڏيندي سپريم ڪورٽ کي ان جو نوٽيس وٺڻ جو چئي چڪو آهي. جڏهن ته عمران خان ان جو الزام به نيوٽرلز تي لڳائي چئي رهيو آهي ته هو وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي ۾ ناڪام ويا آهن ۽ بقول سندس پارٽي جي ڪجھھ اڳواڻن جي “چور ۽ چوڪيدار” پاڻ ۾ ملي ويا آهن. پر ان کان اڳ جو وزيردفاع جي مطالبي جو سپريم ڪورٽ ڪو نوٽيس وٺي، پي ٽي آئي سپريم ڪورٽ ۾ ان جي جاچ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جيئن ان تي وڌيڪ بحث مباحثي کي روڪي سگهجي.

12 سال اڳ پڌري ڪيل “وڪي ليڪس” جو باني آسٽريلين شهري جولين اسانجي هن وقت آميريڪا ۾ قيد آهي. هن انڪشاف ڪيو هو ته دنيا تي “پنجن اکين” جي هر وقت نظر آهي جنهن جو مطلب هن پنجن ملڪن آميريڪا، برطانيه، ڪئينيڊا، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي اتحاد کي سڏيو هو. سندس پڌري ڪيل ليڪس ۾ بغداد تي بمباري، افغانستان جنگ، عراقي صدر پاران ايران تي حملي جي مطالبي، مصري صدر حسني مبارڪ پاران عراق ۾ چونڊون نه ڪرائڻ جي مطالبي ۽ عراق جنگ جي سرڪاري جاچ دوران اهو انڪشاف ته برطانوي حڪومت ان دوران بش انتظاميه کي بچائڻ ۾ پوري هئي شامل هئا. ان کان سواءِ صدر ڪرزئي جي ڪرپشن، هيروئن جي واپارين ۽ بدعنوان سرڪاري عنصرن کي ڇڏڇوٽ ۽ سندس ڀاءُ احمد ولي جنهن کي قنڌار جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو سان پست جي واپارين جو ڳٺجوڙ، اسرائيل فلسطين ٺاھھ ۽ امن بدلي گولان جي قبضو ڪيل پهاڙن کي واپس شام کي ڏيڻ سميت ڪيتريون ئي دلچسپ خبرون شامل هيون. وڪي ليڪس کي آميريڪي حساسيت سبب تڏهوڪي نائب آميريڪي صدر ۽ هاڻو ڪي صدر جو بائيڊن جولين اسانجي کي “هاءِ ٽيڪنالوجي ٽيررسٽ” قرار ڏنو هو. وڪي ليڪس ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو هو ته 2007ع ۾ اسرائيل کي جنرل مشرف جي چڱ ڀلائي بابت ڳڻتي هئي ۽ هن چاهيو پئي ته سندس حڪومت اينگهجي ۽ 2009ع جي بهار دوران چوڌري افتخار جي بحالي جي تحريڪ وقت صدر آصف زرداري جي حڪومت وقت جنرل ڪياني بغاوت بابت سوچيو هو جنهن تحت زرداري کي لاهي جلاوطن ڪرڻو هو پر مشرف جي حڪومت ۾ هن اهو سکي ورتو هو ته سندن لاءِ اهو بهتر آهي ته سڌي بجاءِ اڻسڌي حڪومت ڪجي ۽ پسمنظر ۾ رهي ٻين ادارن جي مدد سان سندن مفادن کي تحفظ ڏنووڃي. هن آميريڪي مدد سان سندن ادارن کي چونڊيل حڪومت هيٺ رکڻ جي ڪوشش کي به ناڪام ڪيو. آميريڪي سفير ائني پيٽرسن سان ڳالھھ ٻولھھ جيڪا ائمبيسي جي سائفر ڪيبل ۾ واشنگٽن موڪلي وئي هئي تنهن ۾ ڪياني جي واتان اهو به رپورٽ ڪيو ويو هو ته هو زرداري کي ته پسند نٿو ڪري پر نواز تي به اعتبار نٿو ڪري. ان ڪري هو ڪوشش پيو ڪري ته ڪنهن طريقي سان نواز کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪي. عدليه تحريڪ دوران هڪ هفتي دوران ٻنهي وچ ۾ چار گڏجاڻيون ٿيون جنهن۾ هن چيو ته جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته ڪوشش ڪبي ته ڪنهن طريقي سان زرداري کي استعيفا تي راضي ڪري پرڏيھھ روانوڪيو وڃي ۽ اسفنديار ولي کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيووڃي، البتھ وزيراعظم گيلاني ئي رهڻوهو. ان ليڪس ۾ اهو به چيوويو هو ته آخر سندس زور تي زرداري 16 مارچ تي چوڌري کي بحال ڪيو جنهن سان زرداري ته ڪمزور ٿيو پر منصوبه بندي موجب نواز کي به ٻاهر رکيو ويو.

اهي ليڪس ڪي نيون نه آهن. ملڪ ۾ميڊيا جي مدد سان پهريائين به اهڙيون ڪئي ليڪس پڌريون ڪيون ويون آهن. اتحادي حڪومت کي اهو سمجهي انهن ليڪس تي گد گد نه ٿيڻ گهرجي ته اهي هن وقت سندن مخالفن کي نقصان ڏيندڙ آهن ڇو ته سڀاڻي اهي سندن خلاف به ظاهر ٿي استعمال ٿي سگهن ٿيون. اصل مسئلو جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي سا ماڻهن جي انفرادي پرائيويسي جو حق آهي جنهن جي لتاڙ نه ٿيڻ گهرجي. جڏهن وزيراعظم هائوس ۾ ملڪ جي وزيراعظم جي ڳالھھ ٻولھھ محفوظ ناهي ته عام ماڻهو جي حفاظت جو ڇا حال هوندو.؟ ماڻهن جي چهرن، چرپر، ڳالھھ ٻولھھ، جذبن، سوچ ۽ خيالن کي ٽيڪنالوجي وسيلي مانيٽر ڪري ان جي مشاهدي وسيلي کين ڪنٽرول ڪرڻ سان حڪمران طبقا وڌيڪ طاقتور ٿي جهرندڙ جمهوريت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. هن وقت دنيا جي ڊيٽا تي طاقتورن جو ئي قبضوآهي. ماڻهن جي شناختي ڪارڊن ۾ موجود بايوميٽرڪ ڊيٽا سميت ٻي معلومات هڪ وڏواثاثو آهي جنهن کي چونڊن جي نتيجن کي هيٺ مٿي ڪرڻ جي مقصد لاءِ اڳواٽ تجزئي لاءِ ستعمال ڪري سگهجي ٿو. ڏسجي ته آڊيو ليڪس کان پوءِ پاڪي ليڪس ڪٿي ٿيون دنگ ڪن ۽ ڏسجي ته ٻنهي طرفن جون وڊيوليڪس پڌري ٿيڻ سان پاڪستاني جمهوريت مضبوط ٿئي ٿي يا طاقتور طبقن هٿان وڌيڪ يرغمال!