ذوالفقار علي ڀٽي جو قتل ۽ آمريڪا

0
178
ذوالفقار علي ڀٽي جو قتل ۽ آمريڪا

  ٻي عالمي جنگ کانپوءِ پنهنجي ڏاڍ جبر ۽ طاقت جي زور تي دنيا جي لٺ سردار بڻجي ويل، سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ عالمي برادري جي اڪيلي چڱي مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ آمريڪا بهادر طرفان ٽين دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي مرضيءِ جون نام نهاد جمهوري حڪومتون، آمر ۽ آمريڪا نواز سورما پيدا ڪري، کانئن مرضي جا ڪم وٺڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. ماضيءَ ۾ ايران، عراق جي تيل جي ذخيرن مٿان قبضو ڪري وچ اوڀر ۾ پنهنجي بالادستي کي سگھ بخشڻ لاءِ آمريڪا بهادر اهڙا ڪارناما سرانجام ڏئي چڪو آهي.دنيا جي ملڪن ۾ وڏي چالاڪي سان، منصوبابندي سان حڪومتون ڪيرائي پنھنجا ماڻهو ڀرتي ڪرڻ، پنهنجن وفادارن کي اتي جي عوام مٿان مڙهڻ اهڙا سوين لڱ ڪانڊاريندڙ دکدائڪ واقعا آمريڪا ٽين دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي سامراجي بالادستي کي مڃائڻ لاءِ ڪري چڪو آهي. ايران ۾ مصدق جو مثال سامهون آهي، جنهن جڏهن ايراني قوم جي ڳالھ ڪئي ۽ 1951 ڌاري ايراني تيل کي قومي ملڪيت ۾ ورتو، تڏهن اولھ جي سامراجي طاقتن کي پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ٿيو. پوءِ ڪيئن مصدق کي سازش وسيلي هٽائي ان جي جاءِ تي پنهنجي پڇ لٽڪائو سرڪار قائم ڪرائي وئي. اهڙا سوين مثال تاريخ جي رڪارڊ تي موجود آهن. مرضي جا ماڻهو آڻڻ هڪڙن کي اقتدار جا مزا چکائڻ ۽ ٻين کي قتل ڪرائي ڇڏڻ اهو آمريڪا جو ڪاروبار آهي. پاڪستان ۾ به آمريڪي اثر ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ آمريڪي مداخلت ڪا لڪل ڳالھ ڪونهي. ان جو هڪڙو مثال ذولفقار علي ڀٽو آهي، جنهن جي سياست ۽ حڪمت عملي سان اختلاف رکي سگهجن ٿا، پر بقول اسٽينلي وولپرٽ” قائداعظم کانپوءِ وڏي مقبوليت ماڻيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو آهي” (پڙهو؛ ذلفي ڀٽو آف پاڪستان) ڀٽي صاحب جي المناڪ انجام، سندس ڊرامائي اُڀار کانپوءِ زوال ڏانهن سفر، هر پاسي کان گهيرو تنگ ٿيڻ ۽ ويندي سندس موت بابت مختلف ليکڪن، تاريخدانن پنهنجا تجزيا، ويچار پيش ڪيا آهن. پنهنجي ڪتاب “پروفائيلس آف انٽيليجنس” ۾ برگيڊئير “ر” ارشاد احمد ترمذي پڻ ڀٽي صاحب جي زوال ۽ سندس خلاف کڙي ٿيل طوفان ۽ سندس قتل بابت تفصيل سان لکيو آهي. ڀٽي صاحب خلاف ان وقت پيدا ٿيل ڊرامائي صورتحال کي بيان ڪندي هو لکي ٿو ته: “آمريڪا فيصلو ڪري ڇڏيو ته ذوالفقار علي ڀٽي جو وجود ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي، ان لاءِ هُن پنهنجا “شڪاري ڪتا” بڇي ڇڏيا. 77-1976 دوران ڀٽي جي خلاف جيڪي سياسي ۽ اقتصادي بحران پيدا ٿيا، ان چڻنگ کي هڪ وڏي مچ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آمريڪا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهن مان ڪي چند اهم مثال هيٺ ڏجن ٿا.

(1) ڪجھ آمريڪي سفارتڪارن پي.اين.اي جي ڪيترن ئي رهنمائن سان “دوستي” جو شرف حاصل ڪري ورتو ۽ هر طرح سان انهن جي امداد ڪرڻ لڳا.

(2) آمريڪا انتهائي چالاڪي سان ڪيترن ئي بيوروڪريٽس، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، مرڪزي عهديدارن، وزيرن کي پنهنجي حلقي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. انهن ايجنٽن جي ذريعي سي.آءِ.اي کي نه صرف اندر جون خبرون ملنديون رهيون پر هُو انهن ماڻهن جي مدد سان پنهنجن سازشن جي ڄار کي وڌيڪ ڦهلائيندو رهيو.” (صفحو_44) ۽ پوءِ نتيجي ۾ اسان ڏٺو ته ڀٽي صاحب جي انهن “خيرخواهن” کيس مشڪل وقت، بحراني وقت مان نڪرڻ لاءِ ڪهڙيون صلاحون پئي ڏنيون. جهڙوڪ؛ انهن ڀٽي صاحب کي چيو پئي ته پيپلزپارٽي لاءِ اسيمبليءِ ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. جن ڏينهن پي.اين.اي جي تحريڪ زورن ۾ هئي ته ساڳين صلاحڪارن کيس تحريڪ کي هٿيارن ذريعي چٿڻ جي به صلاح ڏني ۽ ڀٽي صاحب انهن تجويزن تي غور ڪرڻ پڻ شروع ڪري ڇڏيو.

آمريڪا بهادر جي اهڙين نيڪين، ڪرم نوازشن کانپوءِ ڀٽي صاحب جي ڦاهيءِ متعلق ليکڪ اڳتي هلي لکي ٿو؛ “انهن ڏينهن ۾ جڏهن اڃان ڀٽي صاحب مٿان سپريم ڪورٽ ۾ نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل جي الزام جو ڪيس هلي رهيو هو، مون کي هڪ دوست نياپو ڪيو ته، اڄ ڪيئن به ڪري مون سان ملجانءِ، دوست کي، يو. ايس.آءِ. ايس جي ٽيلڪس روم تائين رسائي حاصل هئي، تنهن هڪ خفيه ڪوڊ ۾ پيغام ڏنو، مون کائنس اهو حاصل ڪري آفيس اچي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته، پهرين ته ايترو سمجهيو جو هي واشنگٽن مان موڪليل هڪ ٽيلي گرافڪ پيغام آهي. پيغام کي جڏهن مون ڊي.ڪوڊ ڪيو ته مون کي پڙهي حيرت لڳي جو، واشنگٽن مان پاڪستان ۾ موجود پنهنجي دفتر کي اها هدايت ڏني وئي ته ڀٽي جي ڦاسي کي يقيني بڻايو وڃي. منهنجي لاءِ اهو پيغام دکدائڪ ۽ چڙ، ڪاوڙ ڏياريندڙ هو جو اهو پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ سنئين سڌي مداخلت جي برابر هو.” هُو اڳتي هلي لکي ٿو “ڀٽي ڪيس جي قانوني حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي انهن ڏينهن جي چيف جسٽس، مسٽر جسٽس شميم حسين قادري سان ملياسين. هُن مطابق ته قانوني طور ڀٽي کي ڦاسي نه ٿي ڏئي سگهجي؛ هڪ ته ڀٽو سڌي طرح قتل ۾ ملوث ناهي، ٻيو ته مون کي شڪ آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن جو فيصلو ورهايل هوندو ۽ اهڙي صورت ۾ قتل جي سزا نه ڏني ويندي آهي. انهن دليلن کانپوءِ مون کي يقين ٿي ويو ته ڀٽي کي ضرور ڦاسي ڏني ويندي. ڇو ته جيڪڏهن ڀٽو قانوني طور سزا جو حقدار هجي ها ته ان پيغام جي ضرورت نه پوي ها.” (صفحو_48،49)