ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي تعليم ۽ ثقافت جي وزيرن خطاب ڪيو

0
21
ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي تعليم ۽ ثقافت جي وزيرن خطاب ڪيو
ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي تعليم ۽ ثقافت جي وزيرن خطاب ڪيو

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ٻن ڏھاڙن واري ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آھي. ڪانفرنس جي افتتاح سيشن کي تعليم جي وزير سردار شاھ ثقافت ۽ سياحت جي وزير ذوالفقار علي شاھ ،سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي ، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو ، ڊاڪٽر انجم الطاف، ڊاڪٽر ناصر عباس نيئر ،مدد علي سنڌي، رفيق وساڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. تعليم جي وزير سردار شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نئين نسل جيڪا سنڌي صورتخطي پڙھي نه ٿي سگھي ان نسل کي سنڌيء سان جوڙڻ لئه رومن سنڌي کي ھڪ آپشنل ٻولي طور اختيار ڪرڻو پوندو، ھن چيو ته ھن صديء ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ختم ٿي وينديون. سردار شاھ چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀيرا ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لئه جيڪي بل پيش ڪيا ويا ان ۾ غلطي ڪئي وئي،آدم شماري جي بنياد تي ٻولين کي لاڳو ڪرڻ جو قانون نه ٿو ٺھي سگھي. ھن چيو ته سڌو سڌو چار صوبن جون چار ٻوليون آھن ، سنڌي ، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لئه ٻيھر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بل پيش ڪيا وڃن.اسان کي بنگال جي ڪيس مان سکڻو پوندو.رياستي رڪاوٽن باوجود اسان سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياري سگھون ٿا. سردار شاھ چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت گڏيل قومي نصاب جي نالي تي اسان کان سنڌي ٻولي کسي پئي وئي تڏھن اسان ان کي قبول نه ڪيو ھئو مون شفقت محمود کي چيو ھئو ته اسان لساني مارشل لا کي قبول نه ڪنداسين. مون اھو شرط رکيو ھئو ته پنجاب جي اسڪولن ۾ پنجابي پڙھايو اھڙي ريت چئني صوبن جي اسڪولن ۾ مادري ٻولين ۾ پڙھائڻ جي شق گڏيل نصاب ۾ رکو ته اھا ڳالھ شفقت محمود نه مڃي، بعد ۾ جڏھن شھباز شريف ۽ اسان جي گڏيل حڪومت آئي ته اسان اھو فيصلو مڃرايو ، اڄ مريم نواز پنجابي پڙھائڻ جي دعوا ڪري پئي پر اھو مون فقير جو ڪريڊٽ آھي. ان کان اڳ خطاب ڪندي ثقافت ۽ سياحت جي وزير ذوالفقار علي شاھ چيو ته ملڪ جون سموريون ٻوليون ھڪ ٻئي جي مدد ڪنديون آھن پاڪستان ۾ رھندڙ ڪنھن به قوم ۾ لساني فرق ڪونھي ،سنڌي ٻولي تربيلا کان لسٻيلي تائين ڳالھائي ويندي آھي، پاڪستان کان ٻاھر سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائي ويندي آھي ،ذوالفقار علي ڀٽو 1972 جي ايڪٽ تحت سنڌي ٻوليء کي قانوني تحفظ ڏنو ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي ٺھي ھن چيو ناليوارا سنڌي اديب ليکڪ اڳيان اچن اسان کي صلاحون ڏين اسين سينئرز تي ٻڌل ڪاميٽيون جوڙينداسين. ڪليم الله لاشاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تھذيب گوتم ٻڌ کان گھڻو اڳ جي تھذيب آھي ،اڄ جي دور ۾ ڊي اين اي ذريعي ٻولين جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آھي. ڊاڪٽر ناصر عباس نيئر چيو ته انساني علم ۾ سڀ کان وڌيڪ اھميت ٻوليء جي آھي زبان جو علم ۽ ميراث سان گھرو تعلق آھي. ڊاڪٽر انجم الطاف چيو ته پنجاب جي اسڪولن ۾ پنجابي نه ٿي پڙھائي وڃي ڇوته پنجاب ۾ پنجابي پڙھائڻ جي اجازت ناھي. ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو پنھنجا مقالا پيش ڪيا. ان کان مھمانن کي اجرڪون اوڍايون ويون ۽ سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري پاران يادگاري شيلڊون پيش ڪيون ويون