ملير (رپورٽ: ناز شر ) ملير پوليس گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻالڪ جي موت جو ذميوار مائٽن کي قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ شاهه لطيف واري  علائقي ۾ 2 مهينا اڳ ستن ورهين جي ٻالڪ  محسن لاشاري جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ عدالت پاران توهين عدالت جي ڏنل نوٽيس تي پوليس پاران ملير جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت  ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي ، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل مارچ  ۾ برساتن دوران پاڻي جمع ٿيو، علائقي واسين پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء سيوريج لائين جا ڍڪڻ کولي ڇڏيا،  وارثن جي لاپرواهي سبب نينگر محسن لاشاري کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيو،  پوليس موجب نينگر محسن لاشاري جي فوتگي وارو ڪيس ٻڌڻ جوڳو ناھي. پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوتي ٻالڪ جي وارثن وٽ ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ ۽ ميڊيڪل رپورٽ پڻ ناھي، ٻئي طرف فوتي ٻالڪ جي ڏاڏي جي وڪيل ايڊووڪيٽ خالد شر موجب فوتي نينگر جو ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ ۽ ميڊيڪل رپورٽ موجود آھي. پوليس ڊي سي ملير . ايم ڊي اي  چيف ۽ ٻين ذميوارن کي بچائڻ چاهي ٿي، انهي ڪري عدالتي حڪم باوجود ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان  24 مئي تي عدالت کي انصاف لاءِ درخواست ڪنداسين