ڇا ھر احتجاج تي ملڪ کي بند ڪيو ويندو، ملڪ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي، سڀني کي نظر اچي پيو: سپريم ڪورٽ

0
204
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الحسن چيو آھي تھ معاشي لحاظ کان ملڪ نازڪ دور ۽ ڏيوالو نڪرڻ جي در تي آھي، ؟ سُپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ جو مارچ روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا آھن،

 ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ماڻهن جون زندگيون متاثر ڪرڻ بدران آسانيون پيدا ڪريو، قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي

عدالت چيو تھ احتجاج جو حق گهرو ٿا، پر توهان به قانون ۽ قاعدن تي عمل جا پابند آهيو، ملڪ جي معاشي صورتحال جي سڀني کي خبر آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ٿيو ته ڇا ٿيندو، ڇا ھر احتجاج تي ملڪ کي بند ڪيو ويندو

ھن چيو تھ ملڪ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي، سڀني کي نظر اچي پيو، عدالت گهرو سيڪريٽري،  آءِ جي اسلام آباد، چيف ڪمشنر ۽ ڊي سي کي طلب ڪري ورتو، چئني صوبن جي اي جيز کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا

مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون، پي ٽي آءِ جا 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار

 ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون دوران پي ٽي آءِ جا 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد کي گرفتار ڪري ورتو آھي

پي ٽي آءِ ترجمان طرفان سينيٽر اعجاز چوڌري به گرفتار ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، لاهور ۾ شفقت محمود جي گهر تي به ڇاپو ھنيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ هٿ نه آيو

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ: ڪراچي کان اسلام آباد تائين اھم رستا ۽ موٽر وي بند، بس اڏا سيل، ميٽرو سروس به معطل