حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ ٽيل آبادگار تنظيم خيرپور گنبوهه جي سڏ تي 17 شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ خلاف لاڙ پٽي جي آبادگارن اي سي روهڙي سرڪل جي آفيس پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج دوران آبادگارن چتاءُ ڏنو ته جيستائين کين پاڻي فراهم نه ٿيندو اوستائين هو اي سي آفيس ۾ پنهنجو احتجاج جاري رکندا. ڌرڻي دوران کوسڪي، سانگي، ڪامارو، ٻنگار، جرڪس، باگو مائينز، آئل پور، چڱو شاخ، بصران 2 سميت ٻين شاخن جي آبادگارن پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا، ڪربلا جا اڀ ڏاريندڙ نعرا به هنيا. ان موقعي تي قاضي ڪرم الله، پيربخش هاشماڻي، عظيم خان لغاري، سيد عطاءَ الله شاهه، محمود مرزا ۽ ٻين چيو ته آبپاشي کاتي بدين جي نااهلي سبب ڪافي عرصي کان کين پڇڙي تائين پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي جنهن ڪري سندن پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن. هنن چيو ته جر جو پاڻي کارو هئڻ سبب انسان، پکي توڙي جانور قيامت خيز گرمي ۾ اڃ وگهي تڙپن پيا پر کين فصل ته پري جي ڳالهه پيئڻ لاءِ به پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي. ڌرڻي ۾ شريڪ آبادگارن الزام هنيو ته منڍ ۾ تمام گهڻو پاڻي موجود آهي پر آبپاشي کاتي جا عملدار سندن حصي جو پاڻي به منڍ جي بااثر آبادگارن کي پئسن عيوض وڪرو ڪريو ڇڏين جنهن ڪري پڇڙي ۾ هاڻي سندن زمينون ڀڙڀانگ ٿي رهيون آهن. آبادگارن چيو ته پاڻي نه هئڻ سبب سندن لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، شڪايتن باوجود ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.ٻي طرف  آبادگارن سان اي سي روهڙي ڪئنال جي عملدارن ڳالهيون ڪري کين خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.