ڀٽ شاهه ۾ لاوارث حالت ۾ نينگري هٿ، پوليس حوالي

0
235
ڀٽ شاهه ۾ لاوارث حالت

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ هڪ لاوارث حالت ۾ نينگري هٿ آئي آهي جنهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، ڀٽ شاهه پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي عمر تقريبن 4 کان 5 سال آهي، نينگري لاوارث حالت ۾ ٽنڊو آدم روڊ تي موجود هئي ته هڪ مسجد جي پيش امام معصوم کيس لاوارث حالت  ۾ ڏسي ٿاڻي تي پهچايو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جا اڃان تائين ڪي به وارث ظاهر نه ٿيا آهن، معصوم نينگري هن وقت ڀٽ شاهه ٿاڻي تي موجود آهي ۽ وارثن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي