لاھور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، گرفتاريون، اسلام آباد ۾ رستا سيل

0
213
لانگ مارچ: ڪراچي کان اسلام آباد

اسلام آباد: عمران خان جي ڊي چوڪ پهچڻ واري اعلان بعد اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا آھن، ڪراچي کان اسلام آباد تائين اھم رستا ۽ موٽر وي بند ٿيل آھن، ڊي چوڪ کي چئني پاسن کان ڪنٽينرز رکي بند ڪيو ويو آھي

لاهور ۽ پشاور کان اسلام آباد ويندڙ رستا بند ڪرڻ بعد وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آھن، فيض آباد انٽرچينج بھ سيل ڪيوويو، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي آھي

 جاڙن شهرن ۾بس اڏا بند ڪري ٽرانسپورٽرز کي رستن تي گاڏيون نه آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، پنجاب جي 300 مختلف جاين تي موبائيل فون سروس معطل بڻيل آھي

 اسلام آباد پنجاب ۽ سنڌ ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي، ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جي اعلان بعد مختلف رستا بند ڪيا ويا آھن

لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ مختلف هنڌن تي بيريڪيڊس قائم ڪري ڇڏيا آهن، جن کي هٽائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪارڪن باٽي چوڪ پهچي ويا

جي ٽي روڊ جي علائقي باٽي چوڪ وٽ پي ٽي آءِ ميمبرن بيريڪيڊز هٽائڻ شروع ڪيا ته ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا

پي ٽي آءِ ڪارڪن رڪاوٽون هٽائي راوي پل ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، جنهن کي انتظاميه ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو آهي، پر پوليس ڪارڪنن کي راوي پل کان 100 ميٽر اڳ ئي روڪي ڇڏيو 

ھي به پڙھندا

هاڻ نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ناهي:عمران خان