سنڌ ۾ پاڻي کوٽ اڃا وڌندي: ارسا آگاهه ڪري ڇڏيو

0
285
سنڌ ۾ پاڻي کوٽ اڃا وڌندي
سنڌ ۾ پاڻي کوٽ اڃا وڌندي: ارسا آگاهه ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ارسا سنڌ ۽ پنجاب سميت چئني صوبن جي آبپاشي سيڪريٽريز کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته پاڻي کوٽ اڃا وڌي سگهي ٿي

ارسا جي خط موجب ايندڙ 5 کان 15 ڏينهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي سگهي ٿي

ارسا موجب تربيلا ڊيم اڳ ئي ڊيڊ ليول تي آهي، چشمه ۽ منگلا به ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڊيڊ لائين تي پهچي ويندا

ارسا موجب ڊيمن ۾ پاڻي جي موجودگي هڪ لک 56 هزار 600 ڪيوسڪ آهي