ٻٽو قتل ڪيس: حيدرآباد جي عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

0
269
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ

حيدرآباد(ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٻٽي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، 2019ع دوران ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ شهيد بينظير آباد جوابدار علي حسن چانڊيو کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائي هئي

2007ع دوران قاضي احمد پوليس مسمات حليمه چانڊيو جي فرياد تي سندس پٽ پنهل چانڊيو ۽ مسمات ظهره جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس ۾ فريادڻ ڄاڻايو هو ته جوابدار علي حسن ۽ علي نواز چانڊيو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو

2012ع دوران سيشن ڪورٽ نوابشاهه ٻنهي جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته 2018ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ اپيل دوران جوابدار علي نواز چانڊيو کي بري ڪندي جوابدار علي حسن چانڊيو جي ٻيهر ٽرائل جو حڪم ڏنو هو

ٻيهر ٽرائل دوران 2019ع ۾ جوابدار کي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي هئي، هاڻي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ فيصلو ڪري ورتو