پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ۾ گهر مان عورت جو لاش هٿ، وارثن پاران آپگهات قرار، ڳلي تي تشدد جا نشان، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش، پوليس پوسٽ مارٽم ڪرايو، قتل جا چوٻول، خبر موجب شھر جي غريب آباد پاڙي ۾ عورت مسمان روشن زال يار محمد ميراڻي جو گھر مان لاش مليو، عورت جو لاش وارث تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا، اسپتال ۾ عورت جي وارثن سندس موت خودڪشي قرار ڏنو ۽ لاش بنا ڪارروائي جي کڻي وڃڻ کانپوءِ قبرستان ۾دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس پھچي وارثن کان تفصيل ورتا ۽ لاش کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو، اسپتال ذريعن جو چوڻ آھي ته عورت جي ڳلي تي نشان هئا، ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته عورت کي ڪارنھن الزام ھيٺ گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جو ڊرامو رچايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي جاچ ڪئي پئي وڃي، في الحال ڪجھه نٿو چئي سگھجي.