ميرپور ساڪرو (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي)سميجا ۽ کيرا برادري ھڪٻئي جون عورتون اغوا ڪرڻ بعد ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ميرپور ساڪرو شھر پڻ بند رھيو، کيرا برادري جي ماڻھن پاران سندن اغوا ٿي ويل ٽن عورتن جي واپسي لاءِ ميرپور ساڪرو ۾ مين روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. کيرا برادري جي ماڻھن جو چوڻ ھو ته سميجا برادري جي ماڻھن اسان جي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري ھٿيارن جي زور تي اسانجون 3 عورتون اغوا ڪيون آهن، جنهن ڪري اسان روڊ تي نڪري آيا آھيون، انصاف ڪري اغوا ٿيل عورتون واپس ڪرائي اغوا ڪارن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل سميجا برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پھريان کيرا برادري جي ماڻھن اسان جي ھڪ عورت اغوا ڪئي جنھن جي موٽ ۾ اسان اھا ڪاروائي ڪئي آھي. ھنن پڻ انصاف جو مطالبو ڪندي اغوا ٿي ويل عورت واپس ڪرائڻ جي گھر ڪئي. احتجاج ۽ ڇڪتاڻ سبب ميرپور ساڪري شھر ۾ خوف ۽ ھراس ڇانيل آهي، ٻنھي ڌرين جا ماڻهو ھٿيارن ۽ لٺين سان ليس ٿي شھر ۾ گھمندا رهيا جنھن ڪري ڪنھن به وقت وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو، پر حد جي پوليس توڙي انتطاميا ڪو به تحرڪ ناھي ورتو. جڏھن ته روڊ پڻ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بند ھجڻ ڪري ھڪ ايمبولينس کي رستو نه ملڻ ڪري ھڪ 3 سالن جو معصوم ٻارڙو نور علي ولد ممتاز مرگھر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ڊي ايس پي ميرپور ساڪرو ۽ ايس ايچ او ميرپور ساڪرو ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.