ڀُٽي صاحب واري دور وارو اسڪرپٽ ساڳيو آهي؟

0
187
ڀُٽي صاحب واري دور وارو اسڪرپٽ ساڳيو آهي؟

ڇا تاريخ پاڻ کي دهرائي رهي آهي؟ ماضي ۾ جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿيو، موجوده دور ۾ عمران خان سان ٿيندي نظر اچي ٿو. اِسڪرِپٽ ساڳيو آهي؛ بس ٿورا ڪردار مٽيل آهن. ڀُٽي خلاف مختلف مذهبي ۽ سياسي پارٽين جو گڏيل اتحاد، پاڪستان نيشنل الائينس عر ف پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) ٺهيو هو ته جيئن کيس سياسي طور شڪست ڏئي سگهن پر ائين ڪري نه سگهيا. مارچ 1977ع  ۾ قومي اسيمبلي جا ووٽ ٿيا هئا، جنهن ۾ پ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. پي اين اي وارن پ پ پ جي ڪاميابي کي ڌانڌلي قرار ڏئي صوبائي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ملڪ گير تحريڪ “نظام مصطفي” هلائي. اليڪشن ڪميشن معاملو ٺارڻ بدران ٻرندي مٿان تيل وارو ڪم ڪندي رهي. ڀٽو صاحب پاران پي اين اي کي راضي ڪرڻ واريون سڀ ڪوششون ناڪام ٿيون، ڇو ته اندروني طور جنرل ضياءُ الحق ڀٽي خلاف سازش ڪري رهيو هو. ضياءَ جي نالي ۾ لفظ “حق” هو پر عملن سڄو ناحق ثابت ٿيو.

                 بهرحال، هڪ طرف اڪيلو ڀٽو هئو، ٻئي طرف نَو جماعتي اتحاد. ڀٽي کي ڦاهي ڏيارڻ کانپوءِ پي اين اي کي اقتدار ملڻ بدران ملڪ ۾ جنرل ضياءَ جي ڊگهي آمريت آئي. هينئر ٿوري فرق سان حالتون ساڳيون آهن. هڪ پاسي عمران خان اڪيلو ته ٻئي طرف سڄي پي ڊي ايم بيٺي آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به چوي ٿو ته عمران رهندو يا اسان! ڏسون هاڻي ٻنهي مان ڪير ٿو رهي؟! پر افسوس، ڪالهه به اسٽيبلشمنٽ پردي پويان ويهي سياسي جماعتن کي ڪٽ پتلي وانگر هلايو، اڄ به ائين ئي ڪن پيا. نه ماضي ۾ سياسي سمجهه، برداشت ۽ بلوغت هئي، نه وري حال ۾ نظر اچي ٿي.

تنهنڪري، هاڻي ڇا ٿيندو؟ ڀلا هاڻي ڇا ٿيندو؟ هر روز عوام ۾ تجسس ۽ پريشاني وڌي رهي آهي ته ملڪ ۾ جاري سياسي ڊرامو ڪٿي دنگ ٿيندو. عمران خان وري اقتدار ۾ واپس ايندو، يا پي ڊي ايم جي حڪومت برقرار رهندي يا وري مرڳو مارشلا لڳندي.آخر ڇا ٿيڻ وارو آهي؟! شايد هي پاڪستان جي تاريخ جو انوکو ڊرامو آهي جنهن جو اختتام اڃان تائين ليکڪ به طئي ناهي ڪري سگهيو. مطلب حالتون اهڙيون آهن جو ٽنهي امڪانن مان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هن ڀيري طاقت جو مرڪز ڪو هڪ ناهي رهيو. ڪِٿي ڪٿي ائين لڳي ٿو ته ڪردار پنهنجي اِسڪرپٽ کان ٻاهر نڪري ويا آهن جنهن سبب ڏسندڙ اڃان وڌيڪ حيرانگي ۽ پريشاني ۾ وڪوڙجي رهيا آهن

هن پسمنظر ۾ هر ماڻهو جي ڪوشش آهي ته صحيح خبر پوي جيڪا هِن پولرائيزيشن واري زماني ۾ ملڻ مشڪل ٿي وئي آهي. صحافي، ڪالم نويس ۽ تبصري نگار تقريبن سڀ ورهايل آهن؛ هڪڙا پي ٽي آءِ جا حمايتي ته ٻيا وري پي ڊي ايم جا سهولتڪار آهن. پهرين ڌُر وارا قيامت جو منظر پيش ٿا ڪن ته ٻئي ڌر وارا سڀ ڪجهه نارمل يا ٺيڪ ٿي وڃڻ جو تاثر ٿا ڏين. پر حقيقت ڇا آهي؛ ٻنهي مان ڪير سچو ۽ ڪير ڪوڙو آهي؟ هن سوال جو جواب تڏهن ملندو جڏهن ماڻهو غيرجانبدار ٿي حالتن جو تجزيو ڪندو. هڪ مشهور چوڻي آهي ته هر ڪهاڻي جا ٽي پاسا ٿين ٿا؛ هڪڙو منهنجو، هڪڙو توهانجو ۽ ٽيون سچ. في الحال، سچ لاپتا ٿيل آهي. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته ميڊيا، خاص طور اردو تمام گهڻي جانبدار ٿي وئي آهي. نتيجي طور  ملڪ ۾ هڪ انتهائي غير يقيني ۽ افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي واري چونڊ وچ ۾ ٽنگيل آهي ان مٿان ٿوري نظر ڦيريون ٿا. آئين ۽ قانون وارين پيچيدگين ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته جيڪو اِمپائر (اسٽيبلشمنٽ) چاهيندو اهو ئي ٿيندو، پوءِ آئين ۾ گنجائش به ڪڍي وٺندا. هن هلندڙ اقتدار جي راند دوران اهو واضح ٿي چڪو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت اليڪشن ڪرائڻ جي بلڪل موڊ ۾ ناهي.

“نيوٽرل” به اهو ئي چاهين ٿا. عالمي قوتون به عمران خان جي خلاف آهن. هڪ اڳوڻي سفارتڪار سان ڪچهري ٿي، جنهن ٻڌايو ته سعودي عرب ۽ آمريڪا به عمران خان کي ٻيهر اقتدار ۾ نٿا ڏسڻ چاهين. ڇو نٿا ڏسڻ چاهين؟ انهن جا ڪهڙا مفاد هئا يا آهن جن کي عمران خان ڇيهو رسايو، ان بابت ڪو ٺوس جواب نه ڏئي سگهيو. بهرحال، عمران خان به سياڻو سياستدان آهي. سندس پارٽي پاران آمريڪا ۾ هڪ پي آر ڪمپني (تعلقات وڌائڻ) جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، جنهن جو نالو آهي “فينٽَن ارنُوڪ”. هن ڪمپني جو بنيادي ڪم اهو آهي ته آمريڪا وارن  کي ٻڌائين ته عمران خان ۽ سندس پارٽي آمريڪا جا مخالف ناهن. گڏوگڏ تحريڪ انصاف جا آمريڪا ۾ عهديدار آمريڪي سينيٽر ڪرس وان هولن لاءِ ٿيل فنڊ جمع ڪرڻ واري مهم ۾ به ڀرپور حصو ورتو. تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته ڪرس وان هولن سنڌ ڄائو آهي، سندس جنم ڪراچي ۾ ٿيو ۽ هينئر آمريڪا ۾ سينيٽر آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين ۾ رابطا بحال ٿي رهيا آهن، پر لڳي نٿو عمران خان کي آمريڪا مان تڪڙي موٽ ملندي.

هونئن به اها حقيقت آهي ته عمران خان بابت ڪجهه سوچي سمجهي پوءِ کيس هٽرايو ويو هو، پوءِ ڀلا هاڻي ايترو تڪڙو پنهنجو فيصلو ڪيئن تبديل ڪندا؟ تنهنڪري، هر ممڪن ڪوشش ڪندا ته عمران خان کي اقتدار کان پري رکجي. في الحال، پاڻ اهو بحث نٿا ڪريون ته عمران خان سٺو آهي يا خراب، بس اهو ٿا ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسٽيبلشمنٽ ڇا ٿي چاهي، پوءِ باقي ماحول ان حوالي پاڻهي ٺهڻ شروع ٿي ويندو آهي. ٻئي طرف عمران خان جي مقبوليت وڌي رهي آهي، سا به پنجاب اندر جيڪو صوبو وفاقي اقتدار جي ڪنجي آهي. وڏي ڳالهه ته عمران خان ويٺو به ملڪ ۾ آهي ۽ بَس به نٿو ڪري. جيڪڏهن نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو وانگر ڪجهه سال جلاوطن ٿي وڃي ته حالتون قابو ۾ اچي وينديون. تنهنڪري، عمران خان مان جان ڇڏائڻ جو طريقو آسان نٿو سگهي.

تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتون ٻڌائين ٿيون ته عمران خان جو مستقبل جيل ۽ نااهلي آهي، پر اِهو سڀ ايترو آسان نه هوندو، بلڪه تمام وڏو گند ٿيندو. ملڪ ۾ شام، يمن،ڏکڻ سوڊان، لبيا جهڙي سِول وار يا گهرو ويڙهه جو وڏو خطرو موجود آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هر اداري ۾ وڏا وڏا ڏار نظر اچي رهيا آهن. هر هنڌ مخالف ڌر ٺهي وئي آهي، جيڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. اسٽيبلشمنٽ، پارليامينٽ، عدليا ۽ ميڊيا سميت سڀني جا اختلاف کلي ظاهر ٿي رهيا آهن. هڪ انگريزي اخبار ۾ جنرل باجوه جو انٽرويو ڇپيو آهي جنهن ۾ تمام وڏو انڪشاف ڪيو اٿس ته، “ڊان ليڪس” ڪجهه به نه هو. هڪ سازش هئي. اصل ۾ اڳوڻو جنرل راحيل شريف ۽ آءِ ايس آءِ جو سربراه رضوان اختر ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف کان پنهنجي نوڪري ۾ ٽن سالن جو واڌارو /ايڪسٽينشن  پيا گهرن. ساڳئي ريت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪڙي ڳالهه ٿي ڪري ته لاهور هاءِ ڪورٽ ٻي ڳالهه. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چوي ٿو نوي ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرايو ته سندس ساٿي ۽ ماتحت سخت اختلاف رکي پاسيرا ٿي ويهن ٿا. اردو ميڊيا اندر به وڏو ڏڦيڙ آهي، ڪو ٽي وي چئنل ڏس ته پي ٽي آءِ وارو پاسو جهليو بيٺي آهي، ٻيو چئنل ڏسو ته پي ڊي ايم. انکان علاوه، طالبان به انتظار ۾ آهن ته ڏسون عمران خان سان ڇا ٿو ٿئي. ملڪ ۾ خطرناڪ پولرائيزيشن ٿي وئي آهي، جيڪا گهرو ويڙه ڏانهن وٺي ويندي. تنهنڪري، حالتن جي تقاضا آهي ته ماضي مان سبق سکي احتياط کان ڪم ورتو وڃي.

[email protected]