ڀُٽي صاحب جي مشن ۽ نظرئي تي عمل جي ضرورت

0
144
ڀُٽي صاحب جي مشن ۽ نظرئي تي عمل جي ضرورت

 هو جيڪو ديس جو اهڙو جادو هو جنهن جي لفظ لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو. ان وقت جي ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند عام شهرين ۾ ريڊيو ورهائيندڙ قائد عوام، ”لڙوگي؟ لڙينگي”، “مروگي؟ مرينگي”.

                 هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هئا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو.

                 ڀٽو، شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين هن جي سموري زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته

عوام جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي. روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ۽ وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي.

هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڪن قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني ،ڪن موت جي ڦاهيءَ کي چميو ته ڪن وري پنهنجي سينن تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل واعدي تي پنهنجي ثابت قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو. “مون کي ڪوبہ جلاوطن نٿو ڪري سگھي،

مان ھن مٽيءَ جي پيدائش آھيان ۽ ھتي ئي دفن ٿيڻ پسند ڪندس” سنڌ، ڪئليفورنيا يونيورسٽي، برڪلي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ۽ لنڪنز انورڊ ۾ بارسٽر جي حيثيت سان تربيت حاصل ڪندڙ ڀٽي صاحب ننڍي عمر ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏو گڏ دنيا جي معيشت ۽ سياست جي لاهن چاڙهن کي به معلوم ڪيو. هن سوشلزم ۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي عمر ۾ جڏهن ان سياسي بلوغت حاصل ڪئي،

تڏهن کان وٺي هن عملي طور تي عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشن ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن مرد، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقي تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪرايو.

وطن کي آئين جو تحفو ڏنو. اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. سندس هر تقرير ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڳالهه ڪيل هوندي هئي يعني هارين توڙي مزدورن جو ذڪر لازمي هوندو هو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هر تقرير ۾ غريب عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. دوست توڙي دشمن اها ڳالھ ضرور مڃيندا ته عوام ۾ سياسي سجاڳيءَ وارو انقلاب صرف ۽ صرف شهيد ڀٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي،

نه ته ان کان اڳ، عوام سياست ۾ سرگرم حصو ڪونه وٺندو هو ۽ نه ئي اميدوار عوام ۾ اچي ڳالهائڻ پسند ڪندا هئا جڏهن ته ماڻهن جي، ووٽن وجھڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي به ڪانه هوندي هئي، ٻين جا ڪوڙا ووٽ وجھڻ جو ته عام رواج هوندو هو. پوءِ، شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسندي ڏسندي ساري ملڪ اندر ڇانئجي ويو جڏهن ته غريبن، هارين ۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا.

ڀٽو صاحب عوام سان هميشه عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو ۽ هر ماڻهو کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جو ڪو پنهنجو گهر جو ڀاتي آهي. اهيو شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان ياد ڪندا آهن،

توهان ڏٺو هوندو ته سنڌ ۾ جيڪو ٻار اهو به نه ٿو ڄاڻي ته سياست ڇا آهي، حڪومت ڇا آهي، پارٽي ڇا ٿيندي آهي، پر اهو ٻار به پيو چوندو آهي جيئي ڀٽو. قائد عوام جا جلوس جلسا ۽ عوام جو سمنڊ  شايد ڀٽو صاحب اهو پهريون ليڊر هو جنهن جا ايڏا وڏا جلوس جلسه ٿيندا هئا ۽ ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ نظر ايندو هو.

جيڪڏهن سندس قائم ڪيل پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نين ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي، تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته ايشيا جو هي ذهين ترين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقي طرف وٺي وڃي رهيو هو. جتي خوشحالي، امن ۽ احساس ذمه داري ظاهر ٿيندي هجي. نه صرف هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي انساني برادري وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي.

 هن ڪيترن ئي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ھو. هن اصل ۾ ڪجهه گهرن جي حاڪميت کي ختم ڪري هڪ اهڙو خوشگوار ماحول پيدا ڪرڻ پئي چاهيو، جنهن ۾ رياست عوام جي سمورن حق جي حفاظت جي ضمانت ڏئي سگهي.

ان لاءِ ايوانن کي عزت ۽ وقار کي مرڪز بڻائي ڇڏيو. ملڪي تاريخ جي نشيب و فراز ۾ عالمي طاقتن جي رسا ڪشي ڪنهن کي ڳجهي ناهي؟ ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ بدترين خون خرابي جي شروعات افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي آمد ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ايران اندر شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ اسلامي انقلاب ڪاميابي ماڻي.

آمر ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني مرحوم بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي صاحب جو آخري ديدار نه ڪرايو ويو.

اڄ وطن کي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن ۽ سندس نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي.