لاکا لَکَ سُڄَنِ …. امين ارباب

0
155
پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو يا ميچ فڪسنگ!؟
پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو يا ميچ فڪسنگ!؟

 هو جيڪو ڪامرو ديس جو اهڙو تہ منتر هو، جنهن جي لفظ لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي تہ صدا هئي، جنهن تي ماڻهو ماڻهو ٿي فدا ٿيڻ چاهيو. “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” جو نعرو هو ۽ هن طاقت جو سرچشمو عوام، سوشلزم کي معيشت ۽ جمهوريت کي سندس منزل ڪوٺيندي اسلام کي پنهنجو عظيم دين قرار ڏنو ۽ چيو تہ “مونسين هلي سا، جا جيءُ مٺو نہ ڪري”.

                 پنجين جنوري 1928 تي هڪ جاگيردار گھراڻي ۾ جنم وٺڻ کان پوءِ ممبئي ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن 1947 ۾ ڪيلفورنيا يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو تہ پاڪستان جي قسمت بابت فيصلا ٿي رهيا هئا. 1949ع ۾ برڪلي ڪيمپس ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو ايشيا جو پهريون شاگرد هو، جنهن کي برڪلي شاگرد ڪائونسل ۾ چونڊيو ويو. 1950ع ۾ آڪسفورڊ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڀُٽي جڏهن تعليم پوري ڪئي تہ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرار بڻيو. صلاحيتن جو هي صاحب ان وقت 1957ع ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو نمائندو بڻيو، جڏهن ملڪ مٿي ايوب دور جو راڄ هو. 1958ع ۾ ڪامرس جو وزير بڻجڻ کان پوءِ جڏهن کيس 1959ع ۾ انفارميشن جو وزير بڻايو ويو تہ هن اطلاعات کاتي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون. 1960ع ۾ معدنيات جو وزير بڻجندڙ ذوالفقار علي ڀٽو 1965ع تائين يو اين اي ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻ رهيو. 1963ع کان 1965ع تائين پرڏيهي معاملن جو وزير رهندڙ ذوالفقار علي ڀُٽي جڏهن 1966ع ۾ پرڏيهي وزارت تان استعيفا ڏني تہ ايوب خان حڪومت ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ هن ايوب سرڪار خلاف بغاوت جو علم بلند ڪندي هر واهڻ ۽ وستي ۾ وڃڻ لڳو. هن مظلوم ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ ماڻهن کي پنهنجن حقن ۽ وسيلن جي مالڪي جو پهريون ڀيرو احساس ڏياريو. جڏھن پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو ويو تہ ماڻهن هن جي دل کولي آجيان ڪئي، جڏهن ايوب خان هن جي عوام ۾ مقبوليت ڏٺي تہ هن پاڻ کي هيڻو ۽ ڪمزور محسوس ڪيو. 12 نومبر 1968ع تي ڀٽو گرفتار ٿي ويو ۽ ڀُٽي کي آڻ مڃرائڻ لاءِ حيلا هلايا ويا پر نہ جھڪيو تہ لاڙڪاڻي جو هي ڀٽو نہ جھڪيو. عوامي راڄ جو سمنڊ، ڀٽو ۽ چاهت جو انوکو جهان. 1970ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿيو تہ پيپلز پارٽي جي نشان تلوار تي ٺپو هڻڻ لاءِ عوام جون قطارون لڳي ويون. نتيجا آيا ۽ ڀٽو مولهيا ملھہ کٽي ويو، عوام سان ڪيل واعدن جو وقت اچي ويو ۽ ڀُٽي صاحب 1972ع ۾ ملڪ جي ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي مزدورن لاءِ نئين پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ۽ چيو تہ هاڻ جنهن بہ ڪارخاني مان نفعو حاصل ٿيندو، ان تي مزدورن جو حق هوندو. اعلان ٿيل پاليسيءَ تحت پھريون ڀيرو ڪارخاني جي مزدور کي پينشن ۽ انشورنس ملڻ جي پڪ ملي.

مزدورن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اعلان ڪيل پاليسيءَ کان پوءِ پورهيو ڪندڙ هارين کي بہ نہ وساريو. زرعي اصلاحات جو اعلان ڪندي چيو تہ ڪنهن کي بہ ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين رکڻ جي اجازت نہ هوندي. ڀُٽي صاحب جي هن اعلان کانپوءِ هزارين ايڪڙ زرعي زمين جي ورهاست ٿي ۽ هارپو ڪندڙ هاري زمينن جا مالڪ بڻجي ويا. ڀُٽي صاحب عوام جون دليون کٽي ورتيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جيئي ڀٽو جي صدا گونجي اٿي.

اڃان ڀُٽي صاحب جي اقتدار کي ڪجھہ سال ئي لنگھيا هئا تہ ڀُٽو هڪ امتحان جي ور چڙهي ويو، نوي هزار فوجي قيدي ڀارت جي قبضي مان آجا ڪرائڻ ڀُٽي صاحب لاءِ هڪ للڪار بڻجي وئي. سڄي دنيا جون اکيون ڀُٽي صاحب ۾. پاڪستان جي عزت ۽ وقار جو سوال. هڪڙي پاسي ذوالفقار علي ڀٽو شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کي هڪ نياڻي جي حيثيت ۾ ساڻ ويهاري اندرا گانڌي کي ڳالهين دوران اهڙو تہ پنهنجو ڪري ورتو، جو هن رات پيٽ ۾ پاڪستان جا نوي هزار جنگي قيدي آزاد ڪرائي ڇڏيا. سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ ڏيھ واپسيءَ تي پاڪستان جي ماڻهن ڀُٽي صاحب کي پنهنجي ڇاتيءَ لاتو.

ڀُٽي صاحب رڳو 90 هزار فوجين کي نہ ڇڏايو پر هن ملڪ ۾ ڪيترن ئي ڪارنامن تي مبني نشانيون بہ ڇڏيون. اسٽيل مل کان وٺي موهن جو دڙو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين، دوران سفر شاگردن کان اڌ ڀاڙو، سرڪاري بسون، شهرن جي مقابلي ۾ ٻهراڙي کي اهميت، ڪوٽا سسٽم، هاسٽلز، اسڪالر شپ جا موقعا، 1973ع جو آئين، شملا معاهدو ۽ ايٽمي پلانٽ اهڙا تہ ڪارناما هئا، جن کي ملڪ جا ماڻهو ڪڏهن بہ وساري نٿا سگهن.عوام جي دلين ۾ رهندڙ ڀٽو هي اهو ڀٽو هو، جنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ ماڻهو نہ رڳو پاڻ ۾ وڙهي ٿي مئا پر هن جي هڪ هڪ جهلڪ ۽ ادا کي ڏسڻ لاءِ وڻن ۽ عمارتن تي چڙهي “جب تڪ سورج چاند رهي گا، ڀٽو تيرا نام رهي گا” جهڙا نعرا بہ هنيا.آمريڪا جڏهن دنيا مٺ ۾ ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، آمريڪا جڏهن اسلامي ملڪن کي اشاري تي اٿ ويھہ ڪرائڻ جي همت ساري رهيو هو تہ هن اقوام متحده جي سڀني اڳواڻن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو ۽ چيو ته، “اسين غريب ضرور آهيون پر عزت، وقار ۽ حيثيت تان قطعي به هٿ نه کڻنداسين”. هن اسلامي ملڪن جي سربراهن کي گڏ ڪيو ۽ آمريڪا جي جارحيت ۽ هڪ هٽي بابت آگاهه ڪندي اهو چئي حوصلو ڏنو تہ “اسلامي دنيا هڪ بلاڪ ۽ ان کي پنهنجي حيثيت آهي، اچو تہ هڪ ٿي وڃون ۽ مڙي مٺ ٿي وڃون” ۽ پوءِ شاھ فيصل، ڪرنل قذافي، شهنشاهه ايران ۽ ياسر عرفات جهڙن عظيم ليڊرن کي هڪ ٽيبل تي آڻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيئرمين چونڊيو ويو.

ڳوٺن جي گهٽين مان ووٽ وٺي وزيراعظم بڻجندڙ ڀُٽي صاحب جڏهن ملڪ کان پوءِ عالمي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪئي تہ هن جي خلاف جنگ جوٽيندڙ سموريون قوتون هڪ ٿي ويون ۽ پاڪستان ۾ لانگ بوٽ وارن کي آشيرواد حاصل ٿي ويو. 5 جولائي 1977ع ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن، عوامي راڄ تي حملي جو ڏينهن، آمر ضياءُ الحق جي اڳواڻي، سڄو ملڪ مارشل لا جي ڪاري چنبي ۾ اچي ويو ۽ اظهار راءِ جي وات تي هٿ اچي ويو ۽ پوءِ ڪروڙين دلين جو هي شهزادو چوٿين اپريل 1979ع تي عوام جي هٿن مان کسجي ويو.